محرم جي احترام ۾ موبائل سروس بند رکڻ جو فيصلو
محرم الحرام دوران سيڪيورٽي کي مد نظر رکندي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ عاشور واري ڏينهن جي موقعي تي موبائل سروس معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزارت داخلا پنجاب 7 شهرن جي ضلعي انتظاميه کان موبائل سروس بند رکڻ جا وقت گهريا آهن. موبائل سروس معطل ڪرڻ وارن شهرن ۾ لاهور، شيخو پوره، راولپنڊي، جهلم، چنيوٽ، اوڪاڙه ۽ بهاولپور شامل آهن. صوبائي وزارت داخلا جي طرفان ضلعي انتظاميه کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته نشاندهي ڪيل شهر جلد ڪم ڪار واري وقت ۽ علائقن جو تعين ڪن. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪم ڪار وارا وقت پي ٽي اي کي موڪليا ويندا ته جيئن ڪنهن به نا خوشگوار واقعي کان بچي سگهجي.

