بنارس کان ٻاهر….
الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل
بنارس کان ٻاهر….
الطاف شيخ
ايران جي شهر مشهد ۾ پهچڻ سان پهريون ڏينهن شام جو پنهنجي ٽريول ايجنٽ ۽ گائيڊ محمد عليءَ کان مون هن شهر بابت اهو پڇيو هو ته يار هي شهر ايڏو صاف سٿرو ڪيئن رکيو ويو آهي. مشهد شهر جو مرڪز اِمام رَضا جو روضو مُبارڪ آهي جنهن جي زيارت لاءِ ايران ۽ دنيا کان روزانو هزارها ماڻهو اچن ٿا ۽ اڌ ميل کن جي دائري ۾ انهن زائرين جي پيهه پيهان رهي ٿي. ڀٽ شاهه يا قلندر شهباز جي ٽن ڏينهن جي ميلي ۾ ئي گهٽين ۽ رستن تي ڇا گند ڪچرو ٿئي ٿو جيتوڻيڪ مشهد يا بنارس جي مقابلي ۾ اتي ماڻهن جو هڪ معمولي ميڙو مچي ٿو. مشهد ۽ بنارس اهي شهر آهن جن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رَهي ٿو. اهڙي حالت ۾ روزانو مشهد جو سوڙهيون گهٽيون ۽ ويڪرا رستا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڏسي مونکي حيرت ٿي هئي. پوءِ هڪ رات ڇا ٿيو جو اسان جو گائيڊ مانيءَ لاءِ هڪ ڏورانهين جاءِ تي وٺي ويو جِتان موٽندي رات جو هڪ ڏيڍ ٿي ويو. مشهد پهچي پنهنجي هوٽل ڏي ايندي ڏٺم ته صفائي ڪرڻ وارن خاڪروبن جي ڄڻ ته هڪ فوج هئي جيڪا هر گهٽيءَ ۾ ٻهارن سان صفائي ۾ مشغول هئي. جنهن جنهن گهٽيءَ جي ٻهاري مڪمل ٿي چڪي هئي ان کي فائر برگيڊ جهڙين گاڏين ذريعي پريشر پمپ سان پاڻي سان ڌوتو پئي ويو. ان وقت مونکي سمجهه ۾ آيو ته صبح جو اٿڻ سان گهٽين کي جيڪو چمڪندو ڏسون ٿا ان پٺيان هِتي جي ميونسپالٽيءَ جا هي جِنَ آهن جيڪي سڄي رات ايمانداري سان ڊيوٽي ڏين ٿا.
بنارس شهر جي ميونسپالٽي به پنهنجي شهر کي صاف رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر مشهد، مڪي يا مديني جهڙن شهرن جي ٻي ڳالهه آهي. اتي جون حڪومتون امير آهن. انهن ملڪن جي آدمشماري انڊيا کان گهڻي گهٽ آهي ۽ تيل جي ڪمائي جو وڏو پئسو آهي. گهٽ بجيٽ هوندي به بنارس کي بهتر بنائڻ لاءِ حڪومتي ڪارندا ڪوشان رهن ٿا، پر انڊيا جي ٻين شهرن وانگر، بلڪه انهن کان به وڌيڪَ هِتي جي گهٽين ۽ روڊ رستن تي ماڻهن ۽ ڪُتن، ٻلن ۽ ڍڳين جي گونهه مُٽَ جي بدبوءِ رَهي ٿي. روزانو سٺ هزار کان هڪ لک ماڻهو گنگا ۾ وهنجن ٿا، ڪپڙا ڌوئين ٿا، مري ويلن جي رک ڦٽي ڪئي وڃي ٿي، ويندي لاش ٻوڙيا به وڃن ٿا.. ان ڪري گنگا ۾ به ايتري گدلائي آهي جو عام حالت ۾ هڪ منٽ لاءِ ٽٻي ڏيڻ تي به دل نٿي چوي يعني اسان جهڙن غير هندو ٽوئرسٽن جي باقي هندن کي ته دل ۾ عقيدت ۽ مذهبي جوش هجڻ ڪري کين تڪليف بدران سڪون ٿو پهچي. مُردن جي سڙڻ جي ڪري فِضا ۾ دونهون ۽ سڙاڻ جي پڻ بوءِ رهي ٿي.
پر اڄ شهر جي گپا گيهه، شهر جي گوڙ گهمسان، شهر جي خوشبوئن ۽ بدبوئن کان ڏور، شهر کان ٻاهر کلئي ماحول ۾ ساهه کڻندي مزو اچي رهيو هو. آٽو رڪشا وارو ڊرائيور ڪرشن به خوش مزاج لڳي رهيو هو ۽ منهنجو گائيڊ لکنئو جو عثمان به سٺي طبيعت جو هو. هونئن انڊيا اچي توهان کي اها ڳالهه ضرور محسوس ٿيندي ته انڊيا جي هر شهر جو دڪاندار، مزور، ڪُولي، ڊرائيور، هوٽل جو بئرو اسان جي ملڪ جي ماڻهن کان طبيعت ۾ ٿڌو، Polite، ٿوري ئي خرچي (Tip) ڏيڻ تي گهڻو خوش ٿيڻ وارو آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو ولايت جي ملڪن ۾ آفيسن ۾ نوڪري لاءِ يا ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ انڊيا ۽ بنگلاديش جي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اسان وارو رڪشا ڊرائيور ۽ گائيڊ به ڪجهه پئسا ڏيڻ تي منهنجو بيحد گهڻو خيال ڪري رهيا هئا ۽ رستي تي آٽو رڪشا بيهاري فوٽو ڪڍڻ يا هڪ ٻه مندر ڏسڻ لاءِ هو مون سان تمام گهڻو cooperate ڪري رهيا هئا.
اسان گنگا ندي ٽپي، اڳيان بنارس جي سِول ڪورٽ ۽ ان بعد يو پي ڪاليج ۽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراس ڪيوسين. هاڻ اسان واري رستي ”سڌائورا“ روڊ جو نالو ”ورانسي روڊ ٿي ويو. اسان کي ورانسي (بنارس) کان ڏهه ٻارهن ڪلو ميٽر کن ٻاهر سرناٿ (Sarnath) وڃڻو هو جيڪا ٻوڌين (ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن) لاءِ پاڪ جاءِ آهي جِتي گوتم ٻڌ اندر جو اجالو حاصل ڪرڻ بعد پهرين هِتي اچي واعظ ڪيو هو. هِتي تمام آڳاٽا اسٽوپا (Stupa) پڻ آهن.
اسان جو روڊ بنا ڪنهن شاخن جي سڌو ئي سڌو ”اتر اوڀر“ ڏي وڃي رهيو هو. رستي تي هڪ ”پراڳتي اسپتال“ نظر آئي جنهن بعد هن روڊ جو نالو ورانسي روڊ مان ”سنڌورا ـــ گرٿاما“ روڊ ٿي ويو. ٿورو اڳيان هلياسين ته هڪ ڪوهاني نالي مسجد به نظر آئي. ان بعد ٻڍاپور ـــ انڙپور جهڙو هڪ ننڍڙو ڳوٺ لاماهي Lamahi نظر آيو. اسانکي ٻهراڙي جو سير ڪرائڻ لاءِ اسان سان گڏ هلندڙ عثمان هن ڳوٺ لاماهي وٽان لنگهڻ وقت چيو ته ”اردو ۽ هندي ادب ۾ هن ڳوٺ جي وڏي اهميت آهي“.
مون سمجھيو ته ڳوٺ ۾ شايد ڇپائي جون پريسون لڳل آهن جن ۾ اردو ۽ هندي ادبَ جا شروعاتي ڪِتاب ڇپيا هجن، پر عثمان ٻڌايو ته ”لاماهي ۾ ماڊرن هندي ۽ اردو جي شروعاتي افسانن جو خالق منشي پريم چند ڄائو هو جنهن 300 کن افسانا ۽ ناول لِکيا.“
بنارس ۾ ڪجهه ٻيا ڏينهن رهڻ دوران مون محسوس ڪيو ته منشي پريم چند تي نه فقط سندس ڳوٺ لاماهي، پر بنارس شهر ۽ سڄو ضلعو فخر ڪري ٿو ۽ ادب جي دنيا هن کي عظيم ناول نِگار ۽ ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ يعني پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهي ۾ جڏهن ٽي وي يا ڪمپيوٽر جهڙيون شيون نه هيون ته اسان شاگردن لاءِ ڪِتابَ پڙهڻ واحد وندر هوندي هئي. هڪ ٻئي تي برتري يا لئه رکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻا ۽ مختلف اديبن جا ڪِتاب پڙهي هڪٻئي سان ڀيٽ ۽ بحث مباحثا ڪندا هئاسين. آئون ڳوٺ ۾ توڙي پيٽارو ۾ اردو نه پڙهيس، پر اردو جا رسالا ۽ ڪِتابَ پڙهي پڙهي نه رڳو اردو/هندي ادبَ جو واقف ٿيس پر پوءِ اڳتي هلي اردو جو ليکڪ به ٿي ويس ۽ هيسيتائين اردو جي ڇپيل ڪجهه ڪِتابن مان هڪ ”ايران ڪي دن“ تي ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. بهرحال هيءَ ڳالهه ان ڪري کڻي لکي اٿم جيئن اڄ جا والدين ۽ ٽيچر پنهنجن ٻارن کي گهڻي کان گهڻيون ٻوليون سکڻ لاءِ همت افزائي ڪن جيئن اسان کي اسان جي والدين رهنمائي ڪئي. ٻار جو ڌيان ٻين غلط سلط ڳالهين تي وڃڻ بدران هو پڙهڻ جهڙين سٺين عادتن تي لڳائي ته ان ۾ سندس، سندس فئملي ۽ ملڪ ۽ قوم جو فائدو ئي آهي.
بهرحال ڪاليج جي ڏينهن ۾ جن اردو ليکڪن جا ڪِتابَ مون شوق سان پڙهيا انهن مان ڪرشن چندر، سعادت حسين منٽو، قرة العين، شفيق الرحمان ۽ منشي پريمچند پڻ ڪجهه هئا. منشي پريم چند جو اصل نالو ”ڌن پت راءِ“ هو. هو 1880ع ۾ بنارس جي پوسٽل ڊپارٽمينٽ جي هڪ ڪلارڪ منشي عجائب لال جي گهر ۾ هن لاماهي ڳوٺ ۾ ڄائو. منشي پريم چند بنيادي تعليم ڳوٺ جي هڪ مدرسي مان هڪ مولوي کان ورتي جِتي هو اردو پڙهيو. هن جا ماءُ پيءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويا. هو نائين ڪلاس ۾ 15 سالن جو هو ته هن جي شادي ٿي. اها ڳالهه اڄ ڪلهه جي ٻارن لاءِ حيرت جي ضرور هوندي پر جيسين اسين شاگرد هئاسين اسان جي ڏينهن ۾ به اهو رواج عام هو. مئٽرڪ بعد ته ڪيترن جي ئي شادي ٿي ويندي هئي، پر منهنجي هڪ ڳوٺاڻي ڪلاس ميٽ ولي محمد ڀوڳڙي ميمڻ جي شادي اٺين ڪلاس ۾ ٿي هئي. منشي پريم چند انٽر پاس ڪرڻ بعد پرائمري اسڪول جو ٽيچر ٿي رهيو ۽ ساڳي وقت هن پڙهائي به قائم رکي. 1919ع ۾ هن B.A پاس ڪئي ۽ نوڪري ۾ ترقي ٿيندي ٿيندي هو ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. انگريزن خلاف مهاتما گانڌي جي سڏ تي هن نوڪري ڇڏي ڏني. ان بعد هو اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪهاڻيون لکڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ ڪانپور مان ”زمانا“ نالي مئگزين نڪرندي هئي جنهن ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ڇپي. ميدان، عمل، بيواهه، چوگان، سوزِ وطن سندس ڪجهه ڪِتابن جا نالا آهن ۽ سندس افسانن مان ڪجهه مشهور افسانا آهن: قاتل ڪي مان، زيور کا ڊبا، گلي ڊنڊا، عيد گاهه، نمڪ ڪا داروغه، ڪفن وغيره ۽ هن جي افسانن جي مجموعن جا نالا آهن: پريم پچيسي، پريم بتيسي، واردات ۽ زادِ راهه وغيره.
منهنجي گائيڊ عثمان چيو ته منشي پريم چند کي انڊيا ۾ افسانن جو ابو سڏيو وڃي ٿو. ”هن مسلمانن ۽ هندن جي ٻڌيءَ لاءِ توڙي تعليم لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. هن پنهنجي لکڻين ذريعي ماڻهن کي علم ۽ آگاهي ڏيڻ ٿي چاهي.
عثمان ٻُڌايو:
منشي پريمچند 1936ع ۾ گذاري ويو…. ان تان مون کي ياد آيو ته اسان جو دوست سنڌي، اردو ۽ انگريزي جو اَديبُ امر جليل ان سال ڄائو هو. پريمچند اسان جي قائد اعظم محمد علي جناح کان 4 سال ۽ ڊاڪٽر اقبال شاعر کان 3 سال ننڍو هو، جيڪي 1876ع ۽ 1897ع ۾ ڄاوا هئا.
اسان لاماهي پهتاسين ته عثمان چيو ته بس سمجھو ته گوتم جي تاريخي جاءِ ”سرناٿ“ پهچي ويا آهيون. اسان سنڌ جا رهواسي گوتم ٻڌ جي نالي کان چڱي طرح واقف آهيون جو سنڌ ۾ اسلام جي آمد کان اڳ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جا ماڻهو رهيا ٿي. گوتم ٻڌ جيڪو سڌارٿا گوتم جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڄمڻ کان 563 سال اڳ هماليه جبلن جي قدمن وٽ شاڪيا نالي آڳاٽي ريپبلڪ ۾ ڄائو…. ان ڪري گوتم کي شاڪياموني به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ جنهن هنڌ تي اچي گيان ڪيائين اهو ڳوٺ ”ٻُڌگيا“ سڏجي ٿو ۽ جنهن پپر جي وڻ هيٺان ويهي دنيا کي سمجھڻ جي سوچَ ويچار ڪئي. اهو وڻ ”ٻُوڌي وڻ“ سڏجي ٿو. هن پڪو پهه ڪيو ته جيسين هن کي حقيقت ۽ سچ جي روشني نصيب نه ٿيندي تيسين هو پٿل ماري ان وڻ هيٺان ويٺو رهندو.
”ساڻس گڏ سندس معتقد ۽ مريد ڪائوندِنيا ۽ چار ٻيا ساٿي پڻ هئا“، اسانجي گائيڊ عثمان ٻڌايو، ”گوتم کي اڳتي جو سفر جاري رکڻ بدران ائين هڪ هنڌ ويٺل ڏسي سندس هنن مريدن گوتم جو پوئلڳ ٿي هلڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو، پر پوءِ 49 ڏينهن کن جي چِلي بعد هن کي سچ جي روشني سان سندس اندر اجرو ٿي وڃڻ جو احساس ٿيو. ان ڏينهن کانپوءِ سڌارٿا يعني گوتم ”ٻُڌ“ سڏجڻ لڳو يعني Awakened one (سجاڳيل) يا کڻي چئجي ته ٻڌ جي معنيٰ آهي The Enlightened (نوراپيل).“