بني بشر: (يووال نوح هراري) انساني تاريخ جو مختصر احوال ڊاڪٽر ضياءُ الدين عرساڻي
تقريبن 14 ارب سال اڳ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ مادو، توانائي، خلا ۽ وقت وجود ۾ آيا. ڪائنات جي انهن بنيادي جزن جي مطالعي کي طبعيات چئجي ٿو. ان واقعي کان اٽڪل ٽي لک سال پوءِ مادو ۽ توانائي گھاٽا ٿيڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ اڻا (Atoms) وجود ۾ آيا. اڻا ملي پرماڻا(Molecules) ٿيا. اڻن ۽ پرماڻن جي مطالعي کي ڪيميات چئجي ٿو. متفرق اڻن ۽ پرماڻن جي آميزش ملي وڏا جسم ٺاهيا. اسان جي ڌرتي به انهن مان هڪ جسم آهي، جيڪا لڳ ڀڳ ساڍا 4 ارب سال اڳ وجود ۾ آئي. ڌرتيءَ جي مطالعي کي اسين ارضيات چئون ٿا. ڌرتيءَ تي پرماڻن ملي وڏا پرماڻا ٺاهيا، جن کي اسين نامياتي پرماڻا چئون ٿا. نامياتي پرماڻن جي مطالعي کي اسين نامياتي ڪيميات چئون ٿا. تقريبن 3.8 ارب سال اڳ نامياتي پرماڻا هڪ ٻئي سان جڙي انتهائي پيچيده بناوتن ۾ ڳنڍجي ويا، جن کي اسين يڪ گھرڙياتي جيوڙا(Unicellular Organisms) چئون ٿا. انهن جيو گهرڙن جي وجود ۾ اچڻ سان ڌرتيءَ تي حياتيءَ جي شروعات ٿي. اهڙن جيو گهرڙن جي مطالعي کي جيو اڀياس(Biology) ڪوٺيندا آهن. اهڙن جيوڙن اڳيان هلي وڏن گھڻ گھرڙياتي Multicellular Organisms کي جنم ڏنو جيڪي ٻوٽن ۽ جانورن جي شڪل ۾ موجود آهن. جانورن جي مطالعي کي اسين حيوان اڀياس(Zoology) ۽ ٻوٽن جي مطالعي کي ٻوٽاڻ اڀياس(Botany) چئون ٿا. لڳ ڀڳ ڪروڙ سال اڳ هڪ جانور اُسريو جيڪو ٻن پيرن تي هلڻ لڳو. 60 لک سال اڳ انسان ۽ بنمانس جي آخري مشترڪه ماءُ فوت ٿي وئي. 25 لک سال اڳ آفريڪا ۾ انسان اُسريا، جن پهريان پٿر جا اوزار ٺاهيا. 20 لک سال اڳ انسان آفريڪا کان يورپ ۽ ايشيا تائين پکڙجي ويا ۽ انسان جي مختلف جنسن جي اوسر شروع ٿي. 5 لک سال اڳ يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ مختلف انساني جنس اُسري جيڪا نيئينڊرٿل جي نالي سان سڃاڻجي ٿي. 3 لک سال اڳ انسان باهه جو استعمال سکي ورتو. 2 لک سال اڳ اوڀر آفريڪا ۾ موجوده انساني نسل اُسريو جنهن کي هومو سيپين (بني بشر) سڏين ٿا. 70 هزار سال اڳ انسان ۾ شناسائيءَ جو انقلاب آيو. ان انقلاب منجھه انسان ۾ سوچڻ، سکڻ، ڳالهائڻ، ياد رکڻ ۽ تصور ڪرڻ جي به صلاحيت اُڀري. ان تصور ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري انسانن ۾ افسانوي ٻوليءَ جنم ورتو. جنهنڪري انساني ٻوليءَ ۾ اهڙا اسم آيا جن جو حقيقت ۾ ڪوبه وجود نه هو. مثال طور: خدا، جنت، دوزخ، شيطان، ملائڪ، فرشتا، جِنَ، جنڙي، ديو، ديوي، براڪ (اڏامندڙ گھوڙو)، يوني ڪارن (هڪ سڱو جانور)، غيبات، ازدها (وات مان باهه ڪڍندڙ جانور)، ڏائڻ، ڀوت، راڪاس، ديوتا، ڀڳوان، پري، حور ۽ مرميڊ (عورت جو منهن، مڇيءَ جو جسم)، روح ۽ سرڪٽو وغيره وغيره. جيتوڻيڪ اهي اسم ايترا پراڻا ناهن، پر هڪ اندازي موجب اهڙن فرضي ڪردارن جو تصور 70 هزار سال اڳ کان ئي شروع ٿي ويو. ان جو ٺوس ثبوت شڪل نمبر 1 ۾ ڏيکاريل فرضي ڪردار جو مجسمو آهي. افسانوي ڪردارن ثقافت کي جنم ڏنو، جڏهن ته ثقافت جي مطالعي کي تاريخ چوندا آهن. تاريخ جي ان سفر ۾ موجوده انساني نسل آفريڪا کان ٻاهر پکڙجڻ لڳو. 45 هزار سال اڳ انسان آسٽريليا تائين پهچي ويو، جنهن آسٽريليا جي شاهي جانورن جي نسل ڪشي ڪري کين ناپيد ڪري ڇڏيو. 30 هزار سال اڳ نيئينڊرٿل ناپيد ٿي ويا، جنهن جو ذميوار به موجوده انساني نسل آهي. شڪل نمبر 2 ۾ ڏيکاريل هٿ، ان دور جي يورپ ۾ هومو سيپين جي موجودگيءَ جو ثبوت آهي.
16 هزار سال اڳ، انسان آمريڪا پهچي ويو، جنهن اتي جي شاهي جانورن کي به ناپيد ڪري ڇڏيو. 13 هزار سال اڳ هڪ ٻيو انساني نسل هومو فلوري سائنسس به ناپيد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ صرف موجوده انسان ئي آخري انساني نسل وڃي بچيو. 12 هزار سال اڳ زراعتي انقلاب آيو. جانور ۽ ٻوٽا پالڻ جو رواج پيو ۽ مستقل وسنديون وجود ۾ آيون. 5 هزار سال اڳ، بادشاهتون وجود ۾ آيون. لکت به وجود ۾ آئي. سڪا به وجود ۾ آيا ۽ گھڻ ديوتائي مذهبن جو پڻ بنياد پيو. 4250 سال اڳ سارگان ۾ تاريخ جي پهرين سلطنت وجود ۾ آئي، جيڪا آڪادي سلطنت سڏجي ٿي. 2500 سال اڳ، بين السلطنت سڪن جو به استعمال ٿيڻ لڳو. پارسي سلطنت به وجود ۾ آئي، جنهن جو نعرو انساني فائدي لاءِ ڌرتيءَ تي سياسي استحڪام پيدا ڪرڻ هو. هندستان ۾ ٻُڌ پير پاتا، جنهن جو نعرو انسان کي تڪليفن کان نجات ڏيارڻ هو. 2 هزار سال اڳ، چين ۾ هان سلطنت قائم ٿي. ڀون وِچ سمنڊ لڳ رومي سلطنت قائم ٿي ۽ عيسائيت جنم ورتو. 14 سَئو سال اڳ، اسلام نمودار ٿيو. 5 سَئو سال اڳ سائنسي انقلاب آيو. انسان ذات پنهنجي جهالت جو اعتراف ڪيو ۽ بي مثال طاقت کي حاصل ڪرڻ جو آغاز ڪيو. يورپي قومن آمريڪا ۽ آسٽريليا فتح ڪيو. سمورو گره هڪ تاريخي يڪسوئيءَ جو ميدان بڻجي ويو ۽ سرمائيداراڻي نظام ڪر کنيو. 2 سَئو سال اڳ صنعتي انقلاب آيو، رياست ۽ مارڪيٽ، ڪٽنب ۽ قبيلن جي جاءِ ورتي. ٻوٽن ۽ جانورن جي يڪا يڪ ناپيديت شروع ٿي وئي. صنعتي انقلاب کي به چئن حصن ۾ ورهائجي ٿو. پهريون صنعتي انقلاب ميڪانڪي ڪَلُن جو هو جنهن ۾ ڪپڙي جي صنعت ۽ ڇاپي خانا اچي وڃن ٿا. ٻيو صنعتي انقلاب توانائيءَ جي ذريعن جو هو، جنهن ۾ تيل، گئس، بجلي ۽ نيو ڪليئر توانائي اچي وڃن ٿا. ان دور کان ماحولياتي گدلاڻ(Environmental Pollution) شروع ٿي ۽ نتيجي ۾ ڀونءِ گولي گرماڻ(Global Warming) جو آغاز ٿيو. ٽئين صنعتي انقلاب کي عددي (ڊجيٽل) انقلاب چون ٿا، جنهن ۾ ڳڻپيوڪر (Computer) ۽ باهمڄار (Internet) اچي وڃن ٿا. ان دور ۾ انسان ڌرتيءَ جون حدون پار ڪري ويو. ايٽمي ۽ ڪيميائي هٿيار به ٺاهيائين، جيڪي اڃان تائين انسان ذات جي وجود لاءِ خطرو بڻيل آهن. چوٿون صنعتي انقلاب مصنوعي ذهانت(Artificial Intelligence) جو انقلاب آهي. هاڻي ڪيترائي جيوڙا (Organisms) قدرتي چونڊ بجاءِ انساني ذهانت ذريعي گھڙيل آهن، جنهن ۾ حياتياتي هٿيار به اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن انسان ايٽمي، ڪيميائي ۽ حياتياتي هٿيارن کان بچي وڃن ٿا ۽ ڀونءِ گولي گرماڻ کي به قابو ڪري وڃن ٿا ته پوءِ مستقبل ۾ ذهين گهڙت (Intelligent Design) زندگيءَ جو بنيادي اصول بڻجي ويندي. اهو ڏينهن پري ناهي جو پهريون غير نامياتي زندگيون وجود ۾ اينديون. انسان جي جاءِ سُپر انسان (Super Human) وٺندو ۽ انسان جنهن خدا جو تصور ڪيو هو، اهو هو پاڻ بڻجي ويندو ۽ جنهن جنت جو خواب لڌو هئائين، اهو سپنو ساڀيان ماڻيندو.
***

