بهتر قومي مفاد ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته بهتر قومي مفاد ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايف ڊبليو او هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي هن ايف ڊبليو او جي تحت مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايف ڊبليو او جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ قومي اهميت جي منصوبن کي بروقت مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته قومي مفاد ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ميگا پراجيڪٽس لاءِ اداري جي صلاحيتن ۾ بهتري کي به ساراهيو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments