بي اعتمادي رٿ کان هڪ رات اڳ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني وئي: بلاول

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ کان هڪ رات اڳ مون کي ڌمڪي وصول ٿي ته تڪڙيون چونڊون ڪرايون وڃن، ائين نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ مارشل لا هنيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار  ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي اعتمادي کان هڪ رات اڳ مون کي پيغام پهچايو ويو ۽ ڌمڪي ڏني وئي، هڪ وزير ذريعي حڪومت ڌمڪي مون تائين پهچائي، تڪڙين چونڊن يا مارشل لا جي ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته اسان اهي غير جمهوري طاقتون ناهيون، جيڪي چونديون هيون اڳ ۾ احتساب ٿئي ۽ چونڊون ٿين، اسان پوليٽيڪل انجنيئرنگ تي يقين نٿا رکون، اسان جو اڳ کان ئي مطالبو رهيو آهي ته سڌارا ٿين، اسان جمهوري قوتون آهيون ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا، اسان جو اڳ به مطالبو اهو ئي هو ته پهريان اسان سڌارا ڪيون، اها پ پ جي واضح پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت جمهوري مقابلي کان فرار ٿي جمهوريت تي حملو ڪيو، ان معاملي تي هي ايوان ڪيئن ٿو چُپ رهي سگهي، تاريخ ۾ به آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهيو ويو، هڪ ڪميشن ٺاهي جائزو ورتو وڃي ته ڪير ڪير آئين جي ڀڃڪڙي ۾ شامل هو. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جو جمهوري ۽ آئيني قدم خلاف ڪهڙو ري ايڪشن رهيو؟ اڳوڻي وزيراعظم کان پڇو ته چئن سالن ۾ ملڪ جي معيشت سان ڪهڙي راند کيڏي وئي؟ توهان پنهنجي انا ۽ ضد سان پاڪستان کي عالمي سطح تي ڪيترو نقصان پهچايو آهي؟

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments