پاڪستانخاصنيو‍‍ز

هيٽ ويوو: سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ هيٽ ويوو کي نظر ۾ رکندي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي عملي جون موڪلون بند ڪري ڇڏيون. سنڌ حڪومت اسپتالن ۾ هيٽ ويوو وارڊ فوري طور قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هيٽ ويوو اڄ کان 15 مئي تائين وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾سخت گرمي آهي. اڄ ڊيرا غازي خان ۽ جيڪب آباد ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. دادو ۽ ڪوٽ ادو ۾ گرمي پد 47 ڊگري، ملتان ۽ خانيوال ۾ 46 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. لاهور ۾ به گرمي جي شدت برقرار آهي ۽ گرمي پد 42 ڊگري تي پهتو، جڏهن ته ڪراچي ۾ 36 ڊگري جي گرمي 41 ڊگري تائين محسوس ڪئي وئي.