تحريڪ انصاف جمعيت علماءِ اسلام(ف) خلاف فارين فنڊنگ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
تحريڪ انصاف جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب درخواست تيار ڪري ورتي آهي جيڪا اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪئي ويندي. درخواست ۾ جي يو آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ حافظ حسين احمد جي ٽي وي انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ شامل آهي جنهن ۾ حافظ حسين احمد فضل الرحمان کي لبيا ۽ عراق مان فنڊنگ وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت جي يو آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ لبيا ۽ عراق جو ڪيترائي ڀيرا دورو ڪندا آيا آهن. جمعيت علماءِ اسلام جي خلاف اليڪشن ايڪٽ جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

