تحريڪ انصاف جي ناڪاميءَ جو سفر | # فيبروي 2022

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي، پر شروع کان ئي ملڪ جي وڏين سياسي جماعتن ۽ سماج جي گهڻن حصن ۾ انهن چونڊن جي شفافيت تي اعتراض به اٿندي نظر آيو. انهيءَ جي باوجود حزب مخالف جي سياسي جماعتن موجوده حڪومت جي حق حڪمراني کي شروع کان ئي تسليم ڪري ورتو هو. ان جي باوجود سرڪار جو پنهنجو حڪمراني جو انداز شروع کان الزام تراشين تي ٻڌل نظر آيو ۽ لڳي ٿو ته هو پنهنجن اتحادين جي مدد سان جيئن جو تيئن ڪري حڪومت کي هلائڻ چاهي ٿي. 2014ع کان اسان جي اسٽيڪ هولڊرن، ذهن سازن، مين اسٽريم ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ملڪ جي مسيحا طور پيش پئي ڪيو ۽ ميڊيا جي مهم مان ايئن ٿي لڳو ته پي ٽي آءِ جيئن اقتدار ۾ ايندي ته پاڪستان تبديل ٿي چڪو هوندو ۽ ترقي جو اهڙو سفر شروع ٿيندو جنهن جو مثال پاڪستان جي حڪمرانيءَ جي تاريخ ۾ هن کان اڳ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو هوندو.

سرڪار کي حڪمراني ڪندي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ انهيءَ سڄي سفر ۾ نه صرف پاڪستاني عوام جي ترقيءَ جا خواب ٽٽا آهن، پر تحريڪ انصاف جي حڪمراني، قابليت ۽ نيڪ نامي به داءُ تي لڳل آهي ۽ ان جي نا اهلي عوام جي اڳيان کلي سامهون اچي چڪي آهي. هن وقت عوام نه صرف تبديليءَ جي خواب مان جاڳيو آهي، پر گڏوگڏ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ به هليو ويو آهي. جنهن جو سبب تحريڪ انصاف حڪومت جي حيران ڪندڙ حد تائين خراب ڪارڪردگي آهي. هيءَ حڪومت تيزيءَ سان پنهنجي مقبوليت جي گراف کان هيٺ ڪري رهي آهي. عوام ٻين مسئلن سان گڏ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي ليڪ هيٺ هليا ويا آهن، معيشيت ۽ صنعت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. نتيجي ۾ وطن جي 22 ڪروڙ عوام جي زندگيءَ ۾ خوشحالي جو خواب تعبير نه ٿي سگهيو آهي. اهو تبديلي جو خواب جيڪو تحريڪ انصاف پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ڏيکاريو ٽٽي چڪو آهي. اها سموري صورتحال ثابت ٿي ڪري ته موجوده سرڪار کي نه اهليت آهي نه ئي قابليت جو ملڪي مسئلن کي حل ڪري سگهي. نتيجي ۾ عوام تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگيءَ کان مايوس ٿي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به ان جي خراب ڪارڪردگي، عوام سان ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي انتخابي منشور جي خلاف آهي. ٿيڻ ايئن کپندو هو ته زراعت ۽ صنعت ۾ انقلابي قدم کنيا وڃن ها ۽ انهن جي ترقيءَ ۾ ڪا اڳڀرائي ٿئي ها. انهيءَ جاءِ تي ٿيو ايئن آهي جو معيشيت جو ڦيٿو اڳيان وڃڻ جي بدران پويان هليو ويو آهي. سرڪار انهيءَ کي عالمي حالتن ۽ ڪورونا واري وبا جي تباهه ڪاري سمجهي ٿي. يقينن ڪجهه حصو ان جو به آهي، انهيءَ کان انڪار نه آهي. عالمي معيشيت به انهيءَ وبا کي منهن ڏنو آهي ۽ وبا جي ڏينهن ۾ پنهنجي ترقيءَ جو سفر به جاري رکيو آهي، پر اسان وٽ لڳي ٿو ته سمورو جنرل آرڊر ڪوليپس ٿي چڪو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه اها به ٿي آهي جو سرڪار جي احتساب جو بيانيو تمام بري طرح ناڪام ٿيو آهي. جنهن کي کڻي پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي هئي.

هيءَ سرڪار آئي انهيءَ بيانيي سان هئي ته اها ڪرپٽ اشرافيه جو احتساب ڪندي ۽ غير قانوني طريقي سان ڪمايل دولت، انهن ڪرپٽ ماڻهن کان واپس حاصل ڪري ملڪي خزاني ۾ شامل ڪندي ته جيئن سرڪار کي ٻاهرين قرضن جي ضرورت نه پوي. اها سرڪار جي حد کان وڌيڪ خوش فهمي هئي هاڻ انهيءَ احتساب جي ڳالهه دفن ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ احتسابي مهم جو مهندار ۽ مشير شهزاد اڪبر استعيفيٰ ڏيئي چڪو آهي. اسان جي حڪومت جي خارجه پاليسيءَ جو به ڪو پتو نه آهي. چين سي پيڪ جي ذريعي اسان سان اقتصادي ۽ صنعتي ترقي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي هميشه اسان جو قابل اعتماد دوست رهيو آهي، انهيءَ سان لاڳاپن ۾ به پهرين جهڙي گرم جوشي نه رهي آهي. سي پيڪ جو گيم چينجر منصوبو سست روي جو شڪار آهي، جنهن ڪري چين به اسان مان مايوس نظر اچي ٿو. افغانستان مان آمريڪي فوجين جي انخلا بعد اسان جا لاڳاپا آمريڪا سان به اڳوڻي جهڙا نه رهيا آهن. سعودي عرب، متحده عرب امارات سان اسان جا ماضيءَ ۾ هميشه ويجها لاڳاپا رهيا آهن ۽ اهي اسان جا اسلامي برادر ملڪ به آهن، پر انهن سان لاڳاپن ۾ به پهرين جهڙي گرم جوشي نه رهي آهي. ملڪ جي بيان ڪيل اندروني ۽ بيروني حالتن کي ڏسي پاڪستاني عوام فڪر ۾ گهيريل آهي. ملڪ ۾ مهانگائي کان وٺي زرعي ۽ صنعتي ميدان ۾ اسان جو پوئتي وڃڻ، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ مطابق پاڪستان جو ڪرپشن ۾ اڳڀرو ٿيڻ ۽ حڪومت جو خارجه پاليسيءَ جي ميدان ۾ ماضي جي حڪومتن جيترو به فائدو حاصل نه ڪري سگهڻ سندس ناڪامي جو ثبوت آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت کي جيئن ته وقت گهٽ آهي اها 2023ع ۾ پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. انهيءَ کي اڃان به وقت آهي ته اها پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهي. پنهنجي سياسي مخالفن سان لاڳاپا بهتر ڪري. ناڪام ٿي ويل احتساب جي بيانيي تي زور ڏيڻ بدران ملڪ ۾ قانون جي عملداريءَ کي يقيني بڻائي ته جيئن ڪرپشن کي روڪي سگهجي. غير پيداواري خرچ گهٽائي، صنعت ۽ زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي. ملڪ جي عوام لاءِ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ اڳڀرائي ڪئي وڃي. خارجه پاليسي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر وڌي وڃي، سڄي دنيا سان بهتر لاڳاپا قائم ڪجن ته جيئن پاڪستان عالمي برادريءَ سان پهرين صف ۾ بيهي سگهي. تحريڪ انصاف وٽ وقت گهٽ آهي، پر اها ارادو ڪري ته ملڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments