تحريڪ عدم اعتماد کان معاشي عدم استحڪام تائين  

سال 2022 جي شروعات کان ئي پاڪستان ۾ سياسي گهما گهمي جي ابتدا ٿي. ملڪ جي فضائن ۾ وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جو گوڙ گذريل سال جي پڇاڙي کان ئي ٻڌڻ ۾ پئي آيو. نيٺ اها تحريڪ باضابطه طور قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي وئي. سرڪار جي حيلن بهانن، ڊپٽي اسپيڪر ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڪاريگيرين جي باوجود عدم اعتماد جي تحريڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن به وزيراعظم جي خلاف ڪامياب ٿي وئي ۽ نتيجي ۾ وقت جي وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي اقتدار کان ڌار ٿيڻو پيو. هن گهڻائي هٿ پير هنيا ته هو اقتدار سان چهٽيو رهي، پر جمهوريت ۽ ملڪ جي عدالتي نظام کيس ايئن ڪرڻ نه ڏنو.

جمهوريت جو اهو ئي حُسن آهي ته پارليامان جيڪڏهن نه چاهي ته ڪوبه شخص اقتدار ۾ نٿو رهي سگهي، ڀلي اهو پاڻ کي ناگزير سمجهندو هجي ۽ ايئن ٿيو. قومي اسيمبلي پنهنجي اڪثريتي ووٽ سان وزيراعظم کي سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. جيئن ئي 10 اپريل تي گڏيل مخالف ڌر عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ ڪامياب ٿي ته 11 اپريل تي مخالف ڌر جي رهنما ميان شهباز شريف کي ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊيو ويو. جڏهن ته تحريڪ انصاف اهو چاهيو ٿي ته اها عدم اعتماد کان بچي سڌو نئين چونڊن ڏانهن هلي وڃي، پر جمهوريت ۽ عدالتي پٺڀرائي سان اهو سمورو عمل ناڪام ٿيو. ان سڄي آئيني عمل جي پوري ٿيڻ کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو ان بيانيي تي زور آهي ته هن جي خلاف آمريڪا سازش ڪئي آهي ۽ انهيءَ سازش ۾ پاڪستان جون سڀ مخالف سياسي جماعتون به شامل آهن ۽ هو انهن جي خلاف ڪاوڙيل به آهي ۽ اهي سڀ سندس نظر ۾ غدار ۽ غير محب وطن آهن ۽ هو موجوده حڪومت کي امپورٽيڊ جو نالو ڏيئي رهيو آهي ۽ سندس خيال آهي ته هو ان کي ڊاهي ڇڏيندو، پر لڳي ٿو ته پاڪستان جي عوام جي گهڻائي عمران خان جي انهيءَ بيانيي کي رد ڪيو آهي. عوام جو خيال آهي ته جمهوريت ئي ملڪ جي مسئلن جو حل آهي. ملڪ ۾ هڪ دفعو وري پر امن انتقال اقتدار ٿيو آهي، جنهن کي جمهوريت پسند سٺو سنئوڻ سمجهن ٿا.

پاڪستان هن سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته هي ملڪ جمهوريت جي شاهراهه تي ڊگهو سفر ڪري سگهي ٿو. 11 اپريل کان ميان شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ اتحادي حڪومت اقتدار ۾ اچي ته وئي آهي، پر انهيءَ کي پاڪستان جي تاريخ جا تمام وڏا چئلينجز سامهون آهن. جيئن ته گذريل سرڪار جي نااهلي، خراب انتظام ڪاري ۽ خراب حڪمراني جي ڪري پيدا ٿيل معاشي، سياسي ۽ سماجي مسئلا، مهانگائي ۽ سماجي بي آرامي ۽ ملڪ جي غريب طبقن تائين سهولتن جو نه پهچڻ ماڳهين انهن کي سهولتن کان پري رکڻ. اتحادي حڪومت انهن سڀني مسئلن کي نه رڳو منهن ڏئي رهي آهي، پر انهن کي حل ڪرڻ لاءِ به پاڻ پتوڙي رهي آهي، جيئن ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي. هڪ پر امن خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ئي سڀني مسئلن جو حل آهي. هن سرڪار کي ترجيحي بنيادن تي پهرين جيڪي مسئلا حل ڪرڻا آهن انهن ۾ معيشت جو مسئلو سرفهرست آهي، مهانگائي ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي ڪرندڙ قدر کي روڪڻ جيئن ڏيهي ڪرنسي مستحڪم ٿي سگهي، پر ان جي باوجود موجوده حڪومت ايئن ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪامياب نظر نه پئي اچي. پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي رهنما ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ حڪومت مخالف جلسا ۽ ريليون ڪري رهي آهي. 11 اپريل کان آيل نئين حڪومت عمران خان جي سخت تنقيدي نشاني تي آهي. لڳي ٿو ته هو ان تبديليءَ کي اڃان تائين ذهني طور تي قبول نه ڪري سگهيو آهي ۽ سندس حڪومت کان اها ئي گهر آهي ته جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ تحريڪ انصاف 25 مئي تي لانگ مارچ ڪيو جنهن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو ته هو ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏيندو ۽ حڪومت کان چونڊن جي تاريخ وٺي پوءِ واپس ويندو، پر هو بنا ڌرڻي ڏيڻ جي ۽ بنا تاريخ وٺڻ جي واپس هليو ويو. ظاهري طور تي لانگ مارچ ناڪام ٿيو آهي. تحريڪ انصاف وقتي طور تي مايوس ٿي آهي، پر انهيءَ جي رهنما عمران خان وري ٻئي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندو.

مٿئين صورتحال ۾ ڏسجي ته ملڪ هن وقت سياسي صورتحال کان وڌيڪ معاشي پنجوڙ ۾ ڦاٿل نظر اچي رهيو آهي، ملڪ جي مٿان قرضن جو بار وڌي ويو آهي ۽ خزانو خالي آهي ۽ نه چاهيندي به سرڪار کي تيل جون قيمتون وڌائي سخت فيصلا ڪرڻا پيا آهن. اهي فيصلا هن حڪومت جي خلاف به وڃي سگهن ٿا. مرڪزي وزير خزانا آءِ. ايم. ايف سان ڳالهين جا ٻه دور هلائي واپس هٿين خالي موٽيو آهي ۽ اڃان ڳالهين جي ذريعي مالياتي ادارن کان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي اميد جا دروازا کليل آهن. وزيراعظم ۽ وزير خارجا بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا سميت ٻين ملڪن جا دورا ڪري گذريل حڪومت جي سياسي ۽ سفارتي نقصانن جي پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن وقت رياست پاڪستان شديد قسم جي معاشي ۽ مالي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي اهڙي وقت ۾ سڀني سياستدانن کي گڏجي اهڙو لائحه عمل ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن سان هن معاشي بحران مان نڪري سگهجي ۽ پاڪستان کي سريلنڪا جهڙي معاشي بحران واري صورتحال کان بچائي سگهجي. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته يقينن ان نقصان جي تلافي وقت گذرڻ کانپوءِ ممڪن نه هوندي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments