ترڪ اداڪاره اسريٰ بلجڪ ڪشمير وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ترڪي جي مشهور اداڪاره اسريٰ بلجڪ چيو آهي ته مون کي ڪشمير بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ مان پنهنجي دستاويزي فلم جي لاءِ ڪشمير جو دورو ڪرڻ جي خواهش رکان ٿي. ترڪ ڊرامه سيريز (ارطغرل غازي) ۾ حليمه سلطان جو مُک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره اسريٰ بلجڪ تازو ئي هڪ مشهور پاڪستاني مئگزين جي لاءِ فوٽو شوٽ ڪرايا ۽ انٽرويو ڏنو آهي. اسريٰ جي فوٽو شوٽ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو  وائرل ٿي رهيون آهن. اسريٰ بلجڪ نه صرف ترڪي جي مشهور  اداڪاره آهي، پر قانون جي تعليم حاصل ڪري رهي آهي. هوءَ هڪ دستاويزي فلم ٺاهڻ جو ارادو به رکي ٿي ۽ پنهنجي فلم جي حوالي سان هن پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. پاڪستاني مئگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ اسريٰ بلجڪ چيو آهي ته مان فطرت جي حوالي سان دستاويزي پراجيڪٽ لکيو آهي ڪهڙي طرح فطرت هر طرح جي حالتن ۾ اسان کي رد عمل ڏيندي آهي. اسان قدرت کي ڪيترو نقصان پهچائيندا آهيون، پر هر ڀيري جڏهن به اسان قدرت وٽ وڃون ٿا ته قدرت اسان کي گلي لڳائيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مان ان ڳوٺ ۽ جابلو علائقن ۾ وڃڻ چاهيان ٿي جن کي قدرتي وسيلن ۽ مالي مسئلن سبب پريشانيون پيش آيون مان مقامي ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيان ٿي، انهن جون پريشانيون ٻڌڻ، انهن جون تصويرون ٺاهڻ چاهيان ٿي ۽ سڄي دنيا کي هنن جي پريشانين بابت آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿي. قرنطينه دوران پنهنجي ٽيم سان گڏ اسان ڪجهه جڳهين جي نشاندهي ڪئي آهي. مان پنهنجي سموري تياري مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ فوٽو گرافي جي ڪجهه ڪلاسن کانپوءِ ڊاڪيومينٽري تي پنهنجو ڪم شروع ڪنديس.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments