تعليمي ادارا کليل رهندا يا بند، اين سي او سي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

ڪورونا وبا جي ٽئين لهر سبب تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل جاري رکڻ بابت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس اڄ ٿيندو. رپورٽ موجب اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي تعليم وارن وزيرن سميت صحت جا وزير به شرڪت ڪندا ۽ تعليمي ادارن جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي. اجلاس ۾ امتحانن جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب اسلام آباد جي صحت کاتي طرفان تعليمي ادارن کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن بند رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيس گهٽ ٿيڻ تائين تعليمي ادارن کي نه کوليو وڃي. اسلام آباد ۾ هن وقت ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح به وڌيڪ آهي. تعليم وارو وفاقي وزير چئي چڪو آهي ته جيڪو فيصلو ٿيندو اهو تعليم ۽ صحت جون اختياريون ۽ (اين سي او سي) جو گڏيل فيصلو هوندو. ان کان علاوه اجلاس ۾ رمضان دوران ايس او پيز جو به جائزو ورتو ويندو. رمضان ۾ ايس او پيز تي علمائن جي تجويزن جي روشني ۾ جائزو ورتو ويندو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments