اليڪشن ڪميشن جي رانا ثناءُ الله ۽ اويس لغاري کي وارننگ
پ پ 84 جي ننڍي چونڊ ۾ اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر رانا ثناءُالله ۽ اويس لغاري کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب رانا ثناءُالله ۽ اويس لغاري 6 اپريل تي پ پ 84 جي دوري جو پروگرام ٺاهي رکيو هو، ضابطه اخلاق موجب ڪوبه حڪومتي عهديدار چونڊ تڪ جو دورو نٿو ڪري سگهي. ترجمان موجب پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر آءِ جي پنجاب کي ٽيليفون تي هدايتون جاري ڪيون ته رانا ثناءُ الله ۽ اويس لغاري کي تڪ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.

