بلاگ

تنظيم: جنهن کي مسلسل تبديل ٿيڻ گهرجي مشتاق ميراڻي

اسان جي گهڻي زندگي تنظيمن جي اندر گذري ٿي. جن جا اسان سڌو سنئون ميمبر آهيون يا ڪٿي وري تنظيمن جا گراهڪ آهيون. تمام ٿورو وقت ملي ٿو جو اسان تنظيمن کان ٻاهر پنهنجي ذاتي زندگي گذاريون ٿا. اسان گهڻو ڪري تنظيمن جا ملازم آهيون. اسان جي زندگي جي حفاظت، اسان جون ضرورتون ۽ اسان جون خوشيون تنظيمن ذريعي حاصل ٿين ٿيون.  دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اسان مان اڪثر ماڻهون انهن تنظيمن جي باري ۾ سوال به نٿا ڪن ته تنظيمون ڪڏهن ٺهيون؟ انهن تنظيمن جو مقصد ڇا آهي؟ انهن تنظيمن جا اسان غلام ته نه آهيون؟ جيڪڏهن اهي تنظيمون عوام لاءِ ٺاهيون ويون آهن ته ان جي پاليسي ٺاهڻ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ عوام کي ڀاڱي ڀائيوار ڇو نه ڪن ٿا.

جديد تنظيم پهرين صنعتي انقلاب (1760 – 1840) جي پيداوار آهي. هن وقت چوٿون صنعتي انقلاب جيڪو انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي ان جو سفر جاري آهي. موجوده دور جي تنظيمن ۾ تمام گهڻي نواڻ به آئي آهي جيڪڏهن هن ۾ نواڻ نه ايندي ته ان جي پائيداري خطري ۾ پئجي ويندي. ڪو دور هو جو هڪ تنظيم هڪ ڇت هيٺ ڪم ڪندي هئي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته توهان کي خبر به نٿي پئي ته ان جي مرڪزي آفيس ڪٿي آهي ان جون شاخون ڪٿي ڪم ڪن ٿيون.

تنظيمن جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان ان ۾ ڪم ڪيون ٿا يا انهن جا گراهڪ آهيون يا اسان انهن جي ذميواري آهيون. مثال طور: سرڪاري ادارا اسان جي حقن جي حفاظت ڪن ٿا ۽ بنيادي شهري سهولتون مهيا ڪرڻ جا ذميوار آهن، خانگي ادارا اسان کي پنهنجون شيون کپائين ٿا ۽ اهي ماڻهن کي ملازمت به مهيا ڪن ٿا.

ڪنهن به ملڪ جون خانگي تنظيمون هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي ۾ رهنديون آهن. هر ڪنهن جو زور هوندو آهي ته مارڪيٽ جي وڏي حصي تي مالڪي هجي. ان مقابلي ۾ جيڪي تنظيمون پاڻ ۾ نواڻ نه آڻينديون ته پوئتي رهجي وينديون آهن. آخر پنهنجو دڪان بند ڪري ڇڏينديون آهن. وقت سان گڏ نيون ٽيڪنالاجيون، گراهڪن جون تبديل ٿيندڙ ضرورتون ۽ خواهشون حل ڪرڻ لاءِ نيون نيون تنظيمون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون. جيئن اي ميل، انٽرنيٽ، فيس بُڪ، موبائل، هٿرادو ذهانتون، رموٽ ڪنٽرول ۽ ڊرون جهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون. چٽا ڀيٽي جي ماحول ۾ تنظيمون هڪ ٻئي ۾ گڏجي وينديون آهن يا هڪ ڪمپني ٻئي کي خريد ڪندي آهي. ان طرح مارڪيٽ ۾ نجي ڪمپنين ۾ ڀڃ ڊاهه هلندي رهندي آهي.

تنظيمن جي شعبي ۾ لڳاتار تحقيق ٿي رهي آهي ته انهن کي اڃان وڌيڪ ڪيئن بهتر ڪيون ۽ انهن مان اڃان ڪيئن وڌيڪ پيداوار حاصل ڪيون. ان ذريعي ان ۾ ڪم ڪندڙن جي زندگي ڪيتري بهتر ڪئي وڃي. تنظيم جي موضوع کي يونيورسٽي سطح تي پڙهايو وڃي ٿو. ان سان گڏ ان تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا ۽ تنظيم تي لڳاتار تحقيقي ۽ مشهوري وارا مضمون شايع ٿين ٿا.

تنظيم جي وصف تي گهڻن ڏاهن پنهنجي سوچ مطابق ٻڌائي آهي، پر مون کي هي سادي ۽ ٿورن لفظن جي وصف وڻي آهي “تنظيم انساني ميلاپ آهي جيڪا گڏيل مقصدن لاءِ ٺاهي وئي آهي.” تنظيم جا مختلف پهلو هي آهن:

  1. تنظيم لاڳاپيل فردن جو مجموعو آهي.
  2. تنظيم شعوري طور گڏيل مقصدن سان ٺاهي وئي آهي.
  3. تنظيم ۾ ڪم جي ورهاست ڪئي وئي آهي.
  4. تنظيم جي ماڻهن جي وچ ۾ قائدا ۽ قانون آهن.
  5. تنظيم جي ماڻهن ۾ سهڪاري لاڳاپن جو هڪ نظام آهي.
  6. تنظيم جي ماڻهن وچ ۾ اختيار ۽ ذميواري جي ورهاست ڪئي وئي آهي.
  7. تنظيم ۾ گڏيل سهڪاري ورتاءُ تي زور ڏنو ويو آهي.
  8. تنظيم جي ڪاڪردگي مرڪزي نقطو آهي.
  9. تنظيم ۾ فردن ۽ اڳواڻ جو احتساب واضح هوندو آهي.
  10. تنظيم جو وقت سان گڏ سٽاءُ تبديل ٿيندو رهندو آهي.

سماج ۾ اسان جون جيڪي ضرورتون آهن اهي گهڻو ڪري تنظيمن جي ذريعي حاصل ٿين ٿيون، مثال طور: صاف پاڻي ۽ کاڌو تنظيمن کان حاصل ڪندا آهيون. نوڪري، جان ۽ مال جي حفاظت، صحت، تعليم، ڄاڻ، جيڪو نالو کڻو اهو ڪنهن نه ڪنهن تنظيمن جي ذريعي ملندو آهي. مثال طور: جان ۽ مال لاءِ پوليس جي تنظيم آهي، انصاف لاءِ ڪورٽون آهن، روزگار لاءِ سرڪاري ۽ نجي تنظيمون آهن. صحت لاءِ سرڪاري ۽ نجي اسپتالون آهن. هوائي سفر لاءِ مختلف ملڪن جون سرڪاري ۽ نجي هوائي جهازن جون تنظيمون ڪم ڪن ٿيون. پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي معاشي مستقبل لاءِ سرڪاري ۽ نجي تنظيمون دولت پيدا ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪنديون رهن ٿيون. 

ترقي ڪيل ملڪن ۾ اهو احساس مضبوط ۽ عام آهي ته تنظيمون ئي شهرين جا مسئلا حل ڪن ٿيون ۽ ان جي ذريعي زندگي جو معيار بهتر ٿئي ٿو.  جيئن سماج جي ٻين ادارن ۾ وقت سان گڏ تبديلي اچي ٿي اهڙي طرح تنظيم جي جوڙجڪ ۽ مئنيجمينٽ ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. آبادي ۾ واڌ، ٽيڪنالاجي ۾ ترقي، سوشل ميڊيا جو ڦهلاءُ، چٽاڀيٽي، ماڻهن جو وڌندڙ شعور ملي ڪري تنظيمن تي زور پئي ٿو ته اهي وقت سان تبديل ٿين. ٻي صورت ۾ خانگي تنظيمون ختم ٿي وينديون آهن ۽ سرڪاري تنظيمون عوام جي اڳيان ناڪام ثابت ٿين ٿيون. جڏهن اسان ترقي ڪيل ملڪ چئون ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان جي سرڪاري توڙي خانگي تنظيمن ۾ وقت سان گڏ تبديلي آڻي پنهنجي ڪارڪردگي وڌائين ٿيون. ان جي ابتڙ غريب يا اسرندڙ ملڪ ۾ اهڙيون تنظيمون ناڪام ٿين ٿيون. 

تنظيم جو مرڪزي مقصد پنهنجي گراهڪن جي خدمت ڪرڻي آهي. سرڪاري تنظيمن جا گراهڪ ان جا شهري آهن، جيئن تعليمي تنظيمن جا گراهڪ ٻار يا شاگرد آهن اسپتالن جا گراهڪ مريض آهن. لوڪل باڊيز جي تنظيمن جا گراهڪ شهري يا ٻهراڙي جا ماڻهون آهن انهن لاءِ صاف پاڻي، صفائي ۽ بهتر ماحول انهن جي ذميواري آهي. خانگي تنظيمن جا گراهڪ جيڪي سستي، سٺي، معياري ۽ پائيدار سروس يا شيون خريد ڪن ٿا.

عام ٻولي ۾ مذاق طور چيو ويندو آهي ته تنظيمون آهن ڀتيون ۽ جڳهيون اصل ۾ ان کي هلائيندڙ ماڻهون آهن. ان چوڻي ۾ گهڻي ڀاڱي سچائي آهي. تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڪارڪردگي جيتري بهتر هوندي اوترو ئي تنظيمون ترقي ڪنديون. انهن جي اڳواڻن ۽ اسٽاف جي تعليم، تربيت ۽ ڪارڪردگي جو معيار وڌائڻ ضروري آهي. تنظيم ۽ مئنيجمينٽ تي تمام گهڻي تحقيق ٿئي ٿي ۽ ان جي نتيجن مطابق تنظيمن ۾ نواڻ آندي وڃي ٿي.

هتي ڏنل مثالن مان اسان کي سبق ملي ٿو ته جن تنظيمن وقت سان گڏ پاڻ کي تبديل ڪيو آهي اهي ئي ڪامياب رهيون آهن. مثال آمريڪا جي سٽي بينڪ 1831 ۾ ٺاهي وئي اڄ ان ۾ اٽڪل 2 لک ماڻهون ڪم ڪن ٿا. جاپان جي سوني ڪمپني 1946 ۾ ٺاهي وئي اڄ اها گلوبل ڪمپني ٿي آهي. جڳ مشهور هفتيوار رسالو دي اڪنامڪسٽ(The Economist) 1843 ۾ شروع ٿيو. اڄ اهو 177 سالن کانپوءِ ڪامياب آهي ان جون ڪاپيون نوَ لک تائين پهچي چڪيون آهن. سوشل ميڊيا ۾ ساڍا 3 ڪروڙ ماڻهون ان مان فائدو وٺي رهيا آهن. هنن مثالن ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪي تنظيمون وقت ۽ حالتن سان گڏ تبديل ٿينديون رهن ٿيون اهي ڪامياب آهن.

سنڌ ۾ پوليس نظام 1843 ۾ چارلس نيپيئر بنياد وڌو ۽ ان ۾ هن وقت 128,500 پوليس آفيسر ڪم ڪن ٿا. اڄ 2020 آهي ۽ اهو کاتو وقت سان تبديل نه ٿيڻ ڪري سنڌ ۾ ان جي ڪارڪردگي خراب آهي. سنڌ آبپاشي کاتو 1850 جي ڏهاڪي ۾ ٺاهيو ويو. اڄ 2020 آهي 170 سالن کانپوءِ ته هن جي ڪارڪردگي تمام خراب آهي. ايئن مڪاني نظام جيڪو 19 هين صدي ۾ سنڌ ۾ شروع ٿيو اڄ ان مڪاني نظام جنهن ۾ شهر ۽ ڳوٺ اچي وڃن ٿا، اڄ اهو تباهي جي حالت ۾ آهي. هي مثال ظاهر ڪن ٿا ته سنڌ ۾ سرڪاري تنظيمون وقت سان ترقي ڪرڻ بجاءِ تباهي جي رستي تي هلن ٿيون.

وڏي منصوبي لاءِ وڏي تنظيم جي ضرورت هوندي آهي. هڪ تحقيق مطابق مصر ۾ هڪ اهرام لاءِ هڪ لک ماڻهن جي ضرورت هئي جن 20 سالن تائين ڪم ڪيو. اڄ 2020 ۾ صرف چين وٽ اٽڪل 20 لک ماڻهون ان جي فوج ۾ ڪم ڪن ٿا. انڊيا ۾ اندازن 14 لک ۽ آمريڪا ۾ 13 لک فوجين جي تنظيم آهي. ايڏي ماڻهن جي تنظيم کي هلائڻ لاءِ وڏن دماغن جي ضرورت هوندي آهي. 

هن مشاهدي مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪڏهن تنظيمن جو صحيح احتساب نٿو ٿئي ته تنظيمون ناڪامي جي رستي تي هلن ٿيون ۽ آخر ۾ اهي ختم ٿي وڃن ٿيون، سرڪاري تنظيمن جو صحيح احتساب نه ٿيڻ جي ڪري انهن جي ڪاڪردگي متاثر ٿئي ٿي.

خانگي تنظيمن جو احتساب انهن جا گراهڪ ڪندا آهن ڇو جو اهي انهن جون شيون يا سروس وٺڻ بند ڪندا آهن ۽ آخر ۾ اهي ڪمپنيون نقصان ۾ هلي وينديون آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سرڪاري تنظيمن جي ڪارڪردگي خلاف ماڻهون رستن تي ايندا آهن يا آئيني ادارن جهڙوڪ صوبائي اسيمبلي، قومي اسيمبلي يا سينيٽ ۾ انهن جو احتساب ڪيو ويندو آهي.

ٻنهي صورتن ۾ سخت احتساب ئي تنظيمن جي ڪارڪردگي وڌائي ٿو ۽ انهن ۾ نواڻ اچي ٿي. انهن جي اڳواڻپ جو معيار وڌي ٿو ۽ مختلف طريقن سان انهن تنظيمن ۾ بهتري اچي ٿي. ضروري اهو آهي ته سنڌ ۾ خاص ڪري جيڪي سرڪاري تنظيمون آهن انهن جو سخت احتساب ڪري ماڻهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن ۽ نجي تنظيمون پاڻ ۾ وقت سان گڏ تبديلي آڻي پنهنجي گراهڪن کي سستي، معياري ۽ پائيدار شيون مهيا ڪن.

اها به تحقيق ٿي آهي ته تنظيم جي ڪاميابي ان جي اڳواڻپ تي دارو مدار رکي ٿي. جيڪڏهن اها اڳواڻپ تعليم، تربيت ۽ صلاحيتن سان ڀريل آهي ته اها تنظيم وقت سان تبديل به ٿئي ٿي ۽ ان ۾ نواڻ به اچي ٿي ۽ تبديل ٿيل حالتن ۾ پنهنجي گراهڪ جي خدمت به ڪري ٿي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي تنظيمن جي صحيح اڳواڻپ جي چونڊ ڪئي وڃي ۽ انهن تنظيمن جو سخت احتساب به جاري رکيو وڃي.