خاص

توشه خانه ريفرنس زرداري احتساب ۾ پيش، فرد جرم لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري توشه خانه ريفرنس ۾ ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو. جڏهن ته عدالت فرد جرم لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ آصف علي زرداري کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو هو، جنهن لاءِ هو اسلام آباد پهتو. ٻڌڻي جي شروعات تي عدالتي عملي آصف زرداري جي طلبي جي لاءِ سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي هدايت ڏني،  جنهن تي فاروق نائيڪ اڳوڻي صدر کي فون ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو چيو. اڳوڻو صدر ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ 95 ماسڪ ۽ فيس شيلڊ لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيو. آصف زرداري جي وڪيل فاروق نائيڪ چيو ته اڳوڻو صدر بيمار آهي، عدالت ڀري پئي آهي جيڪڏهن کيس ڪورونا ٿي ويو ته ڪير ذميدار آهي؟ پهرين عدالت اهو فيصلو ڪري ته وڪيل بنا رڪاوٽ جي عدالت ۾ پيش ٿي سگهن ٿا؟ ان موقعي تي اڳوڻي صدر بطور ملزم روسٽرم تي آيو ۽ ان جي عدالت ۾ حاضري لڳائي وئي. ٻڌڻي دوران نواز شريف طرفان بئريسٽر جهانگير جدون وڪالت نامون داخل ڪرائي ڇڏيو ان تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر عباسي چيو ته نواز شريف کي عدالت  مفرور قرار ڏيئي چڪي آهي ۽ کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جاري آهي. ان کانپوءِ عدالت آصف علي زرداري تي فرد جرم جي لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته عدالت سمورن ملزمن کي ريفرنس جا نقل فراهم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. عدالت يوسف رضا گيلاني، عبدالغني مجيد ۽ انور مجيد کي به 9 سيپٽمبر تي طلب ڪيو آهي. جڏهن ته ملزم کي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ 20-20 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي 25 آگسٽ تائين موخر ڪري ڇڏي ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي اشتهاري قرار ڏيڻ يا ٽرائل ۾ شامل ڪري فرد جرم عائد ڪرڻ جو فيصلو 25 آگسٽ تي ٿيندو.