تيل اگھ وڌائڻ جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو، ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين: وزيراعظم
وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو، بلوچستان ۾ پرامن بلدياتي چونڊون انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته صوبي جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ عوام جمهوري نظام تي يقين رکي ٿي، محمد نواز شريف محنت ۽ لڳن سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آچر ڏينهن مانسهره ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي منعقد وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ايئرپورٽ ۽ 45 ڪلو ميٽر ڊگهي مانسهره مظفرآباد موٽروي منصوبن سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو.