جاپان جي حڪمران جماعت يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو

جاپان جي حڪمران جماعت يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي مطابق حڪمران جماعت استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم شنزو آبي جي جڳهه تي يوشيدي سوگا کي نئون وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ نئين وزيراعظم کي چونڊڻ لاءِ ووٽنگ جو عمل به جاري آهي. اڳوڻي جاپاني وزيراعظم شنزو آبي صحت جي خرابي سبب گذريل مهيني عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي جنهن کانپوءِ نامزد ڪيل يوشيدي سوگا جو وزيراعظم ٿيڻ جا واضح امڪان آهن. برطانوي ميڊيا جي مطابق 71 سالن جو سوگا جاپان جي موجوده انتظاميه سان گڏ چيف ڪيبنٽ سيڪريٽري طور تي ذميواري سرانجام ڏيئي رهيو آهي ۽ کيس اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سوگا وزيراعظم بنجڻ جي صورت ۾ شنزو آبي جي پاليسين کي جاري رکندو. برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سوگا سان گڏ وزارت عظميٰ جي ڊوڙ ۾ وڌيڪ ٻه اميدوار به شامل آهن جنهن ۾ اڳوڻو وزير خارجه ڪيشيدا فوميو به آهي جيڪو اڳوڻي وزير اعظم شنزو آبي حڪومت ۾  ئي وزير خارجه جون ذميواريون سرانجام ڏيئي چڪو آهي. ڪيشيدا گذريل ٽن سالن کان پارٽي جي پاليسي ريسرچ ڪونسل جي سربراهي ڪري رهيو هو. وزارت عظميٰ جو ٽيون اميدوار شگيرو اشيبا آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم شنزو آبي جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ وزير دفاع مقرر ڪيو ويو هو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments