خاص

جسٽس فائز خلاف آبپاره جي اشاري تي ريفرنس داخل ٿيو هو

پي ٽي آءِ حڪومت کي وفاقي وزير فروغ نسيم جيترو نقصان پهچايو اهو ٻئي ڪنهن نه پهچايو. اهڙو  انڪشاف پي ٽي آءِ حڪومت جي وفاقي وزير شيرين مزاري هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. نامياري صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس به فروغ نسيم قانون جو وزير هجڻ جي حيثيت سان داخل ڪيو هو، اها ڳالهه به شيرين مزاري چئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته انساني حقن بابت هڪ بل تيار ڪري جڏهن فروغ نسيم جي ٽيبل تي پهچايو ته هن مون کي آبپاره ۾ حاضري ڀرائي هئي، صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته ان جو مطلب ته جسٽس فائز سان اصل مسئلو فيض کي هو، پر پي ٽي آءِ وارا سڌي ڳالهه ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، فروغ نسيم کي ان وقت ايم ڪيو ايم به پنهنجو نه ڪيو هو ته پوءِ هو ڪنهن جي ڪوٽا تي وزير بڻيو ويٺو هو.

(عوامي آواز جي ٿورن سان)