جسٽس گلزار احمد شهر ۾ بل بورڊ ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد شهر ۾ بل بورڊ ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي کي هر ڪو تباهه ڪري رهيو آهي لڳي ٿو ته حڪومت ۽ ميئر جي شهرين سان دشمني آهي.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزاراحمد جي سربراهي ۾ شهر ۾ بل بورڊ ڪرڻ جي معاملي جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن سلسلي ۾ ميئر ڪراچي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. چيف جسٽس پاڪستان شهر ۾ بل بورڊز ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.
ڪمشنر ڪراچي ان معاملي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي ٻڌايو ته اسان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي شهر ۾ بل بورڊ لڳل آهن هر جڳهه اوهان کي بل بورڊ نظر ايندا.

