خاص

جنيد جي منهنجي ڌيءَ سان شادي جون خبرون بي بنياد آهن: ڊاڪٽر ماها جو والد

ماها شاهه جي والد آصف شاهه جي فرياد تي ڪراچي جي گزري ٿاڻي تي قلم 334، 337 جي، 506 ۽ قلم 34 پي پي سي تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ماها شاهه جي 4 سال اڳ جنيد سان سندس ڀيڻ جي معرفت دعا سلام ٿي، جيڪا بعد ۾ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ جنيد ماها کي منشيات جو عادي بڻائي ڇڏيو. تشدد ۽ تذليل به ڪندو رهيو-اُن دوران ئي ماها جي جنيد جي هڪ دوست ڊاڪٽر تابش قريشي سان دعا سلام ٿي، جنهن ماها کي شاديءَ جي آڇ پڻ ڪئي، جنهن جي خبر پوڻ تي جنيد وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ پوءِ ڊاڪٽر ماها کي ڌمڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڊاڪٽر ماها جي خودڪشي جي حوالي سان سندس والد آصف علي شاهه چيو آهي ته جنيد منهنجي ڌيءَ کي ڌمڪيون ڏيندو هو، جنيد ۽ ماها جي شادي جون خبرون بي بنياد آهن. ڊاڪٽر ماها جي والد آصف علي شاهه پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته منهنجي ننڍي ڌيءَ مون کي ماها جي خودڪشي بابت آگاهه ڪيو. جنيد جي ڀيڻ مهوش منهنجي ڌيءَ ماها جي دوست هئي ۽ هن ماها کي جنيد سان ملرايو هو. هن چيو ته جنيد منهنجي ڌيءَ کي ڌمڪيون ڏيندو هو، جنيد ۽ منهنجي ڌيءَ جي شادي جون خبرون بي بنياد آهن. جنيد منهنجي ڌيءَ کي مارڪٽ به ڪئي ۽ اهو هڪ مڪمل گروهه آهي. آصف علي شاهه چيو ته منهنجي ڌيءَ کي عرفان قريشي جي گهر ۾ نشو ڏنو ويو هو، ان گروهه جو ڪم ئي اهو آهي. ھن چيو ته ھي گروهه خانداني ڇوڪرين کي نشي جي عادي بڻائي ٿو. ياد رهي ته ڪراچي جي ڊيفنس واري علائقي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ماها جي مبينا خودڪشي وارو واقعو منظر عام تي آيو آهي جنهن کانپوءِ پوليس جي جاچ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر ماها جي گهر ڀاتين ۽ دوستن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن.