جهنگل ۾ منگل، بيلاروس پويلين ايڪسپو 2020 دبئي ڀون سنڌي  

1732 Shares

ايڪسپو 2020 دبئي ۾ مختلف ملڪن جي پويلينس ۾ وڃو، يا مختلف کُليل توڙي بند اسٽيجن، يا ھالن ۾ وڃو ڪا نه ڪا مختلف موضوعن تي ڪانفرنس، سرگرمي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان خلقيل حيرت انگيز شيون يا سر سنگيت وغيرہ جي محفل متل ئي ھوندي. ٻيو ته ٺھيو، پر ايڪسپو جي روڊن تي به وقفي وقفي سان ڪا نه ڪا ڪرتب بازي يا وندر لڳي پئي ھوندي. انھيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته ايڪسپو 2020 دبئي ھڪ اھڙو عالمي ميلو آھي، جنھن ۾ نه صرف ھر عمر بلڪه ھر ذوق ۽ مزاج واري ماڻھو لاءِ گھڻو ڪجھ موجود آھي ۽ اھو به صرف ھڪ ڏينھن لاءِ نه، پر پورن ڇھن مھينن لاءِ. اڄ اچو ته پاڻ بيلاروس جو پويلين گھمڻ ھلون.

بيلاروس(Belarus)  پويلين جي عمارت 1500 اسڪوائر ميٽر ايراضي تي ڦهليل آهي ۽ ان جي اوچائي 15 ميٽر آهي. ايڪسپو جي اپر چونٽي زون (ڊسٽرڪٽ) ۾ واقع هن پويلين جي تعمير ۾ 190 ميٽرڪ ٽن سريو استعمال ٿيو ۽ ان جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائيننگNussli Adunic AG  جي ڪيل آهي. ايڪسپو 2020 دبئي ۾ هر پويلين لاءِ ان جي ملڪ طرفان ڪو نه ڪو ٿيم(Theme)  تجويز ڪيل آهي، جيڪو اُن ملڪ جي تاريخ، تهذيب، جاگرافي، پيداواري وسيلن ۽ معاشي ترقي جي عڪاسي ڪري ٿو. بيلاروس پويلين جو ٿيم(Theme)  آهيForest of Future Technology  هي ٿيم بيلاروس جي سيڙپڪاري، نين ايجادن ۽ تجربن(Innovation)  ۽ ترقي ۾ شخصي ڪردار جي ترجماني ڪندي بيلاروس کي دنيا ۾ متعارف ڪرائي ٿو. بيلاروس پويلين جي اڳيان 6 ميٽر ڊگها ڊجيٽل وڻ ٺاهيا ويا آهن جيڪي ايل ايل ڊي لائيٽن سان سجايل آهن ۽ پويلين جي ٻاهرين ڏيک کي خوبصورت بڻائين ٿا. رات جي وقت ۾ انهن جون خوبصورت لائيٽون ماڻهو کي هڪ پل لاءِ بيهڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿيون ۽ انهن وڻن جو نظارو دل ۾ لهي وڃي ٿو. هي ڊجيٽل وڻ بيلاروس جي ٻيلن جي عڪاسي ڪن ٿا. توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته اڳيان ھلي ٻيلن توڙي کيتي ٻاڙي ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿيڻ وارو آھي. اھا ٽيڪنالاجي نه صرف وڻن ٽڻن ۽ فصلن جي پيداوار وڌائيندي بلڪه ان جي ذريعي بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏوگڏ وڻن جا نوان نسل به متعارف ٿيندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سان برپا ڪيل ھي ٻيلا ماحول دوست ھوندا ۽ ڌرتي تي صحت مند گئسون پيدا ڪري آلودگي جي مسئلن کي به حل ڪندا. انهن ڊجيٽل وڻن جي ڀرسان وري ٿوري ٿوري وقفي تي ڇٽيون به ٺاهيل آهن، جن مان اهو تاثر اڀري ٿو ته ٻيلا انسانن کي نه صرف آسائش پهچائين ٿا ۽ آڪسيجن پيدا ڪري ماحول کي گدلاڻ کان بچائين ٿا، بلڪه ماڻهن کي ڇانورو به مهيا ڪن ٿا. اھا خوبصورت سٽاءُ دراصل بيلاروس پويلين جي رکيل ٿيم کي اجاگر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ قدرتي ٻيلن جي پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا آهي، پر هن مصنوعي ڊجيٽل وڻن تي مشتمل ٻيلي جي سندرتا جو به ڪو جواب ڪونهي. هن ڊجيٽل ٻيلي کڙي ڪرڻ جي پويان اهو مقصد ڪار فرما آهي ته جيئن ٻيلي ۾ وڻن جي هڪٻئي جي ويجهو رهڻ جي ڪري نه صرف انهن جون پاڙون مضبوط ٿين ٿيون بلڪه انهن جا ٿڙ به سگهارا ٿين ٿا، تيئن انسان پاڻ به سماج ۾ ٻيلي جي وڻن جيان گڏ رهي ڪري پنهنجي لاءِ هڪ بهتر ۽ صاف سٿرو ڀائيچاري وارو ماحول جوڙي سگهن ٿا. بيلاروس پويلين جو ٿيمForest of Future Technology  ساڳئي وقت ايڪسپو 2020 دبئي جي ٿيمConnecting Minds Creating The Future  جو پڻ عڪاس آهي. ان کان اڳ جو پاڻ بيلاروس پويلين جي اندر هلون اچو ته ٿورو گهڻو بيلاروس ملڪ بابت ڄاڻي وٺون.

هي ملڪ ريپبلڪ آف بيلاروس جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ هي سوويت يونين جو حصو هو تڏهن ان کي بيلو رشيا Byelorussia ڪوٺيندا هئا. 25 آگسٽ 1991ع ۾ هن ملڪ روس کان عليحدگي حاصل ڪري آزادي ماڻي. بيلاروس جي ڪل ايراضي 207600 اسڪوائر ڪلو ميٽر ۽ آبادي تقريبن 93 لک آهي. هن ملڪ ۾ 55 سيڪڙو عيسائي، 41 سيڪڙو لادين (بي دين) ۽ باقي بين عقيدن جا ماڻهو رهن ٿا. مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته پنهنجي ملڪ ۾ ساڳئي عقيدي وارا ماڻهو به هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ۽ انهن ۾ وقت بوقت جهيڙا ٿيندا رهن ٿا. جڏهن ته هتي عقيدي وارن ۽ لادينن جو به پاڻ ۾ ڪو جهيڙو ڪونهي ۽ هڪ ٻئي ۾ پيار محبت ۽ رواداري سان گڏ رهن ٿا. شايد انهيءَ ڪري جو هن ملڪ ۾ ڪنهن به عقيدي واري کي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ عقيدي کي فقط ذات تائين محدود رکيو ويو آهي ۽ ساڳئي وقت مذهب يا عقيدي جو رياستي ڪمن ڪارين ۽ پاليسين ۾ به ڪو عمل دخل ناهي. بيلاروس جي گادي جو هنڌ منسڪ (Minsk) آهي ۽ ڪرنسي بيلا رشين روبل آهي. ھڪ بيلا رشين روبل پاڪستان جي 71 رپين جي برابر آهي. بيلاروس ۾ زياده تر بيلا رشين ۽ روسي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ان کانسواءِ پولش ۽ يوڪريني ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو به هتي جا رهواسي آهن. هن ملڪ جو سرحدون روس، يوڪرين، پولينڊ، لٿونيا ۽ لئٽونيا سان ملن ٿيون. هي ملڪ فطرتي نظارن، ڍنڍن، ٻيلن، چن (چاڪ) جي کاڻين جي ڪري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. خاص طور تي بيلاروس جي ڪل ايراضي جي 40 سيڪڙو تي ٻيلا هئڻ ڪري هن ملڪ کي يورپ جا ڦڦڙ به سڏيو وڃي ٿو. زياده ٻيلا هئڻ ڪري بيلاروس جي پويلين جو ٿيم بهForest of Future Technology  رکيو ويو آهي. ٻيلا ئي بيلاروس جي اصل سڃاڻپ آهن ۽ اھي ٻيلا ئي آھن جيڪي انسان جو فطرت سان تعلق جوڙيندا آهن. بيلاروس ۾ ٻيلن جي اھميت، انھن جي سار سنڀال ۽ معيشيت ۾ ڪردار تان مون کي ياد آيو ته، ٻيلا ته پنھنجي ملڪ ۾ به گھڻا آھن، انھن جي سار سنڀال يا معيشيت ۾ ڪردار ته پري جي ڳالھ، پر اھي ٻيلا يا ته وڏيرن جي قبضي ۾ آھن ۽ اُنھن جي آمدني جو ذريعو بڻيل آھن يا ته ڌاڙيلن جون آماجگاھون بڻيل آھن. نه ته سرڪار سڳوري وڏيرن کان حصو پتي ملڻ سبب ٻيلن تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ تيار آھي ۽ نه ئي عوام لاءِ آزار بڻيل ڌاڙيلن جي خلاف ڪو سنجيدگي سان آپريشن ڪري ٿي، پر جڏھن به ڪو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ته ڌاڙيلن کي ھڪالي ڪڍڻ جي لاءِ سرڪار آپريشن ڪرڻ جي بجاءِ ٻيلن کي باھ لڳائي ھڪ طرف فطرت جي سونھن ۾ بگاڙ آڻي ٿي ۽ ماحول ۾ پوليوشن وڌائي ٿي، ته ٻئي طرف آمدني جي وسيلن کي نقصان پھچائي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي ٿي. قدرتي ٻيلن کانسواءِ بيلاروس سڄي دنيا ۾ ٽريڪٽرن جي وڏي انڊسٽري ۽ پٽاٽن جي پيداوار ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. بيلاروس جو توهان ڪهڙو به ٻوڙ کائو ان ۾ پٽاٽو ضرور شامل هوندو، بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ ليڊر سان گڏ چمچن جو هئڻ لازمي آهي. پنهنجي قوم جا ليڊر هونئن به دنيا جي ليڊرن کان منفرد آهن جيڪي ماڻهن کي ڏٽا ۽ ليکا ڏيئي مال کائي ڄاڻن، پر گهٽ انهن جا چمچا به ڪونه آهن. خير ڇڏيون ٿا ان موضوع کي اِتي ۽ پاڻ هلون ٿا بيلاروس پويلين گھمڻ.

جيئن ئي توهان بيلاروس پويلين جي پهرئين سيڪشن ۾ داخل ٿيندئو ته توهان جي آجيان هڪ سانُ(Bison)  ڪندو. هي مينهن جي نسل سان ملندڙ جلندڙ کير ڏيندڙ جانور آهي ۽ بيلاروس جو قومي جانور قرار ڏنل آهي. هن سيڪشن ۾ وڏين ديوارن تي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ ايل اي ڊي پينلس جي خوبصورتي سان جهنگل(Forest)  ٺاهيو ويو آهي. ان جي پسمنظر ۾ سانُ جي آواز سان گڏوگڏ ٻيلن ۾ رهندڙ جيت جڻن، جانورن ۽ وڻن ٽڻن جا آواز توھان کي فطرت سان روشناس ڪرائيندي توهان جو فطرت سان رشتو جوڙين ٿا. اهو ئي هن سيڪشن جو موٽو(Motto)  آهي،  يعني جيئن فطرت پاڻ کي جوڙي رکي ٿي تيئن توهان ٽيڪنالاجي کي پاڻ سان جوڙي ان جو حصو ٿي وڃو ۽ ايئن توهان مستقبل جي ٻيلي ۾ پنهنجي ترقي جون راهون کوليو ۽ ان سان جڙيل (ڳنڍيل) رهو.

پويلين جو ٻيو حصو ايڪسپورٽ زون تي ٻڌل آهي. هن حصي ۾ پرڏيهي ملڪن سان واپار، ان جي سهولتن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ 6 هزار کان مٿي ڪمپنين ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي جي، ماڊلن ۽ ڊاڪيومينٽري فلمن ذريعي ڄاڻ ڏنل آهي.

ان کانپوءِ توهان جي داخلا پويلين جي ٽئين حصي ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي عنوان ڏنو ويو آهيOpen Fine Doors  هن حصي ۾ بيلاروس جي سڃاڻپ بڻيل نسلي بڻ بنياد، قومي ڪلچر، قدرتي وسيلن، ثقافتي ورثي، قومي کاڌن ۽ ٻين فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل شين متعلق ڄاڻ ڏنل آهي. هن سيڪشن ۾ انهن موضوعن سان لاڳاپيل ماڊل پڻ رکيا ويا آهن ۽ انهن تي دستاويزي فلمون پڻ هلن ٿيون. کاڌن جو ذڪر نڪتو آهي ته توهان کي ٻڌائيندو هلان ته بيلاروس جا ماڻهو تمام گهڻا مهمان نواز آهن. ايتري قدر جو جڏهن مهمان روانو ٿي وڃي ۽ جيستائين پنهنجي گهر نه پهچي وڃي، تيستائين ميزبان سندس استعمال هيٺ آيل سامان ۽ بسترو وغيره به نه کڻندا آهن ۽ گهر جي صفائي ڪرڻ به اپسوڻ (برو) سمجهندا آهن. ڪي رسمون اهڙيون آهن جن جو منطق سمجهه ۾ نٿو اچي، جيئن اها رسم جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري آيا آهيون، يا گهر ۾ سيٽي وڄائڻ کي به ھن ملڪ جا ماڻھو عيب سمجهن ٿا. بهرحال ڇا به چئجي ۽ ڪهڙي به راءِ رکجي، پر اهي رسمون بيلاروس جي باشندن جي ڪلچر جو حصو بڻيل آهن.

اتان کانپوءِ توهان جي داخلا بيلاروس پويلين جي چوٿين سيڪشن ۾ ٿئي ٿي. هن سيڪشن کي انويسٽمينٽ (سيڙپڪاري) زون جو نالو ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ بيلاروس جي نيشنل اڪيڊمي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي کي هلائيندڙ اسٽيٽ ڪمپني جي معاشي سيڪٽر ۾ ڪار گذاري کان واقفيت ڪرايل آهي. هن ئي سيڪشن ۾ 4D ٽيڪنالاجي ذريعي متعارف ڪرايل بايو پرنٽر جي ڄاڻ به ڏنل آهي. هن هاءِ ٽيڪ پارڪ ۾ ميڊيسن، ايگريڪلچر، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ آءِ ٽي پروڊڪٽس جي مد ۾ بيلاروس جي ڪارڪردگي کي ماڊلن ۽ ڊاڪيومينٽري فلمن جي ذريعي اجاگر ڪيو ويو آهي.

ان کانپوءِ يعني پنجين سيڪشن ۾ ڪوريڊور جي ڇتين ۾ لائينون وڇائي شھرن ۾ پاڻيءَ جي رسد جو منفرد نظام متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان سيڪشن کان توهان اڳيان هلندا ته هڪ وڏي هال ۾ پهچي ويندا، اهو هن پويلين جو ڇهون سيڪشن آهي. هن سيڪشن کي آرٽ هال جو نالو ڏنو ويو آهي. هن حصي ۾ بيلاروس جو ڪلچر، زيور، ملڪ جي مشهور شخصيتن جا پورٽريٽ (اسڪيچ ۽ پينٽنگس) ڏسڻ لاءِ ملندا. هن سڄي آرٽ هال کي سجائڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ بيلاروس جي مايه ناز آرٽسٽDaria Malrosona جو پورھيو شامل آهي.

ان آرٽ ھال کانپوءِ ستون سيڪشن اچي ٿو جنهن ۾ ملڪ جي ٽوئرزم ۽  اسپورٽس کي متعارف ڪرايو ويو آهي. هن سيڪشن ۾ دستاويزي فلمن جي ذريعي ملڪ جا حسين قدرتي منظر ۽ گهمڻ جون تاريخي ۽ ٻيون عمارتون ڏيکاريل آهن. ان کانسواءِ اسپورٽس (راندين) جون سرگرميون به هن سيڪشن جون جان آهن.

ان کانپوءِ پاڻ پھچون ٿا اٺين سيڪشن ۾ جنھن کي گفٽ زون جو نالو ڏنو ويو آهي. هن ۾ ملڪ جون ثقافتي شيون، زيور، لباس، هنري شيون ۽ عام استعمال ۾ ايندڙ شيون وغيره رکيل آهن. هن ئي سيڪشن ۾ بيلاروس جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان لاڳاپيل مين اسڪرپٽس جيڪي 12 صديءَ ۾ آيل تاتارين جي دور جا آهن، پويلين ۾ ايندڙ ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهن ٿا.

ان کانپوءِ توهان هن پويلين جي نائين ۽ آخري سيڪشن ۾ پهچو ٿا. هي سيڪشن سڀني کان زياده جاذب نظر ۽ حيرت انگيز پڻ آهي. هن سيڪشن ۾ هڪ وڏو اُن (پشم) مان وڻ ٺاهيو ويو آهي جنهن کيTree of Mind ياTree of Knowledge  جو نالو ڏنو ويو آهي. هي آرٽ جو نادر نمونو ڀاسندڙ وڻ ڪافي ڊگهو ۽ انتهائي خوبصورت آهي ۽ آرٽسٽ Hristma Vysotskaya جو ٺاهيل آهي. ھي بلڪل ايئن ڏيکائي ڏئي ٿو. جيئن ڪوهه مري جي برفاني موسم ۾ صنوبر جي وڻ تي برف جو تهه ڄمي ويندو آهي. پويلين جي مٿئين فلور کان هيٺ گولائي ۾ چاڙهي لهي ٿي جنهن تان نظارو ڪندا هلندا هلندا توھان هيٺ گرائونڊ فلور تي وڻ جي ڀرسان پهچي وڃو ٿا. گئلري مان يا هيٺ ان وڻ جي خوبصورتي توھان کي ان جي وڊيو ٺاهڻ تي مجبور ڪندي. هن وڻ جي نصب ڪرڻ جو مقصد نه صرف ملڪ جي ٽيڪسٽائل کي فروغ ڏيڻ آهي، پر ساڳئي وقت جديد ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي متعارف ڪرائڻ پڻ آهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ جديد ٽيڪنالاجي جيڪا اڳتي ھلي دنيا جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيندي ۽ ماڻھو جي زندگي سھل بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

هن سان گڏ بيلاروس جي پويلين جو سفر اختتام تي پهتو. مجموعي طور تي هي پويلين جتي ملڪ جي فطرتي سونهن ۽ نظارن کي پسائي ٿو اتي ملڪ جي قدرتي وسيلن ۽ ترقي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪردار کي به اجاگر ڪري ٿو. جديد ترقي جي رجحانن ۽ انساني زندگيءَ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي انقلاب آڻڻ جي پسمنظر ۾ ٺاهيل هي پويلين ماڻهن کي هر وقت پاڻ ڏانهن ڇڪي رکي ٿو. هڪ واري منهنجو ذهن پنهنجي ملڪ جي پيداواري وسيلن ڏانهن وڃي ٿو. ڪاش! اسين به پنهنجي بيش بها قدرتي وسيلن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهون؟

اتان ٻاھر نڪتس ته پويلين جي اڳيان ٺھيل ننڍڙي اسٽيج تي فنڪار پولينڊ جو ثقافتي لباس پھري سُر سنگيت ۽ ڊانس ڪري رھيا ھئا. ھن پويلين جي ننڍڙي اسٽيج تي ٿيندڙ تقريبن پندرھن ويھن منٽن جو ھي لائيو شو روز جو معمول آھي، جيڪو وقفي وقفي سان ٿيندو رھي ٿو ۽ اتان لنگھندڙ سُر سنگيت ۽ نرت ڪلا جي ھن منچ جي اڳيان بيهي خوب مزو وٺن ٿا. پويلين جي ٻاھر گولائي ۾ ھڪ خوبصورت سيلفي پوائنٽ به ٺھيل آھي جنھن جي بيڪ گرائونڊ ۾ بيلاروس لکيل آھي. جي چاھيو ته اتي بيھي  فوٽو ڪڍائي پنھنجي ياترا جي يادگار لمحن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪري سگھو ٿا ۽ موقعي مھل تي پنھنجن پيارن (جي آھن ته!) کي ڏيکاري داد وصول ڪري سگھو ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments