خاص

حيدرآباد ۾ گهرڀاتين کي هپناٽائز ڪري ڌاڙو هڻڻ جو ڇرڪائيندڙ واقعو، جادوگر عورتون سرگرم

حيدرآباد ۾ عورتن جي هڪ ٽولي سمورن گهرڀاتين کي هپناٽائز ڪري گهر ٻهاري ورتو. نجي ٽي وي موجب عورتن حيدرآباد ۾ فورٽ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ واقع واپاري سهيل شيخ جي گهر ۾ گهڙي فيملي کي هپناٽائز ڪري گهر ۾ موجود روڪ رقم، زيور ۽ لکين رپين جون قيمتون شيون ٻهاري فرار ٿي ويون. متاثر سهيل شيخ پوليس کي ٻڌايو ته اڻڄاتل عورتون گهر ۾ آيون ۽ اسان کي چيو ته ڪجهه ڪرتب ڏيکارڻو آهي، اسان کين اجازت ڏني. هن چيو ته ڪرتب ڏيکارڻ بهاني اسان کي هپناٽائز ڪيو ويو ۽ مان پنهنجن ئي هٿن سان 20 تولا سونا زيور، روڪ رقم ۽ قيمتي شيون سندن حوالي ڪري ڇڏيون. سموري واردات ۾ اسان جو 40 لک رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. رپورٽ موجب پوليس اڻڄاتل عورتن جي ٽولي خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.