حيوانيت

ڪهاڻي
حيوانيت
سعادت حسن منٽو
ترجمو: زاهده ابڙو
ٻئي زال مڙس ڏاڍي مشڪل سان گهر جو ٿورو سامان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا-
جوان ڌيءَ جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو، ننڍڙي ڌيءَ جنهن کي ماءُ پنهنجي سيني سان لڳائي رکيو-
هڪ ڀوري مينهن هئي- جنهن کي حملا آور پاڻ سان گڏ کڻي ويا-
ڍڳي بچي وئي، پر ان جو گابو نه ملي سگهيو-
زال مڙس، سندن ننڍڙي ڇوڪري ۽ هڪ ڍڳي، هڪ ئي جاءِ تي لڪا ويٺا هئا، اونداهي رات هئي-
ٻارڙيءَ ڊپ کان روئڻ شروع ڪيو ته سانت واري ماحول ۾ ائين لڳو ڄڻ ڪو دهل وڄائيندو هجي-
ماءُ ڊپ ۾ ٻارڙيءَ جي منهن تي هٿ رکي ڇڏيو ته ڪٿي دشمن نه ٻڌي وٺي-
روئڻ جو آواز ڌٻجي ويو-
پيءُ احتياط طور ننڍڙيءَ جي مٿان ٿلهو ڪپڙو وجهي ڇڏيو. ٿوري دير کانپوءِ پري کان ڪنهن گابي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو-
ڳئون جا ڪن اڀا ٿي ويا- اٿي هيڏانهن هوڏانهن چرين وانگر ڊوڙڻ لڳي ۽ رانڀاٽڻ لڳي-
ان کي چپ ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر بيڪار-
گوڙ ٻڌي دشمن اچي پهتو، پري کان مشالن جي روشني نظر اچڻ لڳي-
زال پنهنجي مڙس کي ڪاوڙ مان چيو، “تون هن حيوان کي پاڻ سان گڏ ڇو وٺي آئين”.
(منٽو ڪي سئو افساني)