خاص

حڪومت جو عوام کي نئين سال ۾ مهانگائي جو تحفو، پيٽرول اگھ ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ

حڪومت عوام کي نئين سال ۾ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ جو تحفو ڏئي ڇڏيو، پيٽرول اگھ ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي. وفاقي حڪومت پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جي منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، پڌرائي موجب پيٽرول 4 رپيا واڌ کانپوءِ في ليٽر 144 رپيا 82 پئسا ٿي ويو. نوٽيفڪيشن تحت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھ ۾ به 4 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگھ 114 رپيا 62 پئسا ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ موجب لائٽ ڊيزل به 4 رپيا 15 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ لائٽ ڊيزل في ليٽر 111 رپيا 6 پئسا في ليٽر ۾ دستياب هوندو. حڪومت گاسليٽ جي اگھ ۾ به 3 رپيا 95 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جو نئون اگھ 113 رپيا 53 پئسا ٿي ويو. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت آئي ايم ايف پيٽروليم ليوي ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ ڪئي وئي، نوان اگھ اڄ کان لاڳو هوندا.