حڪومت جو نيب چيئرمين جاويد اقبال کي هٽائڻ جو فيصلو

حڪومت قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب حڪومت ٽيڪنيڪي بنيادن تي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب نيب ترميمي آرڊيننس جو مدو 2 جون تي ختم ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن آرڊيننس ختم ٿيندو ته موجوده نيب چيئرمين پنهنجي عهدي تي برقرار نه رهي سگهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس ۾ موجوده نيب چيئرمين کي ايندڙ چيئرمين جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ جي شق شامل ڪئي وئي هئي ۽ جسٽس (ر) جاويد اقبال عارضي انتظام تحت هن وقت نيب چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments