خاص

حڪومت جو پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ نئون فارمولو اختيار ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ ڊالر جي سراسري ريٽ جو فارمولو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن جي طريقيڪار لاءِ پيٽروليم ڊويزن جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي هڪ هفتي ۾ پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جي ٻين آپشنز تي به ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جي اگهن کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ تجويزون گهري ورتيون. اجلاس ۾ اي سي سي پي ايس او جون رهتون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، ناڻي واري وزارت موجب اهو فيصلو تيل ۽ گئس جي سپلاءِ چين جي تسلسل ۽ پي ايس او کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ ڪيو. اي سي سي پي ايس او لاءِ 30 ارب رپين جي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني، پاور ڊويزن پهرين آگسٽ تي 20 ارب ۽ 14 آگسٽ تائين 12.8 ارب رپيا ادا ڪندو. اي سي سي ايف بي آر کان هڪ هفتي ۾ 30 ارب رپين جي ٽيڪس وصولي جون تجويزون به طلب ڪري ورتيون.