حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل 30 رپيا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو، عوام تي بار وجهڻ اڻٽر هو: ناڻي وزير
حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڏکيو فيصلو هو ته اسان عوام تي بار وجهون ۽ وجهون ته ڪيترو وجهون، مان اڳ کان چئي رهيو هئس ته عوام تي ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇو ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ جمعي جي ڏينهن کانپوءِ پيٽرول، ڊيزل، ڪيروسين آئل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ اڄ کان لاڳو ٿيندي. قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في ليٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ ليٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويندو. جيستائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت نه وڌائي ويندي، تيستائين مارڪيٽ ۾ استحڪام ايندو ۽ مارڪيٽ ڏسندي ته حڪومت هاڪاري قدم کنيو آهي ۽ هڪ سال ٻه مهينن جي عرصي ۾ معيشت بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. مفتاح اسماعيل چيو ته ان سان رپئي کي استحڪام ملندو، اسٽاڪ مارڪيٽ به اڳتي وڌندي ۽ سڀ کان اهم معيشت ۾ توازن برقرار رهندو.

