حڪومت کي سازش تحت هٽايو ويو، عمران خان جي سراج الحق سان ڳالهه ٻولهه

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال، ٻه طرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته حڪومت کي هڪ باضابطا سازش تحت هٽايو ويو، قومي رجحانن تي ٻڌل محب وطن قوتن کي گڏجي ان سازش کي ناڪام بڻائڻو پوندو. سراج الحق پاران عمران خان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي 2013 کان 2018 تائين خيبر پختونخواهه حڪومت ۾ اتحادي رهيون آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments