ڪتاب تي تبصرو

خاطيءَ جا نظم ۽ باهه جي ديوار وسيم سومرو June 2021

ادب ۽ آرٽ ۾ اسين جڏهن گُل ڇڻڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون تڏهن ان جو مطلب ڪنهن جو ڪنهن کان جدا ٿيڻ ئي هوندو آهي. گل جيئن خوبصورت آهن، تيئن جدا ٿيڻ وارا به خوبصورت ئي هوندا آهن، ڪٿي پنهنجي ڪردار ۾ خوبصورت، ڪٿي پنهنجي رشتي ۾ خوبصورت، منهنجي سامهون هي جيڪو نظمن تي مشتمل ڪتاب “ڇڻيا گُل ڇُڳا” پيو آهي، اهو به اهڙن عظيم ۽ خوبصورت رشتن ماءُ ۽ پيءُ جي جدائي تي لکيل نظمن جو آهي. هي ننڍڙو ڳٽڪو جيڪو خان محمد خاطيءَ جو لکيل آهي. جنهن ۾ هن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي وڇوڙي جا ورلاپ نظمن جي صورت ۾ لکيا آهن.

خان محمد “خاطي” سنڌ جو هڪ سُڄاڻ شاعر آهي، جنهن هن کان اڳ به ڪجهه شاعريءَ جا ڪتاب پنهنجي پڙهندڙن کي ڏنا آهن. هن پنهنجي هنن نظمن ۾ جيڪي ڏک، سُور، صدما ۽ گهاءَ سميٽيا آهن، اهي پنهنجي والدين جي وڇوڙي ۾ لکيا آهن.

منهنجي نظر ۾ بظاهر ته هي هڪ نظمن جو ڳٽڪو آهي، پر اصل ۾ هنن نظمن ۾ درد جي هڪ طويل ڪهاڻي سمايل آهي. اها ڪهاڻي خان محمد خاطيءَ جي زندگيءَ جي سچي ڪهاڻي سمايل آهي. ان تصوير ۾ هن جو ڳوٺ، ڳوٺ جا رستا، رستن جا وڻ، وڻن جا پکي، ٻنيون ٻارا موجود آهن. ڳوٺ جنهن ۾ هن جو هڪ ٺهرايل اميدن جو ٻه ماڙ گهر آهي. خان محمد خاطيءَ جا جيستائين ماءُ پيءُ حيات هئا، تيستائين هن سان ڳوٺ به پرتل هو. ڳوٺ جا سڀ گهر ڄڻ هن جا پنهنجا گهر هئا. جن جا اڱڻ هن جا پنهنجا هئا. اڱڻ تي کيڏندڙ ٻار، ٻارن جا خواب هن جا پنهنجا هئا، هن جا ڀائر، ڀينرون به هن سان راس هئا. پري کان سندس ڳوٺ جا وڻ کيس ڏسي سڃاڻي وٺندا هئا. ڳوٺ جو واهه، واهه جون لهرون، جن سان هُن پنهنجو ننڍپڻ رانديون ڪندي گذاريو، اهو سندس لوڏ مان لکائي ويندو هو ته هي خان محمد خاطي آهي. خان محمد خاطي، جنهن ان جي ئي پاڻيءَ سان پنهنجي ٻنيءَ کي ريج ڏنا، ريج ڏئي ٻنيون ڪاهيون، ٻنيون تاتي جوان ڪيون، فصل لڻيا، ڳاهون ڳاهيون ۽ پنهنجي اولاد جي مستقبل جا سونهري خواب ڏٺا! پر سندس ماءُ پيءُ جي وڇوڙي کانپوءِ اهڙو ڪو واءُ وريو، جنهن ۾ خان محمد خاطيءَ کان سڀ ڪجهه رُسي ويو! اهو رت جيڪو دانگيءَ تي ورندو آهي، سو پنهنجي اها ڪيفيت ڇڏي ٿو وڃي. ڳوٺ، ڳوٺ جا وڻ اوپرا ٿي ويا، خان محمد خاطي هڪ سادو ڳوٺاڻو هو، ساڳئي وقت اجرو ۽ معصوم شاعر به! جيتوڻيڪ هن ڏانٽي سان گاهه به ڪيا هئا، مال جي چاري لاءِ ڪهاڙي سان وڻ جي ٽاري به وڍي هئي، پر هن ان ساڳيءَ ڪهاڙي سان پنهنجي ڪاوڙ ۾ پنهنجي انصاف لاءِ رشتن کي ٽڪر ڪرڻ نه سکيو هو!

نتيجي ۾ هُو ويجهن رشتن جا رُساما پنهنجي ڳنڍ ۾ ٻڌي، پنهنجي ڀريي پڪلي گهر کي خالي ڪري، ماءُ پيءُ جي قبرن تي ميارن جا ڏيئا ٻاري شهر هليو آيو ۽ پوئتي رهجي ويا هن جي اباڻن جا پَٽ، پَٽن جون ٿڌيون ڪوسيون هوائون، هوائن سان ٻکيل وڻ، وڻن جي اوٽ مان نظر ايندڙ سندس ڳوٺ، ڳوٺ ۾ اڏيل سندس ٻه ماڙ گهر ۽ آسپاس ڪا مسجد، جنهن جا نشانبر مينار.

هي سڀ ڪجهه ڇاهي؟ خان محمد خاطيءَ ان ڇاهي جو جواب پنهنجي نظمن سان ڏنو آهي. مون کي خبر ناهي ته خان محمد خاطيءَ جي پنهنجن جا رساما ڪيترو وقت رهندا، خان محمد خاطيءَ جو ڳوٺ ۾ اڏايل ٻه ماڙ گهر هن کي وري نصيب ٿيندو يا نه ٿيندو! ڳوٺ جي پراڻي قبرستان ۾ هن جي وڏڙن جون قبرون سلامت رهنديون به يا نه رهنديون! پر هيءَ خبر آهيم ته خان محمد خاطيءَ “ڇڻيا گُل ڇُڳا” ۾ جيڪي نظم تخليق ڪري سهيڙيا آهن، انهن کي ڪابه لوءِ لٰوساٽي نه سگهندي، ڪابه مينهن جي ٻوڏ ٻوڙي نه سگهندي. هي نظم جيڪي ڪنهن به قبر جو کاڄ نه ٿيندا. بلڪه هي نظم هميشه زنده رهندا، جڏهن به هن ڪتاب جا ورق ورائي منجهس سهيڙيل نظم پڙهبا ته اسان سان ساڳي ئي گفتگو ڪندا، جا گفتگو انهن نظمن پنهنجي تخليقڪار سان ڪئي آهي. اها گفتگو ڪڏهن به ڪنهن به ڪوڙي جي واعدن وانگر ڦرندي ڪانه، ڀلي ٻاهر ڪهڙي به موسم هجي، سيارو هجي يا آرهڙ، پن ڇڻ هجي يا بهارُ هي نظم پنهنجي پنجين موسمَ ۾ جيئن هئا تيئن رهندا، هيءَ پنجين موسم تخليقي احساس جي موسم آهي، جا صدا حيات آهي. اها تخليقي احساس جي موسم جنهن ۾ خان محمد خاطيءَ هي نظم لکيا آهن، هي نظم جيڪي هن جي والدين جي رشتن جي ريشمي تاڃيو پيٽو آهن، اچو ته ڪجهه نظمن کي ويجهڙا ٿي انهن جي درد جي ڪيفيت کي محسوس ڪريون.

ڪجهه نظم خان محمد خاطيءَ ماءُ جي حياتيءَ ۾ ئي لکيا:

او امان منهنجي امان! جيجل امان!

تنهنجي پيرن ۾، منهنجي منزل امان!

تنهنجي دم سان، منهنجي جيون کي مليون،

رنگَ، خوشبو، روشنيون جهلمل امان!

چئن ڏينهن جي جدائي آ وڏي،

ڪيئن آهين؟ چاڪ، خوش ڪومل امان!

اها ڪومل ماءُ هڏڙن جي مُٺ آهي، جنهن جي جڏڙي جسم جي صورت خاطيءَ هئين چٽي آهي:

جڏهن تنهنجي جڏڙي جسم کي ڇُهان ٿو،

نرم نرڙ، هٿ پير تنهنجا چمان ٿو.

ويهان تنهنجي ويجهو ڀران ٿو، ٺران ٿو!

اُچاريان امڙُ ساهه سرها بڻجي ٿو،

مٺاڻن جو جند ۾ مزو ماڻجي ٿو،

لطف خاطي اهڙو لهان ٿو، ٺران ٿو!

جڏهن رشتن ۾ باهه ڀڙڪي اوچي ديوار ٿي وڃي ٿي ته اها ويجهڙي ماءُ ڳوٺ ۾ پري رهجي وڃي ٿي ۽ خان محمد خاطيءَ کي شهر جي هوا گهيري ڇڏي ٿي، جتي هو ماءُ کي ياد ڪري نظم جي صورت ۾ بڻجي وڃي ٿو:

ٿي تيز دل جي ڌڙڪن، ڳوٺان امڙ سڏي ٿي،

هر وقت نيڻ ترسن، ڳوٺان امڙ سڏي ٿي.

ڪا لوچ پوچ هوندس، منهنجي ئي سوچ هوندس،

منهنجا خيال سڏڪن، ڳوٺان امڙ سڏي ٿي.

هُت هانءُ هن جو ٽنگيل، هِت روح منهنجو زخميل،

درڪار آهي درشن، ڳوٺان امڙ سڏي ٿي.

جڏهن ماءُ سڏيندي آهي ته اولاد سڏ پڙاڏا ٿي ويندو آهي ۽ سڏ پڙاڏا ڇو نه ٿئي؟ جنهن ماءُ جي ٿڃ نس نس ۾ ڊوڙندي آهي، جنهن ماءُ جا اوجاڳا ڇانوَ مٿان لهرائيندا آهن، جنهن ماءُ جو پل پل پورهئي ۾ گهايل هوندو آهي، ماءُ جي ان پورهئي جي پيڙا کي خاطي سٽن ۾ هئين قيد ڪيو آهي:

گرم ڏينهن جهولا هجن، يا سيارا،

ڪيائين ڀريون گاههَ، ڪڻڪن لابارا،

ڪڍي سونگڙين مان ڦٽيون چونڊيائين،

کڻي ڇڄ ٻهارو، ڪنڍيون ٿي ڪيائين،

بصر جو گُڏون ۽ ڪيائين وڍائي،

سدا ڀاڄين جي ڪيائين پٽائي،

ڪڏهن تيز ڏاٽي سان چيچون وڍيون ٿي،

کُتيون روز پيرن هٿن ۾ کُتيون ٿي،

ڪيائين گذارو رکيءَ ۽ سڪيءَ تي،

بصر، دال کچڻي يا جهڻ جي چُڪيءَ تي،

پنهنجا لڙڪ پي ۽ سدا سور کائي،

نه ليکي ۾ آندائين اگهائي سگهائي.

هي پورهيت جو پور تربت کي ڇڏڻ وقت جنهن خاطيءَ جي اندر کي ڪيترو گهايو هوندو، ڪيترا سڏۡڪا هن گهٽيا هوندا، ڪيترا لڙڪ هن پيتا هوندا، اها هن کي ئي بس ان لکڻ يا ڀوڳڻ بعد جي هن جي چپن مان هيءَ دعا ئي نڪتي ته:

خدا هاڻ ان کي حياتي سُکي ڏي،

اي الله! منهنجي امڙ کي خوشي ڏي.

انسان کي پنهنجي سماج جون خاص حالتون ڏک يا سک ڏينديون آهن ۽ ان جا پلئه خوشين يا غمن سان ڀرينديون آهن، پر اسين پنهنجي آس کي مٿي آڪاس ڏي اماڻڻ جي ڪوشش ۾ صبر جي ڳنڍ ٻڌي ويهي رهندا آهيون.

۽ جڏهن اها پورهيت ماءُ به مِٽيءَ جو کاڄ ٿي وڃي ٿي ته اسان جو شاعر خان محمد خاطي هئين چوڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو:

امر رب جو آيو، امڙ موڪلايو،

اسان سر نمايو، امڙ موڪلايو.

پهرين ابي موڪلايو ۽ پوءِ پورهيت ماءُ!

ابو ٿيو جدا ۽ امڙ پڻ ڇڏي وئي،

ڪيان حال ڪنهن سان، اڪيلو ڪري وئي.

برابر ابو به ٻڪ مٽيءَ جو هو ۽ امڙ به مُٺ مٽي جي هئي! بلڪه خاطي پاڻ به ٻڪ مٽيءَ جو ئي آهي، فرق هي آهي ته هي هنن جي مٽيءَ مان ڦٽل تاريءَ جو گُل آهي! ۽ ڪوبه گل سدا سائو نه رهندو آهي، اهوئي فطرت جو امر آهي.!

هي نظم جن جي ڪهاڻيءَ تي پاڻ پڙهيو، اهي نظم چاليهارو کن آهن، جيڪي ماءُ پيءُ جي عظيم رشتن تي چيل آهن. ضروري ناهي ته عظيم رشتن تي چيل نظم به عظيم هجن، نظم کي عظيم ان جون شعري گهرجون ڪنديون آهن، هي نظم مون مثال طور کنيا آهن، وڌيڪ جاندار آهن، فني اعتبار کان به ۽ موضوعاتي لحاظ کان به، اڪثر خاطيءَ جا نظم بلڪل سادي پيرايي ۾ لکيل آهن، جيتوڻيڪ هي دور جديد نظم جو دور آهي، پر اڪثر خاطيءَ جا نظم جديد نظم جي پهچ کان پري آهن. خاطيءَ جي ڪنهن به نظم تي عنوان ناهي، اهي ڄڻ سڀ نظم هڪ نظم جو سلسلو آهن، منهنجي نظر ۾ هر نظم کي هڪ الڳ عنوان ملڻ گهرجي ها! جيئن حوالي ۾ ڏيڻ وقت ان خاص نظم جو ذڪر ڪري سگهجي ها. سادي پيرايي ۾ لکيل هي نظم خاطيءَ جي هڪ ٻئي فني نظر جا گهرجائو آهن. ڇو ته هي نظم برابر خاص حيثيت ۾ خاطيءَ پنهنجي ماءُ، پيءُ جي عقيدت ۾ لکيا آهن، پر هي سڀ نظم عام طور دنيا جي سڀني مائرن ۽ پيئرن لاءِ آهن. ڪوبه نظم جڏهن تخليقڪار وٽان تخليق ٿي ڪاغذ تي لهندو آهي ته اهو ڇپجڻ کانپوءِ تخليقڪار بجاءِ پڙهندڙن جي امانت ٿي ويندو آهي، جيئن هي نظم آهن، جيڪي “ڇڻيا گُل ڇُڳا” جي ڪتاب جي صورت ۾ هاڻ پڙهندڙن جي امانت آهن.