خطي ۾ امن لاءِ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهيون: سعودي عرب
سعودي عرب جي پرڏيهي نائب وزير عادلالجبير اعتراف ڪيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي. عرب نيوز موجب عادلالجبير چيو آهي ته سعودي عرب پوري خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ ان جي لاءِ ڪيتري ئي سطح تي ڪوشش ڪندو آهي، هن چيو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مستقل ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، چاهي اهو اسرائيل ۽ فلسطين ۾ امن هجي يا لبنان، شام، عراق، ايران ۽ افغانستان جو معاملو هجي. ايتري تائين به جو اسان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ به ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، چاهي سوڊان ۾ استحڪام پيدا ڪرڻو هجي يا لبيا ۾ جنگ جو خاتمو هجي، اسان هر جاءِ تي مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي.