خون صرف خنجر سان ئي ناهي ٿيندو!
اسان وٽ عام طور تي گهڻي قدر ماڻهو قتل جي اصل ۽ لڪل معنيٰ ۽ ان جي اصطلاحي ۽ مجازي معنيٰ کان يا ته اڻڄاڻ هوندا آهن يا وري اڻڄاڻ هجڻ جو مکر، ڍونگ يا بهانو ڪندا آهن.
افسوس ته اسان وٽ هر روز، هر پهر، هر ڳوٺ، هر شهر، هر رستي، هر گذر، هر بازار، هر دفتر، هر دوا خاني ۽ اسپتال اندر، منهنجي ۽ تنهنجي گهر، مسلسل هر ڏهاڙي، هر گهڙي الله جي مخلوق جو ناحق قتل ٿئي ٿو، پر افسوس ته اسان مان گهڻن کي ان جي ڪا به پرواھ ناهي هوندي ۽ ڪئي ته ان کي سمجهڻ ئي ناهن چاهيندا. اسان کي اهو ضرور سمجهڻو پوندو ته اسان روزانو ڄاڻي يا اڻڄاڻي هڪٻئي جو قتل ڪري رهيا آهيون.
خون صرف خنجر سان ئي ناهي ٿيندو؛ ڪيس صرف ڪهاڙي، ڪلاشنڪوف يا بندوق جي ڪارتوس سان ئي ناهي ٿيندو؛ قتل صرف ڪنهن کي گهٽو، باھ يا زهر ڏيڻ سان ئي ناهي ٿيندو… خدارا! اسان کي سمجهڻو پوندو ته قتل ڪنهن جي چوري ڪرڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ دوائن ۾ ملاوٽ ڪرڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪنهن تي تهمت هڻڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو، ٺڳي ويساهه گهاتي ۽ ڪنهن کي دوکو ڏيڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو، ڪنهن کي بيعزت ڪرڻ ۽ گار ڏيڻ جي ڪري به ٿي سگهي ٿو.
جمن نالي هڪ شخص ٽنڊو ڄام لڳ هڪ ڳوٺ جو غريب ۽ شريف رهواسي هو. جمن هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پٽيوالي جو ڪم ڪندو هو. جمن کي ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ هو. هر ڪنهن جيان جمن به پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏيارڻ چاهي ٿي ته جيئن هو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. پنهنجي پيءُ ۽ اکين کان اڌ نابين ماءُ جو سهارو بڻجي سگهن. هن مهانگائي جي دور ۾ هڪ اسڪول جي پٽيوالي ڪندڙ شخص لاءِ اهو انتهائي مشڪل هو ته هو ان ٿورڙي پگهار ۾ پنهنجي گهر جا سڀ خرچ هلائي ۽ پنهنجن ٻارن کي سٺي تعليم ڏياري سگهي. جمن جي زال وڏي محنتي ۽ همت واري عورت هئي. هن ڏينهن رات ماڻهن جي ڪپڙن جون سلائيون ڪيون ته جيئن هوءَ گهر جي خرچن ۾ جمن جي ڪجھ مدد ڪري سگهي. ڏينهن رات سلائي ڪرڻ ڪري هن جي اکين ۾ ڌنڌ اچڻ لڳي، پر هن گهر جي خرچن جو سوچي اها ڳالھ ڪنهن سان به نه ڪئي ۽ سلائيون ڪندي رهي. لاچاري ۽ لاپرواهي سبب هن نيٺ پاڻ کي اکين کان اڌ نابين ڪري وڌو. ڊاڪٽرن جو جمن جي زال کي سختيءَ سان حڪم هو ته هوءَ سلائي بنھ نه ڪري نه ته هوءَ اکين کان پوري طرح نابين ٿي سگهي ٿي. جمن هڪ محنتي، بردبار ۽ پنهنجي ڪهول سان سچو پيار ڪندڙ شخص هو. هن پنهنجي زال کي ڊاڪٽرن جي صلاح تي هلڻ لاءِ سختي سان تلقين ڪئي. هاڻ هڪ دفعو وري سڄو بار جمن جي ڪلهن تي اچي پيو هو ۽ هن پنهنجي اسڪول واري ڪم کانپوءِ شام کان رات تائين پنهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ چانھ جي هوٽل تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن هو پنهنجي گهر جي خرچن کي پورو پئجي سگهي. جمن جون نياڻيون جن مان هڪڙي اوڻيهن سالن جي، ٻي ايڪيهن سالن جي ۽ ٽين ٻاويهن سالن جي ٿي هئي ۽ هن جو پٽ پنهنجين ڀيڻن کان ننڍو هو ۽ اچي ارڙهن سالن جو ٿيو هو. جمن جي نياڻين جا هاڻ رشتا به اچڻ لڳا هئا ۽ سندس پٽ جنهن جو نالو شمن هو، جيڪو پري ميڊيڪل ۾ ٻارهين درجي جو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪري چڪو هو ۽ هاڻ هو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملڻ لاءِ آسائتو هو. جمن هاڻ ستونجاهه سالن جو اچي ٿيو هو ۽ نياڻين جي شادين ۽ پٽ جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ۽ پڙهائي جي خرچن جو سوچيندي پريشان رهڻ لڳو. ڪافي سوچ ويچار ۽ پنهنجي زال سان صلاح مشورو ڪرڻ کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته هو وقت کان اڳ رٽائرمينٽ وٺي ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ ملڻ وارن پئسن مان پنهنجي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ۽ پٽ جي ميڊيڪل جي پڙهائي تي خرچ ڪري. جمن کي اهو پڻ ذهن ۾ هو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ ملڻ واري پينشن مان هو گهر جا خرچ نه هلائي سگهندو، سو هن اهو پڻ سوچيو هو ته رٽائرمينٽ جي ڪجھ پئسن مان هو هڪ ننڍو دڪان کوليندو يا چنگچي رڪشا وٺي هلائيندو، پر قسمت کي شايد اهو منظور ئي نه هو. جمن ۽ سندس گهرواري پنهنجي دل ئي دل ۾ ڪيترا ارمان سجايا هئا ۽ پنهنجن ٻارن جي خوشين لاءِ ڪهڙي ريت پلاننگ ڪئي هئي اها سڀ قسمت جي نظر ٿي وئي.
جمن جنهن ڏينهن رٽائرمينٽ جا پئسا وصول ڪرڻ لاءِ خوشي خوشي گهران روانو ٿيو. ان ڏينهن هو ڪافي دير سان گهر پهتو، جنهن جي ڪري سندس گهروارا پريشان ٿي ويا. سندس گهرواري ان پريشانيءَ ۾ ڪم ڪندي ڪندي ٿاٻڙجي ڪري پئي، جنهن تي سندس چارئي ٻار سخت پريشان ٿي پيا.
ٽپهريءَ جو وقت گذري ويو هو، وچين وقت در کڙڪيو ۽ جمن گهر ۾ داخل ٿيو. سندس هٿ ۾ ڳريون ڳريون سامان جون ٿيلهيون هيون جن کي ڏسي ٻار ٿورو حيران به ٿيا ۽ خوش به ٿيا. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته جمن کي شهر ۾ سندس ڪو ننڍي هوندي جو دوست ملي ويو هو ۽ ان کيس زبردستي منجهند جي ماني کارائي ۽ پوءِ جمن ٻارن لاءِ ڪجهه سوکڙيون ورتيون. جنهن ۾ هن پٽ لاءِ خاص طور تي باٽا جو ڪاري رنگ جو بوٽ به آندو هو. ڇو ته جڏهن شمن ٻه سال پهرين ڪاليج وڃڻ شروع ڪيو هو ته وٽس بوٽ نه هو ۽ هو پيءُ وٽ پئسا نه هئڻ ڪري بوٽ جي فرمائش نه ڪري سگهيو. جيئن ئي سندس هٿ ۾ پئسا آيا هن پنهنجي پٽ جي دلي خواهش پوري ڪري ڇڏي. جمن ٻارن کي سوکڙين ۾ رڌل ڏسي زال کي سڏ ڪري هڪ ڪاري ٿيلهي کيس سنڀالي رکڻ لاءِ ڏني ۽ کيس ٻڌايو ته هن ۾ پئسا آهن. سندس زال پئسا نهايت احتياط سان وڃي اسٽور ۾ هنڌن هيٺ لڪائي رکيا ۽ هن پنهنجي زال کي اهو به ٻڌايو ته سندس ملاقات هڪ نوجوان سان ٿي جنهن کيس سٺي حالت ۾ هڪ چنگچي وٺرائي ڏيڻ جو وچن ڪيو آهي. سندس زال پئسا رکڻ کانپوءِ خوفزده نظر اچي رهي هئي، جنهن تي جمن چيس ته خوف نه ڪر پئسا سڀاڻي بينڪ ۾ رکرائي ايندس، بس تون هاڻ پريشان نه ٿي، الله چڱي ڪندو! جمن جهڙي هڪ شريف غريب ۽ سادي ماڻهو کي ڪهڙي خبر ته هن دنيا ۾ ڪيڏا نه ظالم، بي رحم ۽ بي قياس ماڻهو رهن ٿا… جن جي نظر رڳو ٻين جي ڌن ۽ تن تي ئي رهي ٿي ۽ اهي سفاڪ، وحشي، حيوان، بي ضمير، خوني ۽ ناحق ڪندڙ ماڻهو ايئن سمجهندا آهن ته کين چوريون، ڌاڙا ۽ ڦرلٽ ڪرڻ سندن حق آهي…
رات جو ساڍي ٽين وڳي ٻنهي زال مڙسن جي اک کلي ۽ ڏٺائون ته سندن در مان ڪو ٻاهر نڪري رهيو آهي، پريشان ٿي ٻئي ڄڻا اسٽور روم ۾ ڀڳا ۽ پيتي کليل ڏسي سندن دل ڏڪي وئي، پر تنهن هوندي به هر رلهي ۽ هر سوڙ کي کولي کولي ڏٺائون پئسا غائب هئا.
سڀ گهر ڀاتي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي رڙين تي جاڳي پيا، جمن ايڏي وڏي صدمي کي سهي نه سگهيو ۽ هڪدم دل جي دوري پوڻ سبب دم ڏيئي ڇڏيو! اهو سڄو منظر ڏسندي جمن جي زال به هن صدمي کي سهي نه سگهي ۽ کيس به دل جو دورو پيو ۽ هن به مڙس پويان دم ڏيئي ڇڏيو!
ان رات نه صرف چورن چوري ڪئي پر ٻه قتل به ڪيا ۽ چئن معصوم زندگين جا مستقبل اونداها ڪيا.
جمن جو پٽ شمن هن وقت هڪ چانهه واري هوٽل تي ڪم ڪري ٿو پنهنجو ۽ پنهنجي ڀينرن جو پيٽ پالي ٿو. هن ڌرتيءَ تي اڄ به هر روز الائجي ڪيترا شمن ظالمن جي ظلم ڪري يتيم ٿين ٿا ۽ کين ظالمن جي ظلم سبب غريبي ۽ مفلسي جي زندگي گذارڻي پوي ٿي…!
جمن ۽ شمن کي انصاف ڪڏهن ملندو؟ خون صرف خنجر سان ئي ناهي ٿيندو…
***