دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ خطري جي آگاهي، لڏپلاڻ
ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران خطري جي آگاهي جاري ڪرڻ بعد خيرپور ناٿن شاهه شهر مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي وئي، شهري اباڻا اجها خالي ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا آھن، 90 سيڪڙو شهر خالي ٿي ويو آھي، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا غائب رھيا. دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه لاءِ خطري جي آگاهي جاري ڪئي وئي، صورتحال خراب آهي، ڪنهن به وقت پاڻي شهرن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ڊي سي پاران شهرن توڙي ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي. بچاءُ بندن، دادو، جوهي، ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري آھي، سُپريو بند کي ڳوٺ بهادرپور وٽ لڳل گهارو ڪجهه ڪلاڪن ۾ وڌي هڪ هزار فوٽ ٿي ويو.