خاص

دنيا افغانستان جي مدد نه ڪئي ته وڳوڙ پيدا ٿي سگهي ٿو: وزيراعظم

وزيراعظم چيو آهي ته طالبان چاهين ٿا ته عالمي برادري کين تسليم ڪري. جيڪڏهن دنيا افغان عوام جي مدد نه ڪئي ته وڳوڙ پيدا ٿي سگهي ٿو. سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته افغانستان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. اتي ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڪير به ان جي اڳڪٿي نٿو ڪري سگهي. تنهن هوندي به افغانستان ۾ افراتفري ۽ پناهگيرن جي مسئلن جو خدشو آهي، افغانستان کي دهشتگردي کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.