رحمت الله ماڃوٺي سان ڳالهه ٻولهه ارم محبوب
ادب ۾ پنهنجي منفرد انداز سان کرو سچ چوڻ واري رحمت اللہ ماڃوٺي جي ڪنھن سان ڀيٽ ڪرڻ اجائي آهي. سندس قلم توڙي جملن ۾ شوخي ۽ شگفتگي جنھن انداز سان ملي ٿي ان کي لاشڪ ته خدائي ڏات چئبو. اوھان جي ھڪ جملي جو اڳيان کان ڪھڙو جواب ايندو اھا ھڪ خبر خدا کي ٻي اسان جي ماڃوٺي صاحب کي!
جيڪر لفظن جا برجستا بم ڪيرائڻ جو ڪو ادبي مظاھرو ھجي ھا ۽ ان ۾ سائين علي احمد بروھي، حليم بروھي ۽ رحمت اللہ ماڃوٺي کي ويھاري ڪنھن موضوع تي ڳالھرايو وڃي ھا ته به اسان لاءِ اھو فيصلو ڪرڻ ناممڪن ھو ته ادب ۾ مزاح نگاري جي حوالي سان ڪير ڪنھن کان اڳڀرو آھي ڇو جو ھر ڪنھن جو انداز بنھ منفرد آھي.
چوهڙ جمالي ضلعو سجاول سان تعلق رکندڙ رحمت اللہ ماڃوٺي صاحب پنھنجي تعليمي قابليت ۽ نوڪري جي حوالي سان انٽرويو جي شروعات ڪندي چيو: تعليم ايم اي پوليٽڪل سائنس، ايم اي انٽرنيشنل رليشنز.
ملازمت: ميڊيا جي ادارن ۾ متعي وانگر، نڪاح وانگر پختي نه.
حال: رهائش ڪراچي.
ارم محبوب: سنڌي ادب ۽ ميڊيا کي اوھان ھڪ وڏي عرصي کان نت نوان رنگ ڏيندا پيا اچو ان جي حاصلات مان ڪيترو مطمئن آھيو؟
رحمت الله ماڃوٺي:ميڊيا ۾ جنهن دور ۾ آئون ۽ منهنجا همعصر آيا ته اهي اڪثر سياسي پارٽين کان ٽٽل ماڻهو هئا جن صحافت کي هڪ مشن ۽ مورچي طور ڪتب آندو، ان کيپ وٽ مضبوط نظرياتي بنياد ۽ وطن، سچ ۽ ماڻهن سان وابستگي هئي. وٽن مطالعو، مشاهدو ۽ آدرش هو. تنهن دور ۾ توهان کي هڪ مزاحمت نظر ايندي ميڊيا تان پر پوءِ وقت گذرڻ سان گڏ نظرياتي بدران “پروفيشنل” جو اصطلاح استعمال ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ ميڊيا ۾ ايندڙ تڪڙو شاهوڪار ٿيڻ ۽ هر قيمت تي ٿيڻ جو عزم ڪري جو ويٺا ته جيڪي اڳ مشن طور آيل هئا سي سڀ ڌنڌي سان لڳي ويا ۽ اڄڪلهه ماشاءَ الله سڀ “پنهنجيءَ” وارا آهن. هاڻ ميڊيا ٻين ڌنڌن وانگر هڪ ڌنڌو آهي، هاڻ خبرون وڪامن ٿيون، تجزيا تبصرا مارڪيٽ جو وکر آهن.
ارم محبوب: درد مزاح ۾ لڪل ھوندو آھي يا مزاح درد ۾؟
رحمت الله ماڃوٺي:مزاح ۾ ته درد لڪل هوندو آهي يا آئون ايئن چوندو آهيان ته مزاح درد کي پاتل هيلمٽ آهي، جيئن بچاءُ ٿئي ۽ درد جو چهرو به سڃاڻپ ۾ نه اچي.
تم اتنا جو مسڪرا رهي هو ڪيا غم هي ڪيا ڇپا رهي هو
يا
ميرا مجلسي تبسم ميرا ترجمان نهين هي.
مزاح ۾ درد سمجھ ۾ اچي ٿو باقي درد ۾ مزاح ته ناهي ڪن دردن ۾ وڏا مزا آهن. جيئن پهرين پهرين پيار ۾ انتظار جي پيڙا، وڇوڙي يا نه ملي سگهڻ جو دک، پر اڄ مڙي ٿا ڏسون ته ان درد ۽ دک ۾ ڪيڏا نه مزا هئا پر مزاح ته ڪو به نه هو.
ارم محبوب: ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ طنز مزاح کي ڪا خاص اھميت نٿي ڏني وڃي ايتري قدر جو ڪي ڏھاڙا اڳ حليم بروھي جھڙي ادب جي ھڪ وڏي نانءُ لاءِ اھو چيو ويو ته ھو مشڪرو ھو، ڇا اھڙي راءِ ڏيڻ بيواجبي ناھي؟
رحمت الله ماڃوٺي:مزاح کي اهميت ته ٺهيو ادب به شمار نٿو ڪيو وڃي ڪجهه وقت اڳ “سر دانشور” نالي سان مون ھڪ مزاحيه سلسلو هلايو هو ته هڪ دانشور فيصلو صادر ڪيو ته هي نه ته مزاح آهي نه ادب آهي. مزاحيه ليکڪ يا مزاحيه آرٽسٽ کي ڳڻپ ۾ نه آندو ويندو آهي، ان جا ڪارڻ به سجهن ٿا هڪ ته مزاح نگار يا مزاحيه آرٽسٽ جتي به ويو ته عام خلق کيس ڏاڍو مان ڏيندي آهي جنهن ڪري اڪابر ۽ جانورن وانگر سنجيده رهندڙ اديب نفسياتي طور رد عمل ۾ اچي مزاح کي ڏيھ نيڪالي ٿا ڏين ۽ مزاحيه ليکڪ سان اهوئي سلوڪ ٿا ڪن جهڙو آبپاشي کاتي جا ڪامورا پوڇڙ جي آبادگارن سان ڪندا آهن. هڪ سبب اهو به آهي ته هر مزاحيه ليکڪ سنجيده ادب تخليق ڪري سگهي ٿو، پر هر سنجيده ليکڪ مزاح نٿو لکي سگهي. حليم بروهي صاحب اوڙاهه لکي ڏيکاريو، پر ڪنهن سنجيده اديب کي چئو ته حليم بروهي جي ڪهاڻين رڪشا، سسپينس جهڙي ڪهاڻين جهڙي ڪا هڪ به لکي ڏيکاري. مزاح سان صرف اديبن جو ئي نه پر عام ماڻهن جو به بي حسيءَ وارو رويو رهندو آهي، ماڻهو سمجهندا آهن ته هي هر وقت خوش هوندا آهن، کين ڇيڙي ڏسجي. مون کي ياد آهي ته سنڌ جو هڪ مزاحيه فنڪار جنهن کي مسخرو چون ٻيڙيءَ تي پنهنجي پٽ سان گڏ واھ پئي اڪريو ته رونشي خاطر ماڻهن سندس پٽ دريا ۾ ڪيرائي ڇڏيو ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا ته ڏسون مسخرو ڇا ٿو ڪري. مسخري رڙيون ڪيون منهنجو پٽ بچايو، پر ماڻهو ٽهڪ ڏيندا رهيا نيٺ مسخري پاڻ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ پٽ کي بچائي ورتو، پر ڪنڌيءَ تي ويهي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو. سنجيده اديب ٻيڙي جي انهن مسافرن وانگر آهن ۽ اسان مزاح نگار اڪيلي ٻڏندڙ پٽ جي پيءُ وانگر جيڪي روَين جي ڪنڌيءَ تي اڪيلا ٿا روئون ۽ اسان جي روئڻ تي اسان کي ٽهڪ ٻڌڻ ۾ ٿا اچن.
ارم محبوب: اوھان وٽ ادب ۾ مزاح جي ڇا اھميت آھي؟
رحمت الله ماڃوٺي:آئون مزاح کي مزاح + مت سمجهندو آهيان. منهنجي نظر ۾ جبر جي مشڪل ترين دور ۾ مزاح کان وڌ ڪنهن طريقي سان به مزاحمت ناهي ڪئي وئي. ڏاڍين قوتن جو خوف ماڻهن جي دلين مان مزاح ذريعي ختم ڪري ڇڏڻ کان وڌ ادب جو يا تخليق جو ڪارج ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ روايتي طور جيڪي لوڪ لطيفه يا نقل آهن انهن ۾ وقت جي حاڪم يا ڏاڍن ڪردارن جا ڪردار ملندا، جيئن مير صاحب جيڪي حاڪم هئا مزاحيه لوڪ لطيفن ۾ انهن جا ڪردار وجهي کين مسخري لائق بڻائي خوف ختم ڪري جبر جي شڪار ماڻهن کي زندگيءَ ڏي موٽايو ويو. واڻئي جو ڪردار ملندو، جنهن وياج تي زمينون پئي ڦٻايون، مولوي جو ڪردار ملا جي نالي سان ملندو ۽ سندس عشقن ۽ پوءِ وري ساڻس ٿيندڙ تعدين جو ذڪر ملندو. دنيا ۾ توهان کي اينيمل فارم به ملندو ته پرنس به ملندو جيڪي ظالماڻي دور ۾ وڏي مزاحمت هئي، ڏاڍيون قوتون تماشو بڻجي وڃن ۽ ڪري به ڪجهه نه سگهن. مزاح کان وڌ جبر خلاف مزاحمت ڪابه ڪانهي، ٻيون هٿياربند مزاحمتون ماڻهو مان زندگيءَ جو چارم ختم ڪريو ڇڏين، پر مزاح اهڙي مزاحمت آهي جيڪا ڀرپور زندگيءَ ڏانهن موٽائي ٿي.
ارم محبوب: سنڌ ٽي وي تان توھان جو ھڪ مقبول پروگرام ھلندو ھو “ٻٽاڪ شو” جيڪو اوھان حفيظ ڪنڀر سان گڏجي ڪندا ھئا ان جو آئيڊيا ڪيئن آيو؟
رحمت الله ماڃوٺي:هيءَ ڪا تخليقي آئيڊيا نه پر ايمانداريءَ سان چئجي ته تقليدي آئيڊيا هئي. اسان وٽ هن قسم جي پروگرامن جو باني ضياءُ محي الدين صاحب آهي، پوءِ وري انور مقصود صاحب هن کي اڳتي وڌايو ۽ تجربا ڪندي ڪندي هڪ ئي ڪردار کي مختلف گيٽ اپ ڏيئي مستقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ڪي ٽي اين ٺهيو ته مون علي قاضي کي اها آئيڊيا ڏني علي صاحب آئيڊيا ته قبولي، پر چيو ته تون فقط اسڪرپٽ لکندين ۽ هي ڪردار حسين قادري ۽ استاد قادر بخش مٺو ڪندا، اهي ڪجهه رڪارڊ به ڪياسين، پر گهربل رزلٽ نه ملي پوءِ وري حفيظ ڪنڀر کي چيو ويو جنهن هڪ آرٽسٽ سولنگي صاحب سان ڪافي پروگرام ڪيا، پر هڪ ڪردار نقاد جو اچي ويو ته ڊائريڪٽر اهو ڪردار مون کي ڪرڻ جو چيو جيڪو اسان پنجويهه منٽن جو پروگرام پنجويهه منٽن ۾ ئي ڪيو. هونئن ڇھ ڇھ ڪلاڪ لڳي ويندا هئا. بس پوءِ ڇاپ لڳي وئي ۽ اسان ڪندا رهياسين حفيظ ۽ حسن سان مون هڪ مهل ئي ٽي ٽي پروگرام گڏ ڪيا. حسن سان اليڪشن جي هلندڙ لائيو نشريات دوران، کٽندڙ اميدوار، هارائيندڙ اميدوار ۽ ووٽر ٽي پروگرام گڏ ڪيا. اڳتي به هي پروگرام ڪرڻو ئي آهي، پر حفيظ صاحب وٽ وقت ناهي يا ضرورت محسوس نٿو ڪري، حسن هليو ويو. اڳتي هڪ نالو ذهن ۾ ته آهي. ڪوشش ڪبي ته ساڻس گڏ پروگرام ڪجن، وقت ورائي وٺجي، اسان کي ان پروگرام جي ھڪ وار وري شروع ٿيڻ جو شدت سان انتظار رھندو.
ارم محبوب: اسان وٽ موضوع ۽ ٽيڪنيڪ جي حوالي سان کوڙ نون لکندڙن پاڻ مڃرايو آھي، پر ڇا سندن قلم ۾ اھو جادو آھي جيڪو اسان جي سينئرز وٽ ھو؟
رحمت الله ماڃوٺي:هڪ اشتهار هلندو هو جنهن ۾ پرڻجي آيل ننهن، سخت مزاج سهري کي ڪا شيءِ رڌي ٿي ڏئي ته سڀ ڀاتي سهري جي راءِ جا منتظر آهن ته ڪهڙي ٿو راءِ ڏئي، ننهن ويچاريءَ جو ساھ پيو وڃي وڏو سسپينس پيدا ڪري سهرو ٿو چوي: “جادو هي بهو ڪي هاٿ مين”، پر جيڪڏهن ننهن پاڻ به هجي ها ڪا ڄامشوري يونيورسٽي آسپاس جي ۽ کڻي ڪهڙو به رڌي کارائي ها ته به سهري کي پسند ڪرڻو پوي ها ۽ پوءِ پنهنجي منهن ڪو سهري کان پڇي ها ته ننهن ته ڏاڍو خراب پچايو هو تو واکاڻ ڇو ڪئي؟ ته چوي ها: “جهاڙو هي بهو ڪي هاٿ مين”. سو اسان جا نوان لکندڙ نوان مزاج ۽ نوان انداز کڻي آيا آهن کين جادو يا جهاڙو کان هٽي ڪري پڙهڻو ۽ پرکڻو پوندو. نون ڪهاڻيڪارن ۾ مجيب اوٺو مون کي ڏاڍو متاثر ڪندو آهي جيڪا نئين ڳالھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو نيٺ نکار يا اشتهار واري ڳالھ وانگر جادو وقت سان گڏ اچي ويندو. باقي اسان جي سمورن سينيئرز جي هٿ ۾ به جادو ڪونه هو، پر جهاڙو هو تنهن ڪري واکاڻ ڪرڻ مجبوري هئي شايد. نه ته سندن هاريل ٻوڙ اڄ به ڪتابن ۾ ڌپ پيو ڪري. باقي اڄ نثري نظم ٻين صنفن کي کائيندو ٿو وڃي، ڪهاڻي به هاڻ نثري نظمن ۾ سمائجڻ لڳي آهي يا ڪهاڻي وري شاعريءَ جي صنف ٽيڙو جي سائز جي ٿيندي ٿي وڃي، پر ڏسون ته جن جو هي دور آهي سي ڪيڏانهن ٿا کڻي وڃن، صنفن، شين ۽ تخليقن کي، سينيئر هاڻ ادب جي منجهي تي تنقيد جو حقو دکائي تبصرن جي کنگهه کرٽيو نه ڪن ته انهيءَ ۾ ئي عزت اٿن.
ارم محبوب: اڄ جيڪا سنڌي ٻولي اخبارن، رسالن ۽ چئنلز تي ڪتب آندي پئي وڃي ان بابت ڇا چوندا؟
رحمت الله ماڃوٺي:ڪاوش گروپ ۾ ڪم ڪندو هئس ته هڪ خبر ٺاهي هئم ته ٻوليءَ جي عدالت ۾ هه هرڻيءَ ح حجم تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ته مون سان ح وڏي بي واجبي ڪئي آهي ۽ هوَس، ھراس، هدف جهڙا منهنجا لفظ پنهنجي نالي ڪري ڇڏيا آهن. هينئر ته اخبارون ۽ سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ سان ناحق آهي وري جيڪو گند ٻولي سڌارڻ لاءِ ٺاهيل لغتن ۾ ڪيو ويو آهي سو ته صفا ظلم آهي، هاڻ “هجي ٿو ۽ هجي ٿي” جهڙي ٻولي وڏن نالي چڙهيل ليکڪن به عام ڪري ڇڏي آهي. ڪهاڻين ۾ اديبن به باجي، ڀائي جان، خالا کڻي آيا آهن ادا، ڀيڻ ۽ ماسي ويٺا منهن ڏسن، منهنجي خيال ۾ ٻولي اٿارٽي واقعي به اٿارٽي آهي ٻوليءَ تي ته ڪو تحرڪ وٺي.
ارم محبوب: ادب جي واڌ ويجھ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪھڙا اپاءُ وٺڻ گھرجن؟
رحمت الله ماڃوٺي:سرڪار هر دور ۾ اديب ۽ ادب لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندي رهندي آهي، پر سرڪار جي سرپرستي سان ادب به سرڪاري ٿيو وڃي، اديب به سرڪاري ۽ اصل ادب ڇڙيون هڻي زندگيءَ جا پساهه ٿو پورا ڪري. اڄ به آسپاس ڏسندا ته سرڪار جي سرپرستيءَ وارا اديب سرڪار تي ڪک ڪونه ٿا سهن، مٿانهس نر پکي پيا هڪلين ته سرڪار جي بي ادبي نه ٿئي. هينئر سرڪار جي سرپرستي وارن اديبن جي ڊيوٽي سوشل ميڊيا تي لڳل آهي. آئون سرڪاري سر پرستي بدران ادارا ٺهڻ جو حامي آهيان اهڙا اداره جتي اديبن جو گذر سفر ممڪن هجي، اهي پرنٽنگ پبلشنگ جا ادارا يا ملٽي ميڊيا جا ادارا ٿي سگهن ٿا، سرڪار ته ادارا ٺاهڻ بدران اڳ موجود ادارا ريڊيو ٽي وي سميت پئي وڪڻي جيڪي اديبن جي روزگار جا ذريعا آهن.
ارم محبوب: اھم ادبي ادارن ۾ ميرٽ کان وڌ سفارشي ماڻھن جو سالن کان موجود ھئڻ سنڌي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائدي يا نقصانڪار آھي؟
رحمت الله ماڃوٺي:اهي وڏڙن جي نشاني طور ويهاري ڇڏيا اٿن باقي ڪنهن ڪم جا ته ڪونه آهن، رهبر جا واٽر ڪولر آهن جن تي لکيل هوندو هو: نه ٽوٽي، نه ٽپڪي نه بهي. سو هي به واٽر ڪولر آهن. ڪجهه ڪونه حاصل ٿيندو. صرف ادبي ادارن ۾ ڪا تبديلي اچي اها خواهش ته ڪري سگهجي ٿي، پر ايئن تيستائين نه ٿيندو جيستائين سڄو سماج نٿو بدلجي. ادبي ادارا ته ٺهيو بي ادب ادارا به هن نظام ۾ ڪونه ٿا سڌري سگهن. ميرٽ توهان ۽ اسان جي نظر ڪجهه ٻي آهي، پر سرڪار وٽ ميرٽ ڪا ٻي آهي.
ارم محبوب: ڀلا اچو ته ھاڻ ٿوري روشني پاڻ سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ ميلا ڪلچر تي به وجھون جنھن کي شروع ۾ ته تمام گھڻو ساراهيو ويو، پر ھاڻ اھو ڪاروبار بڻجي ويو آھي اوھان ڇا ٿا چئو؟
رحمت الله ماڃوٺي:انهيءَ سائز جا بلب ئي ڪونه ٺهيا آهن جو هن اونداهه تي روشني وجهي سگهن. مون ڪافي اڳ ڪٿي لکيو هو ته: ادب کي پير بڻائي مٿس ميلا لڳائي ادبي سجاده نشين پيدا ڪيا پيا وڃن. جيئن توهان پهرين پڇيو هو سرڪاري سرپرستي بابت، سو هي به ادبي سجاده نشيني سرڪاري سرپرستي هيٺ آهي. هڪڙي ميلي جي پهرين ادبي ڌمال سان ئي اديب لکاپتي، هي ادبي ڀتو به آهي جنهن سان گونجندڙ آواز خاموش ٿي ويا آهن. ادب زندگي بدران فوت ٿي ويل پير بڻائي، مٿس سرڪار چادر ٿي چاڙهڻ چاهي جنهن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر به اچي پئي.
ارم محبوب: سنڌي اديب جو وڏي ۾ وڏو مسئلو؟
رحمت الله ماڃوٺي:منهنجي نظر ۾ ادب خود مسئلو بڻجندو وڃي. ادب ڪهڙو؟ سندس ڪم؟ افعال؟ اديب ڪير؟ جنهن وٽ محفلون، گاڏيون بنگلا؟ هاڻ ادب جو وڏو مسئلو ادب جي ڪا وصف نه هجڻ آهي ته ادب ڇا کي چئجي.
ارم محبوب: اوھان جي ڪلنگ مزاح اوھان لاءِ ڪڏھن ڪا خطرناڪ صورتحال ڪرئيٽ ڪئي؟
رحمت الله ماڃوٺي:تمام گهڻا ڀيرا، هڪ دفعي ته روڊ تي ماري اڇلايو ويو هئس پر محبتن نه، نفرتن آڌار جي ويس. ٻيو جيڪو مسئلو مون سان آهي سو اهو ته آئون تخليقي لکڻي ۾ رننگ ڪمينٽري يا اکين ڏٺو احوال وارو طريقو يا اسلوب استعمال نه ڪندو آهيان، پر مرڪزي ڪردار ضمير متڪلم ۾ آئون يا مان چئي ڪهاڻي يا لکڻيءَ جو حصو هوندو آهي، آئون اڪثر نيگيٽو ڪردار مان يا آئون چئي لکندو آهيان ته چڱا ڀلا اديب شاعر به اهو ڪردار منهنجو حقيقي ڪردار سمجهي آڏا ابتا ڪڏهن ڪڏهن واحيات سوال ڪندا آهن. جيئن منهنجي ڪهاڻي “ڪجهه پلئه پيو” يا وري “ڪانڌي ڪرڪيٽي ٿياس” ۾ مرڪزي ڪردار کي رحمت الله سمجهي ريمارڪس ڏنا ويا يا سوال جواب ٿيا جيڪي برداشت جوڳا نه هئا. پڙهندڙ کي ڏياريل هر ٽهڪ پويان منهنجي وهايل ڳوڙهي جو ڪردار آهي.
ارم محبوب: اوھان جي مزاج ۾ موجود شگفتگي خانداني وراثت جي کاتي ۾ وجھون يا اھا قدرتي ڏات آھي؟
رحمت الله ماڃوٺي:منهنجي خيال ۾ ٻئي شيون آهن. منهنجو چاچو ڏاڍو کلائي سگهندو هو ۽ پاڻ هر وقت سنجيده رهندو هو. ٻيو ته قدرتي آهي ۽ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪنهن ڳالهه ڪنهن واقعي تي ڪاوڙجي آئون نفرت ۽ احتجاج طور لکندو آهيان، مون کي خبر نه هوندي آهي ته منهنجو اڳيون جملو ڪهڙو هوندو. لکڻ کانپوءِ ڏسندو آهيان ته مون کان هڪ دلچسپ واردات ٿي چڪي هوندي آهي.
ارم محبوب: مختلف ادبي صنفن مان ڪھڙي صنف اوھان کي پنھنجي روح جي وڌيڪ ويجھو ٿي لڳي؟
رحمت الله ماڃوٺي:ڪهاڻي، مون کي ڪهاڻي ڏاڍي پياري لڳندي آهي ۽ هن پياري جي آئون مڪمل ڪنٽرول ۾ آهيان، توهان مون کي ڪاغذ قلم ڏئي ڪنهن ڪمري ۾ بند ڪري چئو ته ڪهاڻي لکي مڪمل ڪندين تڏهن توکي ڪڍنداسين. ته به شايد ڪهاڻي نه لکي سگهان، پر ڪالم، ڊراما، نثري نظم چوندا ته تور جي حساب سان لکي ڏيندس. پنهنجي لکڻين جا پيرا ٿو کڻان ته منهنجي پهرين لکڻي جيڪا شايد پهرين يا ٻئي ڪلاس ۾ هئس تڏهن لکي هئي، جيڪا پيروڊي هئي. ڪهاڻي چوٿين ڪلاس ۾ هئس تڏهن لکي هئي. ٻين لکڻين کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندو آهيان تڏهن گهڻو لکي سگهندو آهيان. ڪهاڻي کي ئي سنجيده وٺان ٿو ته لکجي ئي نٿي، زندگيءَ کي سنجيده نه ورتو ته جيئان پيو. هاڻ سوچيو ته جيڪي سنجيده اديب آهن انهن کي ڪيئن وٺان!!
ارم محبوب: ادب ۾ “ناني ويڙھو ڪلچر” رڳو پاڻ وٽ ئي ٿو ڏسجي يا ھر ھنڌ ساڳي ڪار لڳي پئي آھي؟
رحمت الله ماڃوٺي:ناڻي ويڙھو ته جتي ڪٿي هوندو آهي خاص ڪري شوبز جي دنيا ۾ ۽ ان ناڻي ويڙهي کي وري ٽيم جو نالو ڏين. دنيا جي ٻين ملڪن جي خبر ناهي جو ڪڏهن ٻاهر ويو ئي ناهيان ۽ ٻڌ سڌ تي جواب ڪونه ڏبو باقي ناڻي ويڙھو اردو ادب ۾ انجمن ستائش باهمي جي نالي سان سرگرم آهي، اسان وٽ تخليقڪار ۽ نقاد جو پاڻ ۾ تعلق ڪٿي چور- سپاهي وارو ته ڪٿي حاجي- قاضي وارو آهي. بس ناڻي ويڙهي جو ڪرم آهي جو ادب ڪي بات بني هوئي هي.
ارم محبوب: زندگي ادب کي ارپڻ کانپوءِ ادب اوھان کي ڇا ڏنو؟
رحمت الله ماڃوٺي: سماجي طور ته مون وٽ پنهنجو گهر يا هاڻ نوڪري به ناهي. باقي ماڻهن محبت ڏني جنهن جو ڪو ملھ ئي ڪونهي. عام ماڻهن جو پيار ڏسي سڀ ٿَڪ لهيو وڃن. توهان سڀ پنهنجا ٿيا ته انهيءَ ادب نالي ڀائيءَ جي ڪري. باقي اڃا ويچارو ادب ڪو تارا مسيح ته ناهي جيڪو ڦاهو ڏئي.
ارم محبوب: زندگيءَ جي ڪا تلخ سچائي؟
رحمت الله ماڃوٺي: زندگي خود تلخ سچائي آهي، بس جيئڻو ٿو پوي ۽ جڏهن طئي آهي ته جيئڻو آهي ته پوءِ ٿڌا شوڪارا ڀري ماحول اي سي بڻائڻ بدران ٽهڪڻ ۽ زنده دليءَ سان حرارت پيدا ڪجي، مٿان سيارو به آهي. باقي منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه موت ۽ ڪي وڇوڙا ڀٽائي سرڪار واري ڳالھ ڀڳي ھڏ جيئن پنهنجو وجود محسوس ڪرائين ٿا ته ماڻهو آلي ڪاٺيءَ جيان دُکي ٿو ۽ اکين ۾ ڪا آلاڻ به اچي ٿي وڃي.
ارم محبوب: سنڌ لاءِ ڪو خواب؟
رحمت الله ماڃوٺي: شل نعرن جي ڌٻڻ مان نڪرون ۽ قبيلن بدران قوم ٿي سگهون.
مھرباني ماڃوٺي صاحب جو اوھان اسان کي وقت ڏنو.