روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو، دارالحڪومت ڪيف ۾ ڌماڪن جي گجگوڙ
1731
Shares
يوڪرين جي وزير خارجه ديمترو ڪيليبا ٽوئٽ ۾ چيو آھي ته روسي صدر ولادي ميرپيوٽن يوڪرين تي پوري قوت سان حملو ڪري ڇڏيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته دارالحڪومت ڪيف سميت ڪيترن ئي شھرن تي حملا ڪيا ويا آھن. دنيا صدر پيوٽن کي روڪي. ھي عملي قدم کڻڻ جو وقت آھي. اسين ھر قيمت تي پنھنجي ملڪ جو دفاع ڪنداسين ۽ ڪامياب ٿينداسين. غير ملڪي ميڊيا موجب دارالحڪومت ڪيف، ڊونباس، اڊيسه ماريوپول سميت يوڪرين جي مختلف شھرن ۾ ڌماڪن جا زوردار آواز اچي رھيا آھن. روسي فوج يوڪرين جي فوجي اڏن کي به ميزائل حملن جو نشانو بڻايو آھي.