روس ۽ ايران صدارتي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي: آمريڪا

آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2020 واري آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روس ۽ ايران اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. آمريڪا جي انصاف واري کاتي ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي پاران جاري انٽيليجنس رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته روسي صدر ولاديميئر پيوٽن ٽرمپ جي حمايت ۽ آمريڪا کي سياسي ۽ سماجي طور ورهائڻ لاءِ آپريشن جي منظوري ڏني. انٽيليجنس رپورٽ موجب روس، ايران ۽ چين جي حمايت ڪندڙ عنصر آمريڪي سياسي تنظيمن جي سيڪيورٽي نيٽ ورڪس تي اثر انداز ٿيا. ٻئي طرف روس ۽ ايران اڳ ئي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ اثر انداز ٿيڻ وارن الزامن کي رد ڪري چڪا آهن.  

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments