روشنيءَ جي شاعره رخسانه پريت وسيم سومرو  

مون ڪٿي پڙهيو هو ته تاريخ آسماني غبار ناهي، پر اها صبح جو شفاف لياڪو آهي. تاريخ جي ڀيٽ ۾ شاعري وڌيڪ لطيف آهي. اهڙي نازڪ ۽ لطيف جهڙا ڪنهن شاعري جي جسم تي پوندڙ هي رخسانه پريت جا نيڻ آهن، جهڙي سندس شاعري آهي.

رخسانه پريت پنهنجي جوهر ۾ هميشه مون کي پاڻيءَ جي متحرڪ لهرن جيان نظر آئي آهي. هن جي شاعريءَ جو آواز بلڪل پاڻيءَ جي لهرن جيان آهي، ڪڏهن ڌيمو ۽ ڪڏهن تيز. سنڌ ۾ جيڪي شاعرائون آهن انهن کان پنهنجي نه رڳو شخصيت ۾، پر شاعريءَ ۾ به الڳ ٿلڳ! پرڀات جي نرم ۽ ملائم احساس وانگر مون سامهون رخسانه پريت کي جڏهن به ٻڌو آهي ته مون کي هن جي لفظن ۾ سدائين سجاڳيءَ جا رنگ نظر آيا آهن ۽ هن جي آواز ۾ هلڪي هلڪي آڳ جو احساس!

آڳ جا جڳن کان هن ڌرتيءَ تي جلي رهي آهي ۽ رشتن جي اجهن کي بي خوف جلائي رهي آهي ۽ خبر ناهي ڪيستائين جلائيندي رهندي. شايد تيستائين رخسانه پريت جو شاعراڻو آواز ايئن هلڪي هلڪي آٿت جو احساس ڏيندو رهندو ۽ موٽ ۾ هوءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سانوڻ جا مينهن اڻندي رهندي.

۽ جا چوڏس ڪاري اماس آهي ان جي خاتمي تائين روشنيءَ جا شهر تحرير ڪندي رهندي. هي سندس شعر تو ڏسو:

هيءَ جا اماس چوڏس گهٽجي به سا سگهي ٿي،

هي نيڻ ٻارجن ها، اجالو به ٿي سگهيو پئي.

نيڻ ٻاري ڏيئا ڪرڻ هڪ شاعراڻو ظرف آهي. ٿي سگهڻ هڪ اهڙو ادراڪ آهي، جيڪو صرف انهن جي دماغ ۾ پلجي سگهي ٿو، جن پنهنجا هٿ فڪر جي مچ تي سيڪيا هوندا آهن. ٿي سگهڻ هڪ اهڙو خواب آهي، جنهن جي آڏو هڪ آزاد هوا آهي، دنيا آهي.

جوڀن ۾ نار ايڏي ڇا لئه ٻُسي ٻُسي آ،

پازيب، چوڙيون، پائل، جهالو نه ٿي سگهندو ڀئي.

منهنجي هٿن ۾ رخسانه پريت جو نئون شعري مجموعو ”تون! جو پاڇو چنڊ جو“ آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ هي ٻه اکر لکي رهيو آهيان! مون لاءِ هوءَ روشنيءَ جي شاعره آهي.

هانءُ پيو هارجي انڌيرن ۾،

ديپ هڪڙو ته ٻار دل ٿي چئي.

روح هڪڙي نظر لئه پيو ترسي،

نيڻ کڻ تون نهار دل ٿي چئي.

هنن ٻنهي شعرن ۾ جا جذبي جي بي ساخته اڇل آهي، ان کي ڪوبه طوفان نٿو روڪي سگهي، ان ڪري به ته شهر پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان جڙيل آهي، جنهن تي ڪابه فنا ناهي.

رخسانه پريت جڏهن نيڻ کڻ تون نهار دل ٿي چئي، پڪاري ٿي تڏهن لطيف پنهنجي هڪ اجهل بيت سان سامهون ٿو نظر اچي،

کڻ اکيون، کل يار ته وڃن سُور سنڌا ڪريو ۽ هي شعر ڏسو:

هي هوائن جي وار الجهايا،

اچ سڄڻ تون سنوار دل ٿي چئي.

دل ڇا ڇا ٿي چوڻ چاهي، هي درد ۽ اميد جا سڀ داستان هن شعري مجموعي ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي پوري شدت سان موجود آهن، جن ۾ ڪٿي ٻانهن جهڙو وهاڻو آهي، ڪٿي رڃ ئي رڃ جهڙي اڃ آهي، ڪٿي خواب منظر جا کليل ٿان آهن، ڪٿي ايتري اداسي آهي جو ان جي ٻي سرحد گم آهي. هيءَ ايتري به اداسي ڇا آهي ڏسجي ته ان جو ذائقو ڪهڙو آهي:

حسين ڪنهن خيال جي خوشبو،

آ ڦهلي چوڏسائن ۾.

نظر ۾ نينهن آ سانڍيو،

جا دل هيءَ هينئن پئي ڌڙڪي.

لڳي دک ۾ ٻڏي ٿي پئي،

لڳي ڪنهن کي سڌي ٿي پئي!

اندر پنهنجي جو هي آڳنڌ،

يا صحرا آ ستو پيو ڪو.

نه ڪنهن کي آ پتو پيو ڪو،

جا من پنهنجي جي ڌرتي آ.

سا پياسي ايتري ڇو آ،

اداسي ايتري ڇو آ.

ايئن رخسانه پريت پنهنجو شعري پنڌ غزل کان نظم ۽ نثري نظم تائين طئي ڪندي رهي ٿي، پر هوءَ ان اداسيءَ کي طئي نٿي ڪري سگهي، جا هن ديس جي نصيب تي مڙهي وئي آهي جيتوڻيڪ هوءَ ان اونداهه جهڙي اداسيءَ مان نڪرڻ جون اداس ڳالهيون به ڪري ٿي:

جيئن اٽڪيو وڃي هو اونداهه سان،

پوءِ حياتي سڄي ٻري نڪتو!

اونداهه سان اٽڪي سڄي حياتي ٻرڻ ڪيترو نه تابناڪ عمل آهي، هن عمل جي پنڌ تي پير پير رکي ڪو ويساهه ڪري يا نه ڪري اهو هڪ الڳ مامرو آهي، پر رخسانه پريت پنهنجي شعرن جي دڳ تي هي لازوال مثال رکي ڇڏيا آهن.

رخسانه پريت جي شاعريءَ جا بيشڪ هڪ کان وڌيڪ اتساهيندڙ پاسا آهن، جن تي سڀ کان وڌيڪ هوءَ پاڻ سٺو لکي سگهي ٿي. شاعريءَ ۾ جتي هوءَ سار جي عڪس بندي ڪري ٿي، فطرت جي ڏنگين جا رنگ پکيڙي ٿي، اتي هوءَ انسان جي جذبن جي فطري ترجماني به ڪري ٿي.

انسان جيڪو پنهنجي هزار خواهشن ۾ ٽنگيل آهي، هن جي دل تي خارجي جنونيت جو دٻاءُ آهي، هو جيڪو پنهنجي اندر کي هڪ بند راهون رياست ۾ اظهاري نٿو سگهي، ان هيسيل ۽ ڊنل جي احساس کي رخسانه پريت پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ شاندار چٽيو آهي. دراصل هن جي اندر ۾ جا همت ۽ جرئت جي روشني آهي اها ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪنهن کان به نٿي ڊڄي ۽ شاعر ڊڄندا به آهن ڇا؟ رخسانه پريت ته ٻه وکون اڳتي وڌي ان ڊپ تي زبردست وار ڪري ٿي:

آهي ازلئون جو پريم جو ويري،

دل جي ڪاري جي ساک ڪيئن کڻجي.

۽ هن شعر جي اڇل ته ڏسو:

ڪيئن ٺريا بسترا، جليا جوڀن،

تهه سياري جي ساک ڪيئن کڻجي.

يا هي شعر پڙهو:

ڪفر ڪئي، ڏوهه، منڪريون هونديون،

پريت تاري جي ساک ڪيئن کڻجي.

غزل ۾ هن جو سارو پيرايو من موهيندڙ آهي، خيال تي ڪا روڪ ناهي، اهو نيريءَ ندي جي لهرن جيان اڳتي وڌندو ٿو اچي. ايئن ڪي هي شعر به ڏسو! هي شعر جيڪو هن سنڌ جي مٽي چُمي لکيو آهي:

هن ۾ ڏسندي هان پاڻ کي پل پل،

سنڌ ڄڻ منهنجي آرسي آهي.

هي شعر ڏسو! جنهن ۾ رواني ڪنهن ديواني ڇوڪريءَ جيان آهي:

مند مٽي آ، ساجن مون تي وار نه ڪر، ايئن ڌار نه ڪر،

شيشي جهڙا جذبا منهنجا ڏار نه ڪر، ايئن ڌار نه ڪر.

شعر جي لهرون لهرون رواني پنهنجي جاءِ پر جا ان ۾ معصوميت آهي، ان جي ڪا حد ناهي.

ڪيڏو وقت پيو آ پريتم، پرهه ڦٽڻ ۾ سج نسرڻ ۾،

پري هي مک پنهنجي تان، منهنجا وار نه ڪر، ايئن ڌار نه ڪر.

سچ پچ هي شعر ڪنهن مصور جي بي بها تصور جيان آهي دل چئي ٿي وقت بيهاري ان کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهجي.

”تون جو پاڇو چنڊ جو“ هڪ طويل شعري مجموعو آهي جنهن مان مون کي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ لاءِ شعرن ڳولڻ ۾ بلڪل به دير نه لڳي. مون جيئن چيو ته درد ۽ اميد جا هن مجموعي ۾ هزار داستان موجود آهن، انهن تي هزار ڀيرا لکي سگهجي ٿو. مان هتي هن ڪتاب جي عنوان کي ٿورڙو ڦيرائي ساڳيو عنوان رخسانه پريت جي ڀيٽا ٿو ڪريان:

”تون جا پاڇو چنڊ جو“

اهي شاعر جيڪي رخسانه پريت جيان پنهنجي مستيءَ مان مهڪ ٿي اڀرندا آهن، اهي واقعي به چنڊ جو اجرو پاڇو هوندا آهن. مان هاڻ ڪتاب جا ورق ورائي ڪتاب بند ڪريان ٿو ۽ منهنجي ئي گهٽي مان ڄڻ هي آواز اچي رهيا آهن ۽ جي مان ڪنائڻ ڇڏي ڏيندس پوءِ به ايندا رهندا:

زندگيءَ جو گيت ڳايان، مان به آهيان،

هر ڇني زنجير لاهيان مان به آهيان!

روح جون هي ڪائناتون ڪو ته سمجهي،

درد جي ڄڻ دانهن آهيان مان به آهيان.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments