روينيو کاتي ۾ نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڊي سي، روينيو ميمبر، ڪمشنر ۽ مختيارڪار آفيسون ڪوڙن آرڊرن جاري ڪرڻ جا ڳڙهه بڻيل. ورهين کان ڊگريون سنڀالي رکندڙ نوجوانن جي حق تي ڌاڙو، سنڌ جي روينيو کاتي ۾ نوڪرين جا ڪوڙا آرڊرز جاري ٿيڻ جو انڪشاف، ڊي سي، روينيو ميمبر، ڪمشنر ۽ مختيارڪار آفيسون ڪوڙن آرڊرن جاري ٿيڻ جا ڳڙهه بڻيل، نوڪرين جا ڪوڙا آرڊرز جاري ٿيڻ وارو مامرو سامهون اچڻ تي روينيو اختيارين ۾ ٿرٿلو، روينيو کاتي ماتحت ادارن کي ڪوڙن ليٽرن تحت مقرريون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، روينيو کاتي طرفان سمورن ڪمشنرن، بورڊ ميمبرن ۽ ريجنل روينيو آفيسرن کي ليٽر جاري، سيڪريٽري روينيو عوام کي خبردار ڪيو آهي ته کاتي ۾ نوڪرين جا ڪي به آرڊرز جاري نه ڪيا ويا آهن، روينيو عملدارن وٽ ڪو ماڻهو مقرري لاءِ ڪوڙو آرڊر کڻي اچي ته اُن جي ڪاپي فوري طور روينيو بورڊ ڏانهن اُماڻي وڃي، ڪوڙا آرڊرز جاري ٿيڻ جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments