ريتون رسمون ۽ سَنئوڻ ساٺ دولت رام کتري April 2021

سنڌ پنهنجي روايتن، قدرن ۽ ريتن رسمن جي حوالي سان جڳ مشهور رهي آهي. سنڌي هندن ۾ ثقافت جي اعتبار کان جيڪي به تھذيبي رسمون سنئوڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن اُنهن جي تاريخي لحاظ کان هڪ وڏي اهميت رهي آهي ۽ تھذيبي طور تي اھي ريتون رسمون تمام گهڻيون شاهوڪار رهيون آهن ۽ اُنهن ريتن رسمن تحت صدين کان سنڌ پرڳڻي ۾ محبتن جو هڪ ڀرم قائم رهندو پيو اچي. ھندن جون اھي  ريتون رسمون صدين جي ثقافت جو تسلسل آهن. هندو برادري ۾ هونئن ته خوشين جي موقعي تي ڪافي ريتون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ سنئوڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن، پر شادي جي ڪاڄ موقعي تي جيڪي ريتون رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون يا سنئوڻ ساٺ ڪيا وڃن ٿا. اُنهن جو تھذيبي ۽ تاريخي حوالي سان پنهنجو ھڪ وسيع پسمنظر آهي ھندن جي مختلف ذاتين ۾ شادي جي موقعي جيڪي رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون انھن رسمن ۾ تقريبن ھڪ جھڙائي آھي انھن رسمن مان ڪجهه ريتون رسمون هيٺ ڏجن ٿيون.

لَگن جي رسم:

هندو برادري جي شادي ڪاڄ جي پهرين رسم لگن لکڻ آهي ۽ اُهو لگن پنڊت يعني (مهراج) کان ٽپڻي موجب ڪڍرايو ويندو آهي. هندن جي مختلف ذاتين ۾ ڇوڪريءَ جا مائٽ لگن لکندا آهن. لگن لکڻ جو مطلب هي آهي ته ڇوڪريءَ جا مائٽ برادري جي موجودگي ۾ شادي جا ڏينهن چِٽا ڪري شادي جي تاريخ مُقرر ڪندا آهن، بعد ۾ اُهو لکيل لگن، ناريل، مصري سان گڏ پيلي ڪپڙي ۾ ويڙهي ڇوڪري جي مائٽن ڏانهن اُماڻيو ويندو آهي ۽ ڇوڪري جا مائٽ برادري (پنچائت) کي گڏ ڪري، اُهو لگن ڇوڪري کي ارپڻ ڪندا آهن،

وناھه (ونواهه )جي رسم:

لگن کانپوءِ وناھ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري کي وناھ ويهارڻ محل ٻنهي لاءِ ساڳيا سَنئوڻ ساٺَ ڪيا ويندا آهن، وناهه ۾ ڇوڪري (گهوٽ) کي پيلو پٽڪو پارايو ويندو آهي ۽ ڇوڪريءَ کي پيلو جوڙو پارايو ويندو آهي. پيلو ڪپڙو سٺي سنئوڻ جي علامت ھوندو آهي ۽  بعد ۾ گهوٽ کي ساڄي پير ۽ ساڄي هٿ ۾ ڳانو ٻڌو ويندو آهي، اُن کانپوءِ پنج سهاڳڻيون گهوٽ جا سنئوڻ ساٺ ڪنديون آهن. جنهن تحت اُکريءَ ۾ چانور ۽ ست کارڪون وجهي ٽن مُهرن وسيلي اُن جو سَنئوڻ ڪيو ويندو آهي. ڇوڪريءَ لاءِ پُڻ اهي ساڳيا سَنئوڻ ساٺَ ڪيا ويندا آهن.

ڏيوا ڪوٺا:

شادي جي موقعي تي وناھ واري ڏينهن هڪ مخصوص ديوار تي ديوِ ديوِتائن جون علامتي تصويرون ٺاهي اُتي گُڻيش جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. هندن جي مذهبي فلسفي موجب ڏيون ڪوٺن اڳيان مختلف ديوِ ديوِتائن جو واسو رهي ٿو.

ڏائُو جي رسم:

ڏائُو دراصل مٽيءَ مان ٺهيل مورتيون آهن. جن کي هندو برادري جون ناريون ڪُنڀارن جي گهران کڻي اينديون آهن. اُهي ناريون ڏائُو سان گڏ هڪ عدد گهگهر (دِلو) گڏ کڻي اينديون آهن. ڏائُو جي رسم ادا ڪرڻ محل سهرا ۽ بنڙا ڳايا ويندا آهن. (بنڙا گيتن جو هڪ قسم آهي.)

پَلي پائڻ جي رسم:

هن رسم تحت سموري برادري (پنچائت) کي گڏ ڪيو ويندو آهي. گڻيش جي پوڄا ڪرڻ کانپوءِ پنچائت ۾ ماڃيٺو يا مٺو ڀت ورهايو ويندو آهي. بعد ۾ پنڊت (مهراج) پَلو پائڻ يعني (قميص جي جهولي جهلي ڀڳوان کان دُعا گهُرڻ) جو چوندو آهي. اهڙي ريت پَلي جي رسم تحت گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ دُعائون ڏيئي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويندو آهي.

گهَڙي جي رسم:

گهَڙي جي رسم ۾ گهوٽ يا ڪنوار جي ماءُ مٿي تي دلو يا گهگهر کڻندي آهي ۽ اُنهيءَ گهگهر کي ڪنهن ڀر واري گهر مان اُن کي پاڻي سان ڀريو ويندو آهي ۽ اُنهيءَ ڀريل گهگهر کي گهَڙي چيو ويندو آهي ۽ انهيءَ گهَڙي اڳيان مٽڪُو ڊانس ۽ لوڪ رقص ڪيو ويندو آهي. بعد ۾ مهندي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي.

جِنوَئي جي رسم (ڏِک جو ويلو):

هندو برادري جي ڪُجهه ذاتين ۾ جِنوَئي جي رسم کي ڏِک جو ويلو پُڻ چيو ويندو آهي. جِنوَئي جو مطلب هڪ اهڙو ڌاڳو آهي جيڪو هميشه گهوٽ جي رِڪشا (تحفظ) ڪندو آهي. آھو ڌاڳو گھوٽ جي ھمت حوصلي ۽ بردباري جو اھڃاڻ ھوندو آهي جنوئڻ جي رسم کان پهرين گهوٽ کي هيڊ (پيٺي) هنئي ويندي آهي. بعد ۾ گهوٽ کي ڏيون ڪوٺن اڳيان ويهاريو ويندو آهي. اُتي ست سهاڳڻيون گهوٽ جا سنئوڻ ساٺ ڪنديون آهن. اُن کانپوءِ گهوٽ کي گھڙي جي پاڻي سان وهنجاري جِنوَئي جو ڌاڳو پارايو ويندو آهي. اھو ڌاڳو گھوٽ جي ڪلھي ڪڇ ۾ پارايو ويندو آهي بعد ۾ گهوٽ جي مٿي تي ڳاڙهو ڪپڙو پارائي (هڪڙي هٿ ۾ ٿالهيءَ ۾ پٽڪو ۽ ٻي هٿ ۾ گنگا جي پاوڙي ڏئي) اگني ديوتا جي اڳيان ڪچا ڦيرا ڏياريا ويندا آهن، هندن جي ڪُجهه ذاتين مهراج ۽ مهيشورين ۾ گهوڙيءَ تي چاڙهڻ واري رسم پُڻ ادا ڪئي ويندي آهي. پُراڻي زماني ۾ ته گهوٽ کي پالڪي يا بگيءَ تي ويهاري شهر جي گھٽين جو سرگس ڪرايو ويندو هو. جِنوَئي جي رسم کانپوءِ مانيءَ جي دعوت ڪئي ويندي آهي.

ڄڃ جي روانگي:

ڄڃ جي روانگي جي محل گهوٽ جون مائٽياڻيون (گهوري پاڻي پيئڻ) جي رسم ادا ڪنديون آهن، جڏهن ته اُنهيءَ محل گهوٽ کي گهٽيءَ ۾ شرنائين ۽ دُهلن جي رقص ۾ گشت (سرگس) ڪرايو ويندو آهي.

ڄڃ جي آمد ۽ نکيٽي جي رسم:

جڏهن ڄڃ ڇوڪريءَ جي گهر پهچندي آهي تڏهن نکيٽي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. سڀ کان پهرين گهر جي گيٽ تي تورڻ (تاج) ٻڌيو ويندو آهي. انهيءَ تورڻ هيٺ گهوٽ جي نکيٽي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. هن رسم تحت ڪنوار جي ماءُ گهوٽ جي آرتي جي ٿالهيءَ سان آجيان ڪندي آهي ۽ اُن کانپوءِ ڪنوار جي ماءُ گهوٽ کي ڏهي للاڙ يعني (ڏهي ۽ چانورن جو تلڪ) ڏيندي آهي. (ڏھي للاڙ ڏيڻ جو مقصد اھو ھوندو آھي ته گھوٽ ھميشه ساھريجن جي گھر کي پنهنجو سمجھي ايندو رھي) بعد ۾ سندن سس پيلو ڌاڳو گهوٽ جي ڪنڌ ۾ وجهي پنهنجي هٿ سان گهوٽ جو نڪ جهلي گهوٽ کي گهر اندر آڻيندي آهي. جنهن کي مقامي ٻولي ۾ پُروکڻ چئبو آهي، انهيءَ موقعي تي سهرا ڳائيندڙ عورتون گهوٽ سان ڀوڳ (مذاق) ڪنديون آهن ۽ ڦوٽاڻا پُڻ ڏينديون آهن.

ڦيرا :

جڏهن گهوٽ گهر اندر ايندو آهي ته اُن کي ڏيون ڪوٺن جي اڳيان ويهاريو ويندو آهي. بعد ۾ گھوٽ ڪنوار ٻنھي جا ساڄا ھٿ پاڻ ۾ ٻڌا ويندا آهن جن کي مقامي ٻولي ۾ ھٿليپو چئبو آهي اُتي ڏيون ڪوٺن اڳيان ڇوڪريءَ جا مائٽ وِرت جو سنڪلپ ڀرائيندا آهن. بعد ۾ گهوٽ ڪنوار کي اگني ديوتا اڳيان ويهاري چار ڦيرا ڏياريا ويندا آهن. پهريون ڦيرو ڪنوار جي ڀاءُ جو، ٻيو ڦيرو چاچي جو، ٽيون ڦيرو مامي جو ۽ چوٿون ڦيرو گهوٽ ڪنوار (ٻنهي) جي پيئرن جو هوندو آهي. ڦيرا مُڪمل ٿيڻ کانپوءِ جديد رسمن تحت گهوٽ ڪنوار کي منگل سُتر ۽ هار پارائيندو آهي ۽ ڪنوار پُڻ گهوٽ کي هار پارائيندي آهي. اُتي ڪنوار کي ڳئودان ڏنو ويندو آهي، ڳئودان ڏيڻ هندو مذهبي فلسفي موجب وڏو ڌرم آهي. ڳئودان ڏيڻ کانپوءِ ڇوڪريءَ جا مائٽ پنهنجي نياڻي جو منهن گيهه ۾ ڏسندا آهن.

ڏاج ڏيڻ ۽ رُخصتي جي رسم:

ڦيرا مُڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪنوار جا مائٽ ڪنوار کي برادري ۽ گهوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڏاج ڏيندا آهن، ڏاج ڏيڻ جي رسم دوران عورتون پنهنجن سيڻن (گهوٽ جي رشتيدارن) کي سهرا ڳائينديون آهن. ڪجهه اهڙا به سهرا هوندا آهن، جن کي ڦوٽاڻا چئبو آهي جيڪي سيڻن لاءِ ڀوڳ (مذاق) طور ڳايا ويندا آهن. مقامي ٻولي ۾ اُنهن کي ڦوٽاڻن کي (گاريون ڳائڻ) چئبو آهي. سيڻن کي مقامي ٻولي ۾ گنات پُڻ چئبو آهي. آڳاٽي زماني ۾ سيڻن لاءِ جيمڻ کولڻ ۽ وروٺي جي رسم پڻ ادا ڪئي ويندي ھئي ڏاج کانپوءِ ڪنوار جي رُخصتي ڪئي ويندي آهي ۽ اُتي موجود عورتون گهر جا رشتيدار پنهنجي نياڻي جي مٿي تي هٿ رکي رُخصت ڪندا آهن ۽ اُتي موجود عورتون رُخصتي جو گيت “ڏورو” ڳائينديون آهن، جيڪو هڪ وڇوڙي جو گيت آهي. گهوٽ جي گهر پهچڻ کانپوءِ ڪنوار لاءِ پڻ نکيٽي جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، اهڙي ريت هندو برادري ۾ هندو ڀائرن جي مختلف ذاتين ۾ شادي جون هي ريتون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments