ريحام خان جي گاڏي ڦر، وزير اعظم عمران خان ذميوار قرار
وزير اعظم عمران خان جي اڳوڻي زال ۽ پاڪستان ڄائي برطانوي براڊ ڪاسٽر ريحام خان پنهنجي گاڏي تي فائرنگ ۽ گن پوائنٽ تي گاڏي کسجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ريحام خان لکيو ته ويجهي عزيز جي شادي تان واپسي تي مون مٿان فائرنگ ڪئي وئي ۽ 2 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند مون کان گاڏي به کسي ويا. ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته گاڏي ۾ منهنجو پرسنل اسسٽنٽ ۽ ڊائيور به گڏ هئا. ريحام خان عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال ڪيو ته ڇا هي عمران خان جو نئون پاڪستان آهي؟ بزدل، لالچي ۽ ٺڳن جي رياست ۾ ڀليڪار. بعد ۾ هڪ ٻيو ٽوئيٽ جاري ڪندي ريحام خان لکيو ته مون کي موت ۽ زخمي ٿيڻ جو ڊپ ناهي، پر آئون انهن ماڻهن جي لاءِ ڪاوڙ ۾ ۽ خوف ۾ ورتل آهيان جيڪي منهنجي لاءِ ڪم ڪن ٿا.

