ڪهاڻيونڪهاڻيون

زم زم نصرت چانڊيو April 2021

سج لهڻ سان هن کي هڪ عجيب  خوف وڪوڙي ويندو هو.

اهو خوف اونداهين راتين ۾ کيس وڌيڪ پريشان ڪندو هو.

گهگه اونداهي کان زم زم کي تمام گهڻو خوف ٿيندو هو ۽ هوءَ سج لهڻ کان اڳ پنهنجي ڪمري ۾ اچي مصنوعي روشني جو سهارو وٺي ويهي رهندي هئي.

چئن ڪمرن واري سورنهن سو فوٽن تي ٺھيل گهر ۾ هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي بند ڪمري ۾ هئي  ڦڪي رنگ جي زيرو بلب جي هلڪي ڦڪي روشني ۾  هوءَ  فائبر جي ويهاڻي کي ڀاڪر ۾ ڪري بيڊ جي سيراندي کان ويٺل هئي.

بيڊ تي اڇي رنگ جي بيڊ شيٽ وڇايل هئي، هوءَ سوچن جي دنيا ۾ وڃايل، منهن هيٺ ڪري پيرن جي آڱوٺن جي ننهن ۾ گهوري ڪجهه سوچي رهي هئي.

ھوءَ پنهنجي ذهن ۾ آيل تصور کي ذھن جي اک سان ايڏو چٽو ڏسي سگهندي ھئي، جو اهي خيال جيئرا جاڳندا هن جي اکين جي سامهو ڦرندا رهندا هئا.

ڪٿي پڙهيو هئائين ته،

“هڪڙي تصوير هزار لفظن جو ملھ رکندي آهي”

هن جو به تصور ته ايڏو پختو هو، راتين جون راتيون سوچ ۾ ٻڏل رهندي هئي.

نومبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هوءَ سوير سمهي رهي، رات جي پوئين پهر اک کلڻ سان ساڳي سوچن ۾ گم ٿي وئي اڇو ڏينهن ٿي ويو.

تصور ۽ خيال اصلي آهن…؟

اها ڪا دماغي طاقت ڪهڙي آهي..؟

ڇا رڳو مون سان ئي ائين ٿي رهيو آهي….؟

اهڙي قسم جا سوال هن کي وڪوڙي رهيا هئا.

خوف، پريشاني، لفظن ۾ بيان نه ڪري سگهندڙ بي چيني ۽ نيم اداسي سان رات گذاريندي هئي، اهو سلسلو ڪجهه مهينن کان هلي رهيو هو.

جيئن ئي جنوري شروع ٿيو، سياري جون موڪلون ختم ٿيون   ۽ ڊيوٽي شروع ٿيس، ڀوري رنگ واري قداور، چهرو بيضوي، ڪارا ريشمي وار وڏين ڪارين اکين، گلابي چپن واري 29 سالن جي عمر واري زم زم هڪ گورنمينٽ ڪاليج ۾  ليڪچرار هئي.

ھن جو سبجيڪٽ هونئن ته سماجي اڀياس هو، پر هوءَ ٻارهين درجي جي ڪلاس ٽيچر به هئي ڪاليج جون اڪثر شاگردياڻيون هن سان پيار ڪنديون هيون، هو بنا هٻڪ پنهنجون ڪاليج يا ڪاليج کان ٻاهر ايندڙ پريشانيون شيئر ڪري وٺنديون هيون. هوءَ به شاگردياڻين کي ڏاڍو ڀانئيندي هئي.

خوش لباس ۽ پنهنجي ڪاليج جي خوش شڪل ٽيچر هئي هن جي پڙهائڻ جو طريقو به جلدي سمجهه ۾ اچي وڃڻ وارو هو.

هوءَ هڪ سچي ۽ محنت ڪندڙ استاد هئي.

ھن جون همعصر ماسترياڻيون هن کان صلاح مشورا پڻ وٺنديون هيون. تربيتي پروگرامن ۽ سندس سبجيڪٽ سان لاڳيل تربيت لاءِ اڪثر سندس ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو. ان ڏينهن به هوءَ پيءُ سان گڏ ڪنهن پروفيشنل تربيتي پروگرام لاءِ ڪراچي ٿي وئي جو پهريون ڀيرو شفيق ارشد ڪنهن هوا جي جهوٽي جيان سندس زندگي ۾ آيو.

شفيق ارشد 39 سالن جي عمر جو نوجوان، هڪ نجي اداري ۾ نوڪري ڪندو هو، سندس سان هن جي ملاقات ڪراچي ويندي رستي ۾ ٿي هئي زم زم جي  پيءُ ڪار هڪ اسٽاپ تي چانھ پيئڻ لاءِ روڪي هئي ته هن جي نظر ڊگهي قد واري، جنهن کي فرينچ ڏاڙهي رکيل هئي، ڪڻڪائين رنگ، ويڪري منهن واري نوجوان ڏانهن وئي. جڏهن هن پينٽ جي کيسي مان والٽ ڪڍيو ته ان مان سندس سي اين آءِ سي زمين تي ڪريو جيڪو زم زم ڏسي ورتو، هن چاهيو ته هوءَ کيس ٻڌائي ته هن جو سي اين آءِ سي زمين تي ڪريل آهي، پر ڪجهه وٿيرڪو هجڻ ڪري آواز هن تائين  نه پئي پهچائي سگهي…

زم زم ٻنهي هٿن جي آڱوٺن ۽ اشهد آڱرين سان ڪارڊ جو خاڪو ٺاهي ساڄي هٿ جي آڱر جو اشارو زمين ڏانهن ڪندي   ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هلندي هلندي شفيق کي احساس ٿيو ته ڪو کيس ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، سندس ڪنن ۾ هڪ اهڙي آواز جو سرٻاٽ  ٿيڻ لڳو جيڪو هن اڳ ڪڏهن نه ٻڌو… اڳ ۾ ڪئي ڀيرا هن محسوس ڪيو هو ته جڏھن به هو ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿو ٿي يا سندس ڪو نقصان ٿيڻ وارو هوندو هو ته ڪو آواز کيس آگاهي ڏيندو هو.

هو نقصان کان ته بچي ويندو هو، پر ان تي سوچڻ لڳندو هو ته اهو آواز ڪنهن جو آھي. ان ڏينهن به جيئن سندس ڪن ۾ آواز آيو ته هو وائڙو ٿي ويو. وري سندس ذهن جي پردن سان سرٻاٽ ٿيو ۽ لفظ پڙاڏو ٿيندا ويا، زم زم جي ڳالهه نيٺ شفيق ارشد من ئي من ۾ ٻڌي ورتي ۽ ڪريل ڪارڊ ڏسي ورتائين. هن ڪارڊ کڻي ورتو ۽ اشارن ۾ ٻئي ٻانهون ٻڌي زم زم جو ٿورو مڃيائين. تنهن تي زم زم شرم سان ٽمٽار  مرڪ  مرڪي. ٿوري دير ۾ ڪار هلڻ شروع ٿي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو.

ٻئي ڏينهن زم زم صبح سان تيار ٿي شاهراهه فيصل تي واقع  مهراڻ هوٽل پهتي جتي تربيتي ميڙاڪو ڪوٺايل هو.

زم زم کي هلندڙ ٽريننگ سيشن دوران ملٽي ميڊيا تي به شفيق ارشد جو هٿ ٻڌي ٿورو مڃڻ وارو انداز نظر اچڻ لڳو،

هن پوري سيشن ۾ ڪوبه سوال نه ڪيو، خاموشي سان ٻڌندي ڏسندي رهي.

لنچ جو ٽائيم ٿي ويو، ان دوران بوفي ۾ زم زم سڀني ساٿين سان گڏ آئي، اتي ويھن کان وڌيڪ قسمن جا لذيذ کاڌا مٺي سان گڏ ڏسي صبر جو هڪ سيڪنڊ به وڏو محسوس ٿي رهيو هو، ٽرينگ ۾ موجود  ڪجهه مرد ته اصل ڄڻ مفت جي خيرات تي آيا هجن کائڻ کان وڌيڪ ذيان ڪري رهيا هئا.

زم زم پليٽ کڻي ٽشو پيپر سان صاف ڪئي ۽ ان ۾ ضرورت  آهر ڀاڄي  کنئي، ٻاهر نڪرڻ سان هوءَ احتياط ڪندي هئي متان طبيعت تي کاڌو ڀيت نه پوي ۽ کيس پريشاني ٿئي ۽ جڏهن بائول کنيائين ۽ کيرڻي کڻڻ لاءِ  پنهنجو ھٿ کير جي بائول مٿان رکيل چمچي ۾ وڌو ۽ ضرورت مطابق کيرڻي کنئين ته هيڪر ئي کيرڻي جي پاسي تي لڳل چٽ تي نظر پئي جنهن تي انگريزي ۾ لکيل هو “شگر فري”سو هڪ چمچو وات ۾ آڻي ذائقو محسوس ڪيو مٺو ته هو، پر بي ذائقو پئي لڳو ته پنهنجي منهن مرڪي. سندس ڀرسان بيٺل نوجوان سندس انتظار ۾ هو ته هوءَ سائيڊ تي ٿئي ۽ هن کي به کيرڻي کڻڻ جو موقعو ملي سو زم زم کي  مرڪندو ڏسي سمجهي ويو ۽ هو به مرڪيو. ٻئي هڪ ٻئي کي حيراني منجهان ڏسڻ لڳا…

زم زم بي ساخته چيو اوهان هتي!

ان تي شفيق ارشد به کيس حيراني مان چيو اوهان هتي…!

ٻئي کيرڻي ۽ ضرورت مطابق پليٽ ۾ کاڌو کڻي اچي کاڌي جي ٽيبل تي ويٺا ۽ حال احوال ڪرڻ لڳا. شفيق ارشد کيس ٻڌايو ته ساڳئي هوٽل ۾ نجي اداري جي طرفان ميٽنگ جي سلسلي ۾ آيل هو.

ان اڻ رٿيل ملاقات کانپوءِ شفيق ارشد ۽ زم زم جي هفتي ٻئي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي جيڪا روز جي معمول ۾ بدلجندي وئي، هاڻي ته هو هڪ ٻئي کانسواءِ هڪ پل به رهي نه پئي سگهيا.

هر ڏک سک هڪ ٻئي سان سليندا هئا.

زم زم جيڪا ڳالهه چوڻ واري هوندي هئي ته ارشد شفيق به ساڳي وقت اها ئي ڳالهه چوڻ چاهيندو هو هڪ ٻئي کي اهو ٻڌائي، پوءِ ٻئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا هئا زم زم کان کلڻ وقت اکين مان پاڻي نڪرندو هو ۽ هوءَ اشهد  آڱر تي پنهنجو  ڳوڙهو کڻي تصوير ڪڍي شفيق ارشد کي  موڪليندي هئي ۽ هو اهو ڏسي اکين جي تصوير جي گهر ڪندو هو جنهن جو مطلب سيلفي هو.

اهو سلسلو ڪئي ڏينهن هلندو وڌندو رهيو۔

ٻنهي جو پختو يقين ٿي ويو ته هنن جي سوچن ۾ هڪ جهڙائي آهي.

اهڙيءَ طرح زم زم ۽ شفيق ارشد جي محبت وڌندي وئي ملاقاتن جو سلسلو ڪيئي مهينن تائين هلندو رهيو ۽ مهيني واري ملاقات هفتن ۽ هفتن واري ملاقات ڏينهن ۾ بدلجي وئي. شفيق ارشد زم زم کانسواءِ پل به رهي نه پئي سگهيو زم زم جو به ساڳيو حال هو.

ڪجهه عرصي کانپوءِ شفيق ارشد کي ڀيڻ جو فون آيو اها ڀيڻ  جيڪا پنهنجي مڙس انجنيئر فيض سالم سان گڏ گلاسگو سٽي ۾ رهندي هئي فيض سالم ۽ سندس فيملي کي لنڊن جي سٽيزن شپ مليل هئي، شفيق ارشد جي ڀيڻ شازيه عرف شيزا ڀاءُ کي ٻڌايو ته هن کيس لنڊن گهرائڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ هو جلد ئي لنڊن اچي ۽ ڀيڻ شيزا جي ريسٽورينٽ هلائڻ ۾ مدد ڪري سو اهو ٻڌي شفيق ارشد ته خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، هن جلد ئي زم زم کي پنهنجي شهر جي مشهور سلور سن ريسٽورينٽ تي ملڻ لاءِ فون ڪري ملڻ لاءِ چيو،

شفيق ارشد ڏنل وقت کان اڳ اچي انتظار ڪرڻ لڳو.

شفيق ارشد زم زم کي وري ڪال ملائي پڇڻ چاهيو ته هوءَ ڪٿي پهتي آهي…! زم زم کي جي موبائل تي شفيق لکجي آيو ته هن فون بزي ڪري، ساڄي پاسي واري پوئين ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي پهتي هوءَ ڏنل ٽائيم تي پهتي جتي شفيق ارشد پهرين انتظار ڪري رهيو هو.

هميشه جيان شفيق ارشد مينيو زم زم ڏانهن وڌايو ۽ هن ڊنر آرڊر ڪيو.

 ويٺي ويٺي شفيق سموري ماجرا ٻڌائي جنهن تي زم زم روئڻ شروع ڪيو ۽ هوءَ سڏڪندي نڪ مٿي سڻڪندي رهي، هن جون وڏيون ڪاريون اکيون ڳاڙيون لال ٿي ويون، ڳل به ڳاڙها لاوا جيان ٿي ويا زم زم ڳيت ڏئي کيس نماڻين اکين سان گهورڻ لڳي.

جنهن تي شفيق ارشد پنهنجو هٿ ۽ زم زم جو هٿ ۽ پوءِ پنهنجو هٿ رکي کيس آٿت ڏيڻ لڳو ته نڪاح ٿي وڃي باقي  هو بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ پهچي کيس گهرائي وٺندو، زم زم کي سڪيوئر محسوس پئي ٿيو ۽ مرڪي.

نڪاح سادگي سان ٿيو جنهن ۾ صرف زم زم ۽ شفيق ارشد جا مائٽ شريڪ ٿيا ۽ هو شادي جي ٻئي هفتي لنڊن روانو ٿيو، وڃڻ کانپوءِ زم زم ۽ شفيق ارشد جو رابطو بس چند ئي ڏينهن رهيو زم زم ڪوشش ڪئي، پر ڪو ريسپانس ڪونه آيو.

زم زم ڏينهون ڏينهن پڄرندي رهي وڃي اٽي ۾ لوڻ برابر رهي ڏيڍ مهيني ۾ هوءَ زنده لاش بنجي وئي جون جي مهيني جي ٻي تاريخ تي بيهوش ٿي ڪري پئي ڪا دوا اثر ڪونه ڪري رهي هئي، گهر وارا به ڪوشش ۾ لڳي ويا، پر ڪو رابطو نه ٿي سگهيو. هاڻي چاليهه ڏينهن پورا هن اکيون نه ڇنڀيون ڊرپ وسيلي کيس کاڌو پئي مليو. هڪ ڏينهن زم زم جي چپن ۾ چرپر ٿيڻ شروع ٿي ۽ نرس کيس ماڻس کي مبارڪ ڏني هوءَ سڪتي مان نڪري چڪي آهي.

زم زم پنهنجي منهن ڀڻڪندي ۽ مسڪرائي رهي هئي هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ شفيق ارشد جو نالو وٺندي رهي شفيق شفيق شفيق سڏيندي چهري تي رونق اچي رهي هئي هن جي طبيعت سڌري رهي هئي.

زم زم جي حالت ڪجهه بهتر ٿيڻ لڳي ۽ اسپتال مان ڊسچارج ڪري گهر آندو ويو جتي ماءُ هن جي سارسنڀال ڪندي رهي. هڪ رات زم زم ننڊ ۾ ستل هئي ته ماڻس اچي گوري کارائڻ لاءِ مٿان بيٺي هن هٿ اڃان ڌيءَ جي نرڙ تي رکڻ لاءِ وڌايو ۽ اتي ئي بيهي رهي. هن ڏٺو ته زم زم جون اکيون بند آهن، پر اکين جا بل چرپر ۾ هئا، چپن ۾ ڀڻڪي رهي هئي ماڻس ويجهو ٿي ڪنائڻ لڳي، پر ڪجهه ٻڌڻ ۾ ڪونه پئي آيس ۽ چپن جي چرپر کي غور سان ڏسي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي جنهن تي ماڻس کي صاف سمجهه ۾ آيو ته هوءَ ڪنهن سان ڳالهائي رهي آهي.

“شفيق”

زم زم جي چهري جي تاثر مان ائين لڳو ڄڻ شفيق سندس سامهو هجي.

زمزم چپن ۾ ڀڻنڪندي ۽ ڪجهه دير خاموش رهي ڄڻ جواب جو انتظار پئي ڪيو ۽ اهڙي طرح اها ڳالهه ٻولهه پئي هلي ماڻس ڪمري جي دروازي جي چانئٺ جي مٿان لڳل ٽي جي مرسي ڪارپس جي لوگو واري ناسي فريم ۾ لڳل گهڙيال جي سئين کي پئي ڏٺو ته ڪلاڪ واري سئي ٻن تي ۽ منٽن واري سئي ڏهن جي ويجهو هئي ۽ ان وقت کارائڻ واري گوري کي 9 منٽ وڌيڪ ٿي ويا هئا سو وري ماڻس هٿ زم زم جي نرڙ ڏانهن وڌايو ۽ زم زم جي نرڙ تي آيل پگهر کي هٿ ۾ جذب ڪري ساڳيو هٿ وارن ۾ ڦيرڻ لڳي ته زم زم اک کوليون ۽ حيراني مان ماءُ کي ڏسڻ لڳي ڄڻ هن دنيا ۾ زم زم اڄ ئي اک ئي اک کولي هجي گوري کارائڻ کانپوءِ ماڻس بتي بند ڪري زم زم جي بيڊ جي ڀرسان رکيل ٽو سيٽر صوفي تي ڪرنڊي  ٿي ليٽي. زم زم ساڳي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي وئي.

اهڙيءَ طرح زم زم کي شفيق ارشد سان جڙيل ڪنيڪشن جي پڪ ٿي وئي، ڪا غيبي طاقت آهي جيڪا سندس مڙس سان رابطي ۾ رکي ٿي ۽ ڪيل گفتگو ۾ سوالن جا جواب به ملي رهيا آهن.

زم زم ۽ شفيق ارشد جو دماغي ڪنيڪشن ايترو ته مضبوط ٿي ويو جو فون تي رابطو به بحال ٿي ويو اهڙي ريت زم زم  جي طبيعت ۾ هر ڏينهن سڌارو ايندو ويو.

ايتري عرصي ۾ زم زم پچندي پڄرندي رهي، پر سندس ذھن جي ڪرشماتي طاقت هڪ ڏينهن رنگ لاتو ۽ هن ڪڏهن به هار نه مڃي.

آچر جي ڏينهن شام جو چئين وڳي ڌاري  زم زم جي پيءُ کي هڪ لفافو مليو جنهن ۾ زم زم جي گلاسگو وڃڻ جو بندوبست هو.

زم زم جي گلاسگو سٽي وڃڻ جي تياري مڪمل ٿي چڪي هئي.

زم زم پنهنجي ماءُ کي آلين اکين سان الوداع چئي  پيءُ سان گڏ ايئرپورٽ رواني ٿي ۽ خير سان اڏام پنهنجي وقت مطابق لنڊن جي هوائي اڏي تي پهتي، ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيندي ئي زم زم  لونءُ لونءُ ۾ شفيق ارشد جي خوشبوءِ محسوس ڪري  رهي هئي.

تانگهه ۽ تڙپ سرس ٿيندي وئي ايتري ۾ زم زم کي اچانڪ هلڪو مٿي ۾ سور اڀريو ۽ سڀ ڪجهه ڌنڌلو پئي نظر آيس جيڪو ڪجهه گهڙين بعد هميشه لاءِ گهگهه اونداهه ۾ بدلجي ويو.