زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ (حصو پهريون) هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي آمد… الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

(حصو پهريون)

هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي آمد…

الطاف شيخ

يورپين جي اچڻ کان اڳ هندي وڏي سمنڊ جي واپاري دنيا تي عربن، ايرانين، انڊين، عمانين جو راڄ هو ۽ انهن جا ئي ٻيڙا انڊيا جي اولهه واري ڪناري ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي بندرگاهن ۾ نظر آيا ٿي. يورپ پاسي جا ماڻهو هيڏانهن هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ اڃان داخل نه ٿي سگهيا هئا،جو هڪ ته هنن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ کان هن پاسي اچڻ جي رستي جي خبر نٿي پئي ٻيو ته انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا ڪاٺ جا جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ واري مڇريل سمنڊ جي سَٽَ جهلي نٿي سگهيا جيڪو سمنڊ جو حصو هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچڻ لاءِ عبور ڪرڻ ضروري رهي ٿو. آخرڪار پورچوگال جو جهازران واسڪو ڊاگاما پهريون يورپي هو، جيڪو 1499ع ۾ آفريڪا جو مغربي ڪنارو ڏئي آفريڪا کنڊ جي هيٺين پوڇڙ تائين پهتو ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ جو سمنڊ ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي آفريڪا جي اڀرندي ڪناري تي پهچي ويو، جنهن ڪناري کي هندي وڏو سمنڊ ڇهي ٿو.

واسڪو ڊاگاما جي ڪاميابيءَ جي تاريخ پڙهڻ وارن جو هن بندرگاهه ملندي (Malindi) سان واسطو پوي ٿو. واسڪو ڊاگاما لاءِ ڪنهن هنڌ تي فرحت وٺڻ ۽ انڊيا وٺي هلڻ لاءِ ڪو سونهون حاصل ڪرڻ ضروري هو. هن کي اها ته خبر هئي ته انڊيا جو ڪنارو سامهون اوڀر ڏي آهي، پر انهن ڏينهن ۾ ڪَلَ وارا جهاز اڃان ايجاد نه ٿيا هئا، جو هلائڻ واري جي مرضي مطابق هر طرف وڃي سگهن. انهن ڏينهن ۾ سڙهن واريون ٻيڙيون هوائن جي رخ تي هليون ٿي ۽ واسڪو ڊاگاما هندي وڏي سمنڊ ۾ سال جي مختلف مهينن ۾ مختلف طرفن کان لڳندڙ هوائن کان اڻ ڄاڻ هو. هو موزمبق مان ڌڪا کائي ممباسا پهتو، پر اتي جا مسلمان عرب ۽ مقامي سواحلي شيدي سمجهي ويا ته هيءَ قوم بدنيت آهي هن کان پاسو ڪجي سو ممباسا جي حاڪمن واسڪو ڊاگاما کي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد هو پنهنجا ٻيڙا هاڪاري ڪجهه اڳتي اتر ڏي ملندي بندرگاهه ۾ پهتو، جيڪو ممباسا کان 120 ڪلو ميٽر آهي. ملنديءَ ۾ به مسلمان اميرن جي حڪومت هئي. هنن جي ممباسا وارن سان نٿي ٺهي سو پنهنجي دشمني پارڻ ۽ ممباسا وارن کي ساڙڻ لاءِ واسڪو ڊاگاما کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون جو پورچوگالين وٽ بم ۽ بندوقون هيون. ملنديءَ وارن هن کي انڊيا پهچڻ لاءِ سونهون به ڏنو. انڊيا کان واپسي تي به واسڪو ڊاگاما مَلندي ۾ اچي مهينو ٻه فرحت ورتي ۽ ملنديءَ ۾ انهن ڏينهن (1499ع) جو ٺاهيل يادگار طور ٺلهه (منارو) اڄ به قائم آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. پورچوگال جي بادشاهه جي حڪم تي مَلنديءَ کي پورچوگال حڪومت جو حصو قرار ڏنو ويو ۽ مَلندي جيڪو ڀر وارين سلطنتن ممباسا ۽ ڪِلوا کان پٺتي پيل هو اهو معاشي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌي ويو. هنن ممباسا تي قبضو ڪرڻ لاءِ پورچوگالين جي مدد ڪئي ۽ پورچوگالي ممباسا کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. يعني هيءَ اهائي اسان جي تاريخ ۽ ڪلچر آهي، جيڪو انڊيا ۾ ٿيندو رهيو. انڊيا ۾ به پورچوگالي ۽ بعد ۾ انگريز ٻن نوابن، راجائن، حاڪمن مان هڪ جو پاسو وٺي پنهنجي بارود ۽ اصلحي جي طاقت سان مخالف ڌر واري کي موچڙا ٿي هنيا ۽ پوءِ پهرين ۾ به ڪٽڪا وجهي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا ٿي.

ملندي 1593ع تائين پورچوگالين جو مرڪز رهيو ان بعد هنن ممباسا کي مرڪز بڻايو ۽ سترهين صديءَ جي آخر تائين ملنديءَ جي حيثيت نه برابر وڃي رهي. 1542ع ۾ پورچوگالين جو ٺهرايل مندر (Chapel) ۽ قبرستان اڄ به ملندي ۾ قائم آهي ۽ سواحلي عمارت سازيءَ جي عمارتن ۾ هڪ مسجد به آهي جيڪا جمعه مسجد سڏجي ٿي ۽ اها سمنڊ جي ڪناري تي آهي.

1861ع ۾ زئنزيبار جي عماني سلطان ماجد، مَلندي فتح ڪيو ۽ اوڻهين صديءَ جي آخر تائين هي بندرگاهه غلامن جي خريد ۽ فروخت جو مرڪز رهيو. 1890ع ۾ ملندي انگريزن جي قبضي ۾ آيو جن غلامي ۽ غلامن جي وڪري تي بندش لڳائي. يعني اها ڳالهه غور ڪرڻ جي آهي ته هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي اچڻ کان اڳ ئي عربن غلامن جو واپار ڪيو ٿي، جيتوڻيڪ اسلام غلام آزاد ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. ڪينيا جو هي بندرگاهه مَلندي ۽ ممباسا ۽ ان کان به وڌيڪ زئنزيبار غلامن جي وڪري جو مرڪز هئا ۽ اهو ڪم عربن جي هٿ ۾ هو. سنڌ ۾ به غلامي ۽ غلامن جي خريداري عام هئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ شرط انگريزن سنڌ ۾ به غلاميءَ تي پابندي هنئي ۽ سڀني سنڌي مالڪن کي پنهنجا غلام آزاد ڪرڻ لاءِ چيو.

اها ڳالهه پڻ قابل غور آهي ته غلامن جي وڪري بعد ۾ آفريڪا جي اولهه واري ڪناري کان آمريڪا، يورپين ڪاروبار ضرور ڪيو، پر عربن به گهٽ ڀينگ نه ڪئي بلڪه انهن ته گهڻو گهڻو اڳ کان پئي ڪيو، اسلام جي آمد کان به اڳ، جنهن جو مثال حضرت بلال حبشي آهي. اسلام ڪڏهن به غلامي يا غلامن جي وڪري لاءِ نه چيو، پر اسان جا مسلمان ان کان باز نٿي آيا جيسين انگريزن سختي نه ڪئي. جيئن اسلام ۾ شراب تي منع هجڻ جي باوجود به اسان وٽ ڏسو ته ڇا حال آهي! سو ڳالهه اها آهي ته اسان رڳو انگريزن ۽ يورپين کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهايون، گهٽتائي ته اسان جي ماڻهن ۾ به نه هئي.

ڪينيا جو هي مشهور بندرگاهه مَلندي ۽ 220 ڪلو ميٽر اڳيان لامو (Lamu) بندرگاهه اڄڪلهه ٽوئرزم کان مشهور آهن. مَلندي ۾ سڀ کان گهڻا اٽليءَ جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ٻي جنگ عظيم ۾ اٽلي وارن جن ٻن شهرن تي بم ڪيرايا هئا، مَلندي انهن مان هڪ آهي. روسي ليکڪ ۽ جرنسلٽ ائنڊري (Andrei Gusev) جو هڪ ناول آهي Our Wild Sex in Malindi هن ناول جا ڪيترا حصا ملندي ۽ لامو جي پس منظر ۾ ڏنل آهن. لامو بندرگاهه ۾ سئو سال پراڻي مسجد رياضه آهي جيڪا حاضرالموت (يمن) جي هڪ مذهبي عالم حبيب صالح ٺهرائي هئي ۽ هن “حبشي مولودين” جو تعارف ڪرايو، جيڪي حضور صلي الله عليه و آلهي وسلم جن جي تعريف ۾ مولود پڙهندا هئا. جيئن ته هن ٻيٽ Lamu تي ڪا موٽر ڪار يا موٽرسائيڪل ناهي سو سواري ۽ بار ڍوئڻ لاءِ گڏهن جو استعمال ٿئي ٿو. منهوڙي جيڏي هن ننڍڙي ٻيٽ تي 3000 کان مٿي گڏهه آهن. انگلينڊ ۾ گڏهن جي پرگهور ۽ دوا درمل لاءِ هڪ The Donkeey Sanctuary آهي ان جي انچارج عورت سوئيڊن جي ڊاڪٽر ايلزبيٿ سوينڊسين 1985ع ۾ جڏهن لامو ٻيٽ گهميو ته هن کي هتي جي گڏهن جو فڪر ٿيو ۽ 1987ع ۾ هن پنهنجي خرچ تي هتي گڏهن جي ”جاءِ امن“ يعنيSanctuary  ٺهرائي. هاڻ هن ٻيٽ تي رهندڙ گڏهن جو علاج مفت ۾ ٿئي ٿو. اها ڳالهه ٻڌي منهنجو سنڌي جهازران جونيئر ٿڌو ساهه کڻي چوندو آهي ته ”ڪاش اسان جا حاڪم سنڌ جي غريب ماڻهن کي ٻيو نه ته ڀلا گڏهه ئي سمجهي گهٽ ۾ گهٽ ايلزبيٿ وانگر دوا درمل جي سهولت ته مهيا ڪن.“ …(هلندڙ)….

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments