سفرنامو

زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ حصو ستون ملڪن جي ترقيءَ جو سبب ’قانون ۽ انصاف‘ آهي الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

 

حصو ستون       

ملڪن جي ترقيءَ جو سبب ’قانون ۽ انصاف‘ آهي

الطاف شيخ

زئنزيبار وڃڻ لاءِ ”اعظم مئرين فيري“ جي بڪنگ آفيس مان ٽڪيٽ حاصل ڪري پنهنجو بئگ انهن وٽ ئي جمع ڪرائي رسيد ورتم. خبر ناهي هنن وٽ سامان جمع ڪرائڻ جو سسٽم آهي يا نه پر منهنجي چوڻ تي “توهان مون کي هينئر ويندڙ فيريءَ ۾ سيٽ نه ڏني آهي سو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لگيج مان ته جان ڇڏرايو. شام تائين آئون هن بئگ کي ڪٿي گهليندو وتندس”. هنن يڪدم مون کان بئگ وٺي مون کي آجو تاجو ڪيو. منهنجي خيال ۾ سامان رکڻ جو ضرور بندوبست هوندو. ڪوالالمپور ۽ نئروبيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي به ٽرين اچڻ تائين مسافرن جي سامان رکڻ جو بندوبست آهي ۽ اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته آهي. گهٽ ۾ گهٽ 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين ته هو. انگريزن جنهن جنهن ملڪ ۾ حڪومت ڪئي، اتي ان قسم جا سسٽم ٺاهي ڇڏيا. انگلينڊ ۾ به ائين آهي.

سامان جمع ڪرائڻ بعد آئون جهڙو آزاد پنڇي ٿي پيس. ٻٽونءَ کي پينٽ جي پٺئين کيسي ۾ رکيم. ڪجهه پئسا قميص جي اڳئين کيسي ۾ باقي پئسا ۽ پاسپورٽ گنجيءَ ۾ ٺهيل کيسي ۾ وجهي، زپ سان کيسو بند ڪري ڇڏيم. پرديس ۾ پئسن ۽ پاسپورٽ کي قابو رکڻ ضروري آهي. هڪ کيسو ڪٽجڻ تي ٻئي کيسي ۾ ته پئسا هجن. اعظم فيري بڪنگ جي آفيس سمنڊ جي ڪناري واري روڊ يعني جنهن بيچ روڊ تي آهي ان جو نالو تنزانيا جي ٻيو نمبر وزيراعظم سوڪوئني نالي “سوڪوئني ڊرائيو” آهي. جيئن ممبئيءَ ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري تي جُوهو چوپاٽي بيچ (سمنڊ جو ڊگهو ڪنارو) آهي جيڪو ڪيترائي ميل آهي، ان جو نالو “جُوهو تارا روڊ” آهي. اسان وٽ ڪلفٽن جي سي بيچ تي به ان قسم جو ڊگهو روڊ آهي جيڪو پهرين ته سي ويو روڊ سڏبو هو، هاڻ ان جو نالو عبدالستار ايڌي روڊ رکيو ويو آهي. دنيا جي سامونڊي بيچن (ڪناري) وارن هن قسم جي روڊن تي وڏي رونق رهي ٿي. سمنڊ جي ڪناري ڪري اونهاري جي موسم ۾ به ٿڌيون هوائون فرحت بخشين ٿيون ۽ سامهون سامونڊي گجين واريون ڇوليون رونق پيدا ڪن ٿيون. هن قسم جي سامونڊي ڪناري وارن روڊن تي سڄو ڏينهن لوڪل ۽ فارين ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان رهي ٿي. مختلف قسم جي فوڊ اسٽالن ۽ ريسٽورينٽن تي ماڻهن کي کائيندو پيئندو ڏسي سگهجي ٿو. ڪيترائي ٻار توڙي عورتون بيچ ڊريس ۾ نظر اچن ٿا. پوليس جي حراسمينٽ ڪري ۽ بدامنيءَ ڪري اسان وٽ اها رونق ايتري ناهي. اها جي ڏسڻي آهي ته ماڻهو يورپ جي بيچن (سامونڊي ڪنارن) تي وڃي يا سنگاپور، ملائيشيا ۽ ممبئي جي بيچن تي اچي. مون کي ته حيرت ٿيندي آهي جڏهن ممباسا، دارالسلام، موپوتو، ڊڪار، زئنزيبار ۾ ٽوئرسٽن کي آزاديءَ سان گهمندو ڏسندو آهيان، جيتوڻيڪ آفريڪا بابت اسڪولي ڪتابن ۾ پڙهي دماغ ۾ غلط اثر ويٺل آهي ته ”آفريڪا اونداهو کنڊ آهي جتي جا شيدي جاهل ۽ جهنگلي آهن“، پر آفريڪا ۾ اچي ڏسو ته توهان کي اهي رمارڪ پاڻ لاءِ محسوس ٿيندا. حالتون بهتر ۽ امن امان واريون آهن تڏهن ته جاپان جهڙي ملڪ جا ٽوئرسٽ، ويندي اڪيليون ڇوڪريون آفريڪا جي شهرن ۾ گهمنديون وتن! جاپاني ماڻهو تمام خبردار آهن. هنن کي جيستائين پڪ نه ٿئي ته حالتون امن امان واريون آهن، کاڌي پيتي جون شيون هائيجينڪ آهن، تيسين ان ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ ڪڏهن به نه اچن. ملائيشيا ۾ به هاڻ ويهارو کن سالن کان اچڻ شروع ٿيا آهن، پر ممباسا، زئنزيبار، ڪمپالا، دارالسلام، نئروبي جهڙن آفريڪي شهرن ۾ ته آئون هنن کي شروع کان ڏسندو اچان. انڊيا بابت ته لکي چڪو آهيان ته دهليءَ ۾ جاپاني سفارتخانو مين روڊ تي آهي ۽ هرڪو اچي وڃي سگهي ٿو. جاپاني ٽوئرسٽ ڇوڪريون رات جو به بس ۾ سفر ڪري هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي پيون وڃن. اسان جو ملڪ اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڏسڻ لاءِ ته ”موهن جو دڙو“ جهڙيون دنيا جون اعليٰ شيون آهن، پر انهن کي ڏسڻ وارو ڪو نَر ٽوئرسٽ به نظر نٿو اچي. جاپان جهڙي ملڪ کي ته ڇڏيو، پر اٽلي، يونان يا تاجڪستان جو ڪو سياح به لاڙڪاڻي جي بازارين ۾ نظر نٿو اچي. اسان جي مقابلي ۾ آفريڪا جا شهر ۽ ڳوٺ ٿو ڏسان ته هتي جا ماڻهو پُرسڪون آهن. چوريون چڪاريون ۽ ٻيا ڏوهه هتي به ٿيندا هوندا، پر اهڙي حالت ناهي جهڙي اسان وٽ آهي. اها ڳالهه مون اڄ کان 40 سال اڳ به محسوس ڪئي ۽ ممباسا جي هڪ سنڌي هندو سيٺ کان ان جو سبب پڇيم ته ان به ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي اهوئي سبب ٻڌايو ته “هتي (ڪينيا) جي پوليس انگريز سرڪار جي ٽرين ٿيل آهي”. ٽرين ته اسان جي پوليس به انگريزن جي ٿيل آهي، پر شايد اهڙي صحيح طرح ٽرين نه ٿي سگهي ۽ نه وري اسان جي ملڪ کي خود مختياري ملڻ بعد ان کي Maintain ڪيو ويو ۽ نه وڌيڪ سڌاريو ويو ته عوام جي خدمت ڪيئن ڪجي ۽ ڏوهارين سان ڪيئن سختي ڪجي. جهڙي نموني سان ملائيشيا جي پوليس ڪري رهي آهي. تڏهن ته 1987ع ۾ ڪوالالمپور جي ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ راڻي ايلزبيٿ مارگريٽ ٿئچر ۽ بينظير ڀٽو صاحبه اڳيان مهاتير کي شاباس ڏيندي چيو ته “تنهنجي حڪومت پوليس ۽ تعليم جي ادارن کي ان کان به بهتر بنايو آهي جنهن حالت ۾ اسان ڇڏيو”.

1968ع يا شايد 1969ع ۾ جڏهن اسان دبئي جهاز وٺي آيا هئاسين ته دبئيءَ جي حالت اسان جي ان وقت جي ڀٽ شاهه، باڊهه، ساڪرو جهڙن ڳوٺن جهڙي هئي. سڄو رڻ پٽ desert هو، پر پٽ تي لڳل دڪانن تي به سون جو وڪرو ٿي ٿيو. ٽئڪسين گاڏين توڙي پيدل هلندڙن قانون جي پوئيواري ٿي ڪئي. مڪاني عربن توڙي ڌارين ملڪن کان آيل ڪم وارن ۽ واپارين هر شيءِ قانون مطابق ٿي ڪئي. اسان جي دماغ ۾ ته اهوئي هو ته عرب بدو ۽ جاهل آهن ويتر پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري ڄٽن واريون حرڪتون ڪندا هوندا، پر امن امان ۽ قاعدي قانون جي معاملي ۾ ته ڄڻ يورپ نظر آيو. آخري ڏينهن تي بندرگاهه جي هڪ عرب آفيسر سان ان ڳالهه جي تعريف ڪندي سبب پڇيم ته هن وراڻيو: “اسان کي انگريزن ڪڏهوڪو خود مختياري ڏئي ڇڏي، پر اسان هنن کي چيو ته ڪجهه سالن لاءِ پوليس توهان جي رهڻ ڏيو. سو دبئي جو پوليس ڪمشنر نه فقط گورو انگريز آهي، پر قانون جي معاملي ۾ تمام سخت آهي”. ان بعد هن راز واري انداز ۾ مون کي چيو ته قاعدو قانون سخت نه رکبو ته پئسي هوندي به ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو”.

اڄ ٿو سوچيان ته دبئي وارن “پوليس ۽ قاعدو قانون” سخت رکي پنهنجو ملڪ ٺاهي ڇڏيو آهي. وڏي کان وڏو امير عرب به سگنل ٽوڙڻ جهڙي قانون شڪني نٿو ڪري، جو هو سمجهي ٿو ته هتي جو هڪ ننڍو سپاهي به وڏي طاقت رکي ٿو، جنهن جي پويان ملڪ جو سڄو پوليس کاتو ۽ ملڪ جو حاڪم آهي. ٻين لفظن ۾ اهو پوليس وارو ڪنهن جي کيسي ۾ نٿو اچي، چاهي اهو مڪاني عرب هجي يا ڌاريون امير بزنس مين. اهي ته ٺهيو، پر اسان جي ملڪ جي وڏن ماڻهن جا لوفر ۽ کريل ٻار جيڪي اسان وٽ ڏوهه ڪندا وتن اهي به دبئي جهڙن ملڪن ۾ پهچيو سڌا ٿيو وڃن. هنن کان ٻن آڱرين سان چرچل واري وڪٽري جي نشاني ٺاهڻ به وسريو وڃي.

تنزانيا جي ان معاملي ۾ خوشنصيبي چئبي ته هن کي شروع جا ليڊر نه فقط سٺا مليا جن پنهنجو کيسو ڀرڻ ۽ پنهنجن کي چاڙهڻ بدران عوام ۽ ملڪ جي بهتري جو سوچيو ۽ هر ڪم ميرٽ تي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. انهن مان هڪ نائيريري جيڪو ڪجهه سال وزيراعظم ۽ پوءِ صدر رهيو ان جو احوال لکي چڪو آهيان. تنزانيا جو اهڙو ئي هڪ ٻيو اڳواڻ ايڊورڊ سوڪوئني (Edward Sokoine) ٿي گذريو آهي جنهن جي نالي تي دارالسلام شهر جو هي سامونڊي ڪناري وارو اهم روڊ (Sokoine Drive) آهي جنهن تي هن وقت فيريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪري واڪ ڪري رهيو آهيان. جهڙالي موسم آهي، سامهون هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون ڪناري سان ٽڪرائي رهيون آهن جيئن ڪراچي جي ڪلفٽن تي عربي سمنڊ جون مستيون هونديون آهن. عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو ئي ته حصو آهي.

جن ڏينهن ۾ نائيريري تنزانيا جو صدر هو ته ايڊورڊ سوڪوئني ٻه دفعا وزيراعظم ٿيو. هڪ دفعو 1977ع جي جنوري مهيني کان 1980ع تائين ۽ ٻيو دفعو جڏهن 1983ع ۾ وزيراعظم ٿيو ته ملڪ جي صدر نائيريري خواهش ڏيکاري ته هو هاڻ 1985ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ چاهي ٿو ۽ سوڪوئنيءَ کي صدر ٺاهيو وڃي، پر قسمت جا اهي ليکا ٿيا جو 1984ع ۾ هو دودوما (جيڪو هاڻ تنزانيا جي گاديءَ جو شهر آهي) کان ڪار ذريعي دارالسلام اچي رهيو هو ته سندس ڪار جو حادثو ٿي پيو. کيس “ڪريمجي هال” ۾ ماڻهن جي ديدار لاءِ ٻه ڏينهن کن رکي ان بعد مورو گورو ۾ دفن ڪيو ويو، جتي يادگار طور سندس نالي واري” سوڪوئني يونيورسٽي آف ائگريڪلچر” آهي. پاڻ 1938ع ۾ ڄائو هو ۽ 46 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.. …(هلندڙ)…