بلاگ

سرداري نظام جي خاتمي ڏانهن وڌندڙ سنڌ! جوکيو جسارت الياس سنڌي | # جنوري 2022

مون جنھن سماج ۾ اک کولي، اتي وڏيرن ۽ سردارن جا مختلف طبق، قِسمَ ۽ نمونا ڏٺا آھن، جن تي ننڍپڻ کان ئي غور ۽ فڪر ڪندو پيو اچان. ”سردار“ ۽ ”وڏيري“ جون جيڪي ڪتابي وصفون پڙھيون ھئم، لاڙ ۽ ڪوھستان ۾ ڪيترائي وڏيرا ۽ سردار انھن وصفنDefinitions  جي برعڪس ڏٺم. جھڙوڪ؛ ڪي شعر و سُخن جا ڪوڏيا ۽ نواب اڪبر خان بگٽيءَ ۽ عطاءُ الله خان مينگل جھڙن ارڏن قومپرستن سان رَتَ جا رشتا جوڙيندڙ ڄام آف ملير مراد علي خان جوکئي جھڙا سردار، جيڪي ھر ھفتي پنھنجي اوطاق جي اڳيان لڳل قديم بَڙَ جي وڻن جي ڇانو ھيٺان علمي ۽ ادبي محفلون رچائيندا ھئا. جن ۾ احسن جوکئي جھڙو ٺٽي جو جھونو صاحب ديوان شاعر به شرڪت ڪندو ھو ته ڪراچيءَ جا مشھور تعليمدان ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مصنف؛ بشير احمد جوکيو ۽ پروفيسر راڌو خان جوکيو سميت ڊاڪٽر حاجي شمس دين جوکئي جھڙا نيڪ انسان به شرڪت ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاھپ جا خزانا ونڊيندا ھئا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھيءَ ٻڌايو ته ھو به ماضيءَ ۾ ڄام مراد علي سان ملي، سندس لائبريريءَ کي ڏسي چڪو آھي.

ملير ۽ ٺٽي ۾ ته مون ڪي اھڙا ”زرعي سماج“ جا وڏيرا به ڏٺا آھن، جن وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به ناھي، پر سندن عزت ھزارين ايڪڙ رکندڙ زميندارن کان به وڌيڪ آھي. مون ته ڄام چاڪر خان جوکئي ۽ ڄام محمد علي جوکئي جھڙا دلير ۽ نيڪ انسان به ڪتابن ۾ پڙھيا آھن، جن پنھنجي راڄ ۽ سنڌي قوم لاءِ سِر ڏنو. اھڙا چڱا مڙس به ڏٺم، جن اڄ ڏينھن تائين ھڪ رپيو به ڪنھن کان ڏنڊ ناھي ورتو، پر نياڻين جي ڏاج ۾ غريبن جي مدد ڪندا آھن. اھڙا سَکَر به ڏٺم، جن پنھنجي اوطاق کي اسڪولن ۾ تبديل ڪيو. اھڙا ڪلاسيڪل ماڻھو به ڏٺم، جن ٻھراڙيءَ ۾ گرلز اسڪولن کان وٺي، گرلز ڪاليج، سلائي سينٽر ۽ ڪميونٽي سينٽر تعمير ڪرايا ۽ پنھنجي راڄ سميت ھر ڪنھن سان ھٿ جوڙڻ واري پاليسيءَ تحت ھلي، ھميشه محبتون ورھايون ۽ نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ تي ھمٿائيندا رھيا. جيڪڏھن ڪجھ اھڙن املھ انسانن جون ٻيون حقيقتون لکبيون ته درٻاري ھجڻ جا طعنا ملندا. جيڪي مير علي شير قانع ٺٽويءَ جھڙي مورک کي ھرگز نه مليا ھئا، جنھن ان وقت جي ڪلھوڙا دور جي حڪمرانن کان پگھار، وظيفا ۽ مالي مراعتون وٺي، سندن بابت شعر و سُخن لکيا. اھي ذاتي تجربا پنھنجي جڳھ تي، پر تازو عرب شڪارين جي وڊيو ڀرڻ کانپوءِ ڪجھ معمولي معاملن تان، شھيد ناظم جوکئي جو بي درديءَ سان ٿيل قتل، انھن سمورن مشاھدن جي برعڪس ھو. جنھن دردناڪ حقيقت کي قبول ڪرڻ تمام ڏکيو ھو. جيتوڻيڪ ناظم جوکئي جي قتل کانپوءِ سياستدانن ۽ مختلف ماڻھن پنھنجا نمبر وڌايا، پر اھا تاريخي حقيقت به لکڻ کپي ته شايد سنڌ ۾ جوکيا قبيلو اھو واحد قبيلو آھي، جنھن ايڪيھين صديءَ ۾ پنھنجي سرداري نظام جي ھڪ اھڙي فرد کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ روڊ بند ڪري، مزاحمت جي نئين تاريخ رقم ڪئي، جيڪو اڄڪلھ ميرپورساڪري جي صوبائي تڪ پي ايس 79 تان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽيل ھڪ چونڊيل نمائندو به آھي. جوکين ۾ سالار ھڪ اھڙي نُکَ آھي، جنھن جا فرد، ھميشه کان ڪنھن به ظلم تي چُپ ناھن رھيا. ھن ڀيري به انھن پنھنجي روايت کي برقرار رکيو آھي. اھا به ھڪ تاريخ لکي وئي ته جوکين جي ڄام خاندان جنھن ۾ ھر دور ۾ سنڌ سان محبت ڪندڙ انمول ڪردارن جنم ورتو آھي ۽ موجوده گادي جي سرواڻ ۽ ملير مان پھريون ڀيرو چونڊيل ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکئي پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي قانون حوالي ڪري، افضل جوکئي کي راڄ جي پڙھيل لکيل باشعور فردن سامھون ”ساکَ“ ڏئي، ھڪ اھڙي روايت جي شروعات ڪئي آھي، جيڪا ھڪ الڳ تاريخ بڻجي، سندس ناني عطاءُ اللہ خان مينگل وانگر جوکين ۾ روايتي سرداري نظام کي ختم ڪندي. جنھن جا مستقبل ۾ يقينن مثبت نتيجا سامھون ايندا.

سنڌ سميت سموري ملڪ جي سوشل ميڊيا تي جتي شھيد ناظم جوکيو جي دردناڪ قتل ۽ قاتلن خلاف لکيو ويو، اتي ڪجھ موقع پرست ماڻھن، ناظم جوکيو جي قتل جي آڙ ۾، ناظم جي سموري خاندان ۽ قبيلي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي، الزام بازيءَ جو اڻ کُٽ سلسلو شروع ڪري ڏنو. ڪيترن ئي دوستن سڌو سنئون نشانو بڻائي، ان ڳالھ تي زبردستي مجبور ڪيو ته آئون به ان قتل تي، انھن وانگر جذباتي ٿي ڪري لکان. جنھن ڪري ھن وقت تائين شديد دٻاءُ جو شڪار ھوندي به جيڪو مون جيئن پرکيو، اھو ھڪ قلمڪار جي حيثيت سان، غير جانبدار طريقي سان سچ لکان پيو. عجيب ڳالھ ته مون مٿان پوندڙ اھو پريشر، ڪنھن ڄام، سردار يا جاگيردار جو نه پر اسان جي باشعور ۽ اھڙي اَن آرگنائيزڊ Unorganized سوسائٽيءَ جي دوستن جو آھي، جن جھڙيءَ ريت پاڻ سرداري نظام جي خاتمي جي آڙ ۾ جذباتي ٿي ڪري، اخلاق کان ڪِريل ٻولي ڳالھائي ۽ ان معاملي کي روايتي اَنا جو مسئلو بڻائي، سياست جي وَر چاڙھي ڇڏيو ۽ سڄي معاملي ۾ ايئن ذات پرستيءَ تي لھي آيا، جو سندن پوسٽن مان نڪرندڙ بدبوءِ، جتي ملير ۽ ٺٽي جي پُرامن برادرين ۾ نفرتن جي واس پکيڙي، اتي انھن سرداري نظام کي بظاھر ختم ڪرڻ لاءِ غير منطقي دليلن سان عارضي، جذباتي ۽ وقتي ڪوششون ڪيون، پر اھي جذباتي خيال ڪوبه لاڀ ڏيڻ بدران، ويتر ڏکڻ سنڌ جي سرداري نظام کي آرگنائيزڊOrganized  ڪري ويا. مون دوستن کي ڳچ ڀيرا سمجھايو ته جيستائين سرداري نظام خلاف ملڪ جا اعليٰ ايوان ڪا اثرائتي ۽ سخت قانون سازي نٿا ڪن، اسان جي درسي نصاب جي ڪتابن مان ”سردارن“ جي زندگيءَ جا سَبَق نٿا ڪڍيا وڃن، مذھب کان وٺي سماج مان ”ننڍَ پئي يا وَڏَ پئي“ جھڙا طبقاتي ۽ جاگيرداري سرشتا ختم نٿا ڪيا وڃن، اسان جي ڪورٽن مان تڪڙا فيصلا ڪري اڌ صدي پراڻا ۽ سالن کان التوا ۾ پيل فيصلا انصاف سان اُڪلائي، ماڻھن جو عدالت تان کنيل ويساھ واپس بحال نٿو ڪيو وڃي ۽ سرڪار پاران بنا ڪنھن فرق جي گھٽ ۾ گھٽ پرائمري کان ھائر سيڪنڊري تائين تعليم جي فراھمي، صحت ۽ امن امان جون سھولتون ممڪن نٿيون بڻايون وڃن، تيستائين ان نظام خلاف سوشل ميڊيا جي واويلا صرف عارضي طور ڪو مَمڻ ته مچائي سگھي ٿي، پر ان نظام مان ھميشه لاءِ جان ڇڏائڻ لاءِ، مستقل مزاجيءَ واري شعوري ارتقا ۽ ان جي نتيجي ۾ انقلاب جو منظم سرشتو نٿي آڻي سگھي. ڇو ته سنڌ ھميشه کان زراعت تي ڀاڙيو آھي ۽ زرعي سماج ۾ انساني فطرت ۾ وڏائي ھجڻ ڪري، وڏيرائپ جو نظام، جيئن يورپ ۾ يارھين صديءَ کان چوڏھين صدي عيسويءَ ڌاري متعارف ٿيو، تيئن اھو سنڌ ۾ به تڏھن ئي آيو ھو، پر انگريزن ان کي وڌيڪ سگھ ڏني. مزي واري ڳالھ ته ڄام عبدالڪريم جوکئي جي پڙ ڏاڏن مان ڄام چاڪر جوکئي، 1843ع ڌاري، انگريزن تي گجي لڳ حملو ڪري سندن فوجي جرنيل ماريا ھئا. جنھن جي بدلي وٺڻ لاءِ ڪئپٽن پريڊيءَ پنھنجي جاسوس نائون مل سان گڏ، جنگشاھي لڳ مالماڙيءَ تي حملو ڪيو ھو. جتي جوکين جي تڏھوڪي سردار ڄام مھر علي جوکئي، انگريزن سان 1843ع ۾، مالماڙيءَ جي تاريخي ”مُر ٽڪريءَ“ تي مزاحمت ڪئي ھئي. بعد ۾ انگريزن جوکين ۽ ڪلمتين سان ٺاھ ڪري، سندن سرداري نظام کي وڌيڪ سگھارو ڪيو. اھڙيءَ ريت ھن وقت سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي، ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾، ھر ذات ۾ سرداري نظام موجود آھي. جڏھن ته اڄڪلھ ايڪيھين صديءَ ۾ سنڌين جي اڪثريت ان سرداري نظام جي مخالف آھي، پر ڪيليفورنيا جي ماھر جيزن ڊبليو مُوئر (2002ع) وانگر مجبوريءَ ۾ ھرڪو ان نظام سان گڏ ھلي پيو. ڇو ته اسان کي ان نظام جو ڪو اثرائتو نعم البدل به في الحال نظر نٿو اچي. جيڪڏھن ڪجھ وقت لاءِ سرداري نظام جي غير موجودگي تصور ڪجي ته اسان جي سماج ۾ جيڪي مختلف مسئلا ملندا، ڇا انھن جي حل طرف اسان ڪڏھن سوچيو آھي؟

سنڌ جي ليکڪن (جھڙوڪ؛ ڊاڪٽر بلوچ، عبدالعزيز جوکيو، مشڪور ڦلڪارو وغيره) مختلف سردارن جي چڱن ڪمن جي تعريف ڪئي آھي ته ڪوھستان ۾ مجال آھي جو ڪو ڪُڪُڙ يا ٻَڪَر به چوري ٿئي. ڇو ته اھا ھتي جي صدين پراڻي ثقافت رھي آھي ته سردار جي ھوندي، ڪابه چوري ناھي ٿيندي. جيڪڏھن ٿيندي آھي ته اھا جھٽ ۾ ملي ويندي آھي. جڏھن ته سرداري نظام کان ھَٽي ڪري، ڇا اھو يقين سان چئي سگھجي ٿو ته اسان وٽ ڪڪڙ، ٻڪر جي فوري واپسيءَ لاءِ قانون تي ڪيترو عمل ٿيندو؟ اھڙا اڻ ڳڻيا مثال آھن. جن ۾ عام ماڻھوءَ (ڌنار ۽ ھاريءَ) کان وٺي اعليٰ تعليم يافته فرد (يونيورسٽين جا وائيس چانسلر) به ان نظام سان ڳنڍيل ملندا. اھوئي سبب آھي جو اعليٰ تعليم يافته ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد اڄ به سرداري نظام جو حامي آھي. جڏھن ته ٻئي پاسي ان نظام جي مخالف، سنڌ جي شعور ۽ عام ماڻھن وٽ صرف جذباتي خيال آھن. انھن ۾ به پڙھيل لکيل ۽ اڻ پڙھيل ٻنھي قِسمن جا ماڻھو شامل آھن. سرداري نظام جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ جو پڙھيل يا اڻ پڙھيل ھجڻ سان ڪوبه تعلق ناھي. ناظم جوکيو به ڪو ايڏو پڙھيل نه ھو، پر سردارن آڏو نه جھڪيو. سندس ڀاءُ افضل جوکيو به گھڻو پڙھيل ناھي، پر ان ھوندي به ڄام عبدالڪريم ئي کيس گھگھر مان، گذريل بلدياتي اليڪشن ۾، ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ مزدورن جي سيٽ تي ميمبر چونڊرايو ھو. جيڪو تڏھن ضلعي ڪائونسل جي غريب ميمبرن مان ھڪ ھو. اھڙيءَ ريت مون ته سي ايس ايس پاس آفيسر به سردارن اڳيان گوڏا کوڙي ويٺل ڏٺا آھن. ان ڪري اسان جي زرعي سماج ۾، جيڪو نظام ھلايو پيو وڃي، ان کي پرکي آئون اھو دعويٰ سان چئي سگھان ٿو ته اسان سرداري نظام مان، سنڌ جي جند ايترو جلد آجي نٿا ڪرائي سگھون. ڇو ته اسان وٽ ان جي خلاف ڇِڙوڇِڙ ٿيل، بي ترتيب جذبات کان علاوه عملي طور مستقل اتحاد ۽ ڪنھن ھڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه جامع منصوبو ناھي.

اسان خانداني نظام اندر جڪڙيل واڙ، پاڙي پوٽائي، وراڻي، نُک، ذات ۽ قبيلن ۾ ورھايل آھيون. مون ته ڪيترائي تعليم يافته شخص، اڄڪلھ ڪنھن ھڪ قبيلي جي سرداري نظام خلاف ته ڏٺا آھن، پر اھي ئي ساڳيا ماڻھو پنھنجي قبيلي جي سردارن لاءِ وري ڍال ٿي بيھندا آھن. شايد اھو به ھڪ وڏو سبب آھي، جو سنڌ ۾ ”قبيلائي نظام“ ئي ان ڀوتارڪي سرشتي جو ڪارڻ آھي. قبيلن تي نالا صرف سڃاڻپ لاءِ رکيا ويا ھئا، پر اسان ان کي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ اڄ اسان پاڪستان جي ھر سياسي نظام کان وٺي تعليمي نظام تائين، ان قبيلائي سوچ جا حامي آھيون. درحقيقت قبيلائي نظام ئي ان سرداري نظام جو سبب آھي. اسان جيستائين مڪمل تعليم يافته ٿي، پنھنجي حقن کي بندوق، پستول ۽ تلوار بدران ڪاغذ، قلم ۽ قانون ذريعي حاصل ڪرڻ نه ڄاڻنداسين، تيستائين ان نظام ۾ پيڙھجندا رھنداسين. اچو ته سنڌ ۾ سرداري نظام جي اختتام لاءِ صرف ۽ صرف، ھڪ سنڌي قوم ٿي ڪري، پنھنجي سڃاڻپ برقرار رکون ۽ غيرجانبدار ٿي ڪري، تعليم ۽ شعور ذريعي پنھنجي ايندڙ نسل جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪريون.

جوکيو جسارت الياس سنڌي

پي ايڇ ڊي اسڪالر،

 يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو