سعودي عرب جي ميزباني هيٺ جي-20 ملڪن جو سربراهي اجلاس اڄ رياض ۾ ٿيندو
سعودي عرب جي ميزباني هيٺ جي-20 ملڪن جو سربراهي اجلاس اڄ رياض ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سعودي عرب ۾ ٻن ڏينهن واري جي-20 ورچوئل سربراهي ڪانفرنس 21 نومبر کان شروع ٿي رهي آهي ۽ اها هن گروپ جي پندرهين ساليانه ڪانفرنس آهي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندو. ڪورونا وبا سبب هي ڪانفرنس انتهائي اهم آهي. جنهن ۾ عالمي معيشت کي متاثر ڪندڙ مسئلن تي بحث ڪيو ويندو. جڏهن ته اجلاس ۾ عالمي خوراڪ ۽ زراعت جي اداري جي سربراهن کان علاوه ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ گڏيل قومون، عالمي بينڪ گروپ ۽ عالمي واپار واري تنظيم، عرب مالياتي فنڊ، اسلامي ترقياتي بينڪ، آفريقي يونين ۽ جي سي سي اختياريون به شرڪت ڪنديون. جي-20 جي ناڻي واري وزارت هلندڙ سال دوران پنهنجي اجلاسن ۾ غريب ملڪن تي ڪورونا وبا جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نوعيت جو پهريون لائحه عمل طئي ڪيو هو.