ادبخاصسفر نامو

سفر نامون : ڪلانڪوٽ کان ڪارو جبل : جوکيو جسارت الياس سنڌي

ڪوھستان تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ واقع ڪارو جبل، سنڌ جي سونھن جي داستانن ۾ ھڪ سنھري باب جي حيثيت رکي ٿو. جنھن جي چئني طرفن کان ڳوٺن ۽ مُھاڳن جو اڻ کٽندڙ سلسلو، ان جي ٽڪرين سان گڏوگڏ موجود آھي. جيڪي بقول محمد الياس ھمغم جوکيو جي ھلندي ھلندي ”گزري ڪراچي“ طرف، جڏھن ته بقول عبدالعزيز جوکيو؛ اھو جابلو سلسلو ڪراچي فيڊرل بلاڪ ايريا تائين وڃي ٿو. ماروئڙن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ جي حيثيت رکندڙ ڪاري جبل کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ”ڇپر“ ۽ ”ڇمر“ جھڙا ڀرجھلا لقب ڏنا. اھوئي سبب آھي ته اڄ به ڪارو جبل ”ڇپر“ جي نالي سان جڳ مشھور آھي. ڪاوش دنيا مئگزين 13 سيپٽمبر 2020ع واري شماري ۾ ڇپيل مضمون ۽ دنيا جي پھرين ۽ وڏي سنڌي چئنل، ڪي ٽي اين تي عالمي سياحت جي ڏينھن 27 سيپٽمبر 2020ع تي رات 8:45 وڳي ھليل تاريخي ڊاڪيومينٽريءَ سان گڏ سيپٽمبر 2020ع جي ھمسري آن لائين مئگزين، جتي سنڌي ميڊيا کي ان تاريخي ماڳ جي ڄاڻ ڏني آھي، اتي عالمي ميڊيا جي توجهه پڻ حاصل ڪئي آھي. ان ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ لاءِ ڪي ٽي اين جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر ۽ ٺٽي جي صحافت جي وڏي نالي محبوب بروھي ۽ مون ڪاري جبل جو سياحتي، تحقيقي ۽ تاريخي دورو ڪيو، جنھن کي ھن سفر نامي ۾ پڙھندڙن ۽ سنڌ جي سياحتي شعبي سان تعلق رکندڙ دوستن جي ڄاڻ خاطر ونڊجي ٿو.

مڪليءَ جي ٽڪري لڳ ڪلانڪوٽ کان دوست محبوب بروھي ڪجھ سالن کان ڪارو جبل گھمڻ جو شوق ڏيکاري رھيو ھو. جنھن ننڍپڻ کان جابلو ماڻھن جي وچ ۾ اک کولي ۽ ٺٽي ضلعي جي جابلو سلسلي جي قدآور نالي يعني ڪارو جبل بابت ننڍپڻ کان پئي ٻڌو، پر سندس تمنا ھئي ته ان جبل کي مڪمل گھمجي، سو اسان 2020ع جي چوماسي ھوائن جي جون مھيني جي واسري لڳڻ سان ئي رابطو ڪري، اھو پڪو پھه ڪري ڇڏيو ھو ته ھن ڀيري ضرور ڪوھستان جي سڃاڻپ ڪاري جبل ھلبو. نيٺ جولاءِ ۽ آگسٽ 2020ع جي مھيني ۾ ويتر ڳچ وسڪارا پيا، جن جي ڪري اسان کي ڪاري جبل پاڻ ڏانھن ڇڪي ورتو ۽ ايئن اسان به دير نه ڪئي ۽ تاريخ 19 سيپٽمبر 2020ع، ڇنڇر ڏينھن، اسين ان سفر جو سعيو ڪري نڪري پياسين. آئون، بابا ۽ امان کي سندم زال سنڌوءَ سميت وٺي ھڪ ڏينھن اڳ، مالماڙي نڪري پيس ۽ محبوب بروھيءَ سان گڏ، سفر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ سئوٽ عبدالباري جوکيو جي مٿان ڪم رکيم ته مھمانن کي مالماڙي وٺي اچج. جنھن کين مالماڙي پھچايو.

ڪارو جبل جو اڙانگو سفر ڪرڻ ڪو معمولي ڳالھ ناھي، ڪار يا اھڙي گاڏي جو ان رستي وڃڻ ناممڪن آھي. ان ڪري مون موٽرسائيڪل تي اھو سفر ڪرڻ جو سعيو ڪيو ھو. باغ حسين ڇنڇر ڏينھن صبح جو سوير 7 وڳي مالماڙي پھچي ويو، جنھن سان گڏ مالماڙي کان نڪري پياسين ڳوٺ الھرکيو جوکيو ڄام اويس بجار جي اوطاق پار، ان خيال کان ته جيئن سفر جو ڪو گائيڊ ڳولھي گڏ کڻون. ڪاري جبل جي دامن ۾ واقع ان ڳوٺ ۾ ڄام حاجي مراد علي خان جوکيو جو پوٽو ۽ ڪوھستان جو نوجوان اڳواڻ ڄام اويس بجار جوکيو پڻ رھي ٿو، جنھن کي اسان جي خبر پئي ته پنھنجو خاص ماڻھو حسڻ جوکيو اسان کي ڏنائين، ڇو ته ملير ڪوھستان جي علم دوست نوجوان اڳواڻ ۽ موجودہ ڄام آف ملير ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو مون کي ڪوھستان جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪرڻ واسطي ۽ تاريخي ۽ سائنسي تحقيق تي مبني حقيقي تاريخ قلمبند ڪرڻ جي خاص ترغيب ڪجھ مھينا اڳ ئي ڏني ھئي. ايئن ڄام صاحب جي ڪارو جبل واري ڳوٺ الھرکيو جوکيو جو حسڻ جوکيو اسان سان گڏ مالماڙي ھليو ته جيئن اسين اتان کان پنھنجو ڪاري جبل جو سفر شروع ڪريون. جيسين اسين مالماڙي پھتاسين تيسين مھمان به مڪلي کان مالماڙي پھچي چڪا ھئا، جن کي مالماڙيءَ جي وچ مُھاڳي ۾ صدام حسين پنھنجي دڪان تي آڌر ڀاءُ ڪري ويھاريو. مھمانن ۾ محبوب بروھي، ڪئمرامين عباس شاھ ۽ ڪاوش جو جنگشاھي جو نمائندو عبدالرحيم جوکيو شامل ھئا. جڏھن ته عبدالباري ۽ آئون به گڏ ھئاسين. مھمانن کي گڏ کڻي، اسين ناشتو ڪرڻ لاءِ گھر پھتاسين، ته خبر پئي ته عبدالرحيم جوکيو جنگشاھي ۾ ئي سڀني کي ناشتو ڪرائي آيو ھو، پر مون ڪاري جبل جو پري پنڌ جو ڏسي وري به کين ناشتو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. بابا جن پاڻ کين ناشتو ڪرايو. باغ حسين مھمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا. عبدالباري ناشتي جا سامان ڍوھيا پئي ته ڏاڏا لائقڏنو خان (ثاني) به مھمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ پھچي ويو. خير اتان نڪري سفر تي مالماڙي جي جامع مسجد پھتاسين ۽ اتي موٽرسائيڪل جو بندوبست ڪيوسين. سفر جو گائيڊ ڪاري جبل جو ڪوڏيو، حسڻ جوکيو، باغ حسين جوکيو ۽ محمد حسين عرف ماما پنھنجن پنھنجن گاڏين سان اڳ تيار ٿيا بيٺا ھئا. اسان کي ڪُل چار موٽرسائيڪلون صرف ڊرائيورن سان کپيون ٿي، جنھن ۾ حسڻ سان گڏ محبوب بروھي کي ويھاريوسين، عبدالباري کي محمد حسين سان گڏ کاڌو پيتو لڏي ويھاريوسين. جڏھن ته آئون باغ حسين سان گڏ موٽرسائيڪل تي چڙھيوس ۽ ان حساب سان عبدالرحيم جوکيو ۽ عباس شاھ لاءِ ٻن موٽرسائيڪلن جي گھرج ٿي جنھن تي فورن ادا حاجي بشارت الياس جيڪو پنھنجي موٽرسائيڪل تي اڃان رڳو اتي مس پھتو ھو ته ان جي گاڏي اسان کنئي. جيڪا عبدالرحيم جوکيو ڪاوش واري ھلائي. جنھن سان گڏ عباس شاھ چڙھيو. قمر دين ولد انگور خان به پنھنجي سئوٽ ٻڪرار برڪت اللہ عرف بقوءَ سان گڏ ھليو. اھو منظر ڏسي اسان جو ماما عبدالحنان جوکيو به پنھنجي سڀ کان ننڍڙي ۽ ڀلوڙ فرزند عبدالقدير عرف خاشل خان بيشڪاڻي جوکيو سميت گاڏي کنئي گڏ ھلڻ لڳو. اھڙيءَ ريت اسين 6 موٽرسائيڪلن تي ڪل 12 ڄڻا ڪوھستان سنڌ جي ساوڪ سان ڍڪيل تاريخي ڪاري جبل جي سير ڪرڻ لاءِ نڪري پياسين.

پکين جا ولر:

بادلاڻي پاڙي کان اڳتي مالماڙي جي مٺي پاڻي جي بور تي انيڪ پکين جا ولر ڏٺاسين. جن ۾ سنڌي ديسي ڳيرن جو ڳچ تعداد موجود ھو، جيڪي پاڻي پي رھيا ھئا. ڪجھ بجلي جي تارن تي ويٺل جھنگلي ڪبوتر به لَڪيءَ جي بُٺيءَ جي پٺيان نظر ايندڙ منظر کي سھڻو ڪري رھيا ھئا. جڏھن ته بُلبلون به ٻولي رھيون ھيون. بادلاڻي آفيس ڀرسان حاجي محمد الياس جي پَٽَ تي بيھي، تنظيم بابت دوستن کي ٻڌايم ته پٺيان سونھارو فقير ميموريل لائبريري به نظر آئي، جيڪا مشھور ڪوھستاني سماج سڌارڪ حافظ محمد جوکيو جي ڪوشش سان 1990ع جي ڏھاڪي ۾ تعمير ٿي. ان جي ڀرسان صدام حسين جو دڪان اڄ به ڪوھستاني ڪچھري جو مرڪز آھي. جڏھن ته تاريخي جامع مسجد مالماڙي بابت به دوستن کي ٻڌايم ته ان جو وجود ھڪ اندازي موجب 1830ع ڌاري پيو، جيڪو بعد ۾ 1900ع کانپوءِ ترقي ڏانھن گامزن ٿيو ۽ اڄ 2020ع ۾ اھا مسجد ھڪ خوبصورت ڏيک ڏئي پئي جنھن جي ازسر نو تعمير جو مڪمل سھرو حافظ محمد بن خان محمد جوکيو جي سِر تي سونھي ٿو. جنھن ان تاريخي جامع مسجد کي ٻيھر تعمير ڪيو. اسين اتان اڳتي نڪتاسين ته نونڌ جي بٺيءَ لڳ دوستن ڏٺو ھڪ ٽڪريءَ کي ڪٽي اتي زمين ڪڍي وئي ھئي، جيڪا ڏسي عجب ٿيو. ڦاٽ جو رستو ٽپي سکياڻي جي پاڙي ۾ وياسين، جن جي پراڻي مسجد نظر آئي جيڪا گوگل ميپ تي پڻ موجود آھي. اڳتي نئين ٽپي ”کارڙو“ نالي چشمو ۽ کجين جا وڻ ڏسي، اڳتي وياسين ته مالماڙي شاھي ڊيم نظر آيو، جتان کان اُڀرندي ڪاري جبل جو ڪچو رستو نڪتو ٿي، جتان اسان کي اسان جي سفر جو گائيڊ حسن جوکيو اسان کي وٺي ويو. ڇا ته سونھن سان سرس ساوڪ، سبز سبز ولين، ڪکن ۽ وڻن جي ھُٻڪار سان مھڪندڙ خوشبو اچي رھي ھئي! اتي دل چيو ٿي ته ويھي رات ڪٽجي، پر اسان ته ڪاري جبل جي چوٽيءَ جا پانڌي ھئاسين، سو اڳتي ھلندا رھياسين.

رستي تي چَريون چڙھايون:

ڇَپَرَ تي چڙھندي ڪي چڙھايون آھن، ڪي ماڳھين اھڙيون جو جڏھن چڙھائي اچي ته موٽرسائيڪل تان ڊبل سواري ڪري چڙھڻ ناممڪن لڳو، سو پنڌ چڙھياسين. مٿي چڙھڻ ۾ ٽنگون ساھ ڇڏيو وڃن ۽ جيڪڏھن لاھي اچي ته موٽرسائيڪل اونڌي ٿي ڪرڻ لاءِ ھٿن مان پئي وئي، جنھن تي سڀني گاڏين تان ماڻھو لھي پنڌ ھليا پئي ته به گاڏي جھلڻ کان ڳري! صرف ھڪڙو ماڻھو نه لٿو اھو ھو عبدالباري جنھن جو ڊرائيور ماما ھو، جيڪو لھڻ چڙھڻ مھل ھوائي جھاز وانگر تيز پئي ھليو، جنھن کي محبوب بروھي به اشارا ڪيا ته بيھي عبدالباري کي لاھي، پر نه لاٿائين. ڪٿي ڪٿي ٻيا ڊرائيور رڙيون ڪري بيھي رھيا ٿي، جن جون گاڏيون به ماما ٽپائي چاڙھي ڏنيون. موٽرسائيڪل کڻڻ مھل اھو به ڏسجي ته گاڏي ھلائڻ وارو ھٿ جو پڪو ھجي نه ته جان جو خطرو ھو. ڇو ته رستي تي وڏيون اونھيون کاھيون به آھن. بھرحال محمد حسين به نڪ جي ڏاڍائي ڪري گاڏي کي نڪ جي ڏاڍائي تي خطرو کڻي چاڙھي رھيو ھو. ٿورو اڳتي وياسين ته پڳاندري نالي ھڪ وڏو ڍورو آيو، جيڪو گوگل سان گڏ ميپڪارٽا ويبسائيٽ تي به موجود آھي. ان ڍوري جي آسپاس مٽي جا قسمين قسمين رنگ ڏسڻ ۾ آيا جھڙوڪ: ڳاڙھي مٽي، ٿلھي ريتي جيڪا سون وانگر جرڪي رھي ھئي. ان پاسي حسڻ ٻڌايو ته قلندر لعل شھباز جي آستاني جي نسبت سان ھڪ مشھور جڳھ ”لعل ڌونئين“ پڻ واقع آھي، جتي ھر سال ماڻھو اچي ٻڪر ڪھي پچائي کائيندا آھن. واضح رھي ته ان جڳھ متعلق بابا پڻ 1956ع ۾ سندس ھڪ مقالي ۾ ذڪر ڪيو آھي، جنھن مان ان جڳھ جي قديم ھجڻ جو پڪو ثبوت ملي ٿو. ٿورو اڳتي ويھي ساھ پٽيوسين جتي پکا ڦڙھا نظر آيا. چُرن ۾ پاڻي به بيٺل ڏٺوسين، جڏھن ته سموري سفر ۾ اسان پاڻ سان گڏ آندل پاڻي به مسلسل پي رھيا ھئاسين. ڇو ته پنڌ ھلڻ ڪري گرمي به محسوس ٿي رھي ھئي.

ڪوھستاني ڏُٿَ جو ڏيهه:

رستي تي ھلندي ھلندي جيڪا قدرتي سونھن ڏسون، ان مان لطف اندوز ٿيون، اھو مشغلو رھيو، جنھن دوران مُنگھا، ڳاڱيون ۽ کٽاليون به کائيندا رھياسين. مون مليرو ته جام ڏٺو، پر پَٽڻ کان قاصر ان ڪري به رھيس، ڇو ته پنڌ اڳتي ھو. اھو ڏٿ سڄو تازو ھو، جڏھن ته ڪجھ ڏٿ مٿان پاڻيءَ جا ڦڙا بهTranspiration  جي ڪري نظر اچي رھيا ھئا. باغ حسين ٻڌايو ته جانور به اھي جڙي ٻوٽيون شوق سان کائيندا آھن. حسڻ بقول، انھن جڙي ٻوٽين جي کاڌي تي، اسان جا اباڻا صحتمند ھئا، پر اڄ اسين نبار کاڌي لاءِ پريشان آھيون.

مھمانن جي حيرت:

مھمانن کي حيرت تڏھن ٿي، جڏھن انھن جبلن جي اندر مختلف جھڏا، غارون ۽ لڪل جڳھيون ڏٺيون، جن بابت حسڻ ۽ باغ حسين ٻڌايو ته قديم زماني ۾ ماڻھو اھڙين لڪل جڳھين ۾ پنھنجون ملڪيتون ٿمھيندا ھئا، جنھن ڪري اھڙين جڳھين کي اڄ به ”ٿم“ چون ٿا. مھمانن جڏھن جبل جون اڌوڪون، لاھيون، چاڙھيون، ڪُرون، لڪ، ڪنارا، ڀَرون، ڀٽ، چونرا، غارون، ڳڙڪون، پٿرن جا ڍير، قدرتي طور رکيل ھزار سال پراڻن پٿريلي خوبصورتين ۽ جھڏن کي ڏٺو ته محبوب بروھي اھو چيو ته ھي ڪارو جبل خوبصورتيءَ ۾ ڪنھن به صورت ۾ ڪارونجھر کان گھٽ ناھي.

حسڻ جون حَسين ڳالھيون:

سفر جي گائيڊ حسڻ، جتي اسان کي گائيڊ ڪيو، اتي پنھنجي تجربيڪار نظر سان اسان کي سٺي ڄاڻ به ڏيندو رھيو. حسڻ مون کي پنڊپھڻ بابت ٻڌايو ته رستي ھلندي ڪافي اھڙيون عجيب شيون اڳ ۾ عام جام ملنديون ھيون، جن کي ڏسي ماڻھو کي لڳي ته ڪو اھو ڪنھن دور ۾ جانور ھو. مون کيس پنڊپھڻ ۽ انھن جي ٺھڻ بابت ٻڌايو ته چيائين، اھڙيون شيون ته ھتي عام جام ملن. دوستن ٻڌايو ته ھي سڄو علائقو تعلقي ۽ ضلعي ٺٽي ۾ آھي، جڏھن ته ڪلو کوھر کان ڄامشورو ضلعو شروع ٿو ٿئي، پر ھتي ڪوھستاني ماروئڙا ھر قسم جي سرحدي قيد ۽ بند کان پاڪ ٿي سوين سالن کان محبت ۽ ڀائيچاري سان رھندا پيا اچن، ڪڏھن ڪراچي ضلعي ۾ ته ڪڏھن ملير ۾ ته ڪڏھن ٺٽي ۾، سموري سنڌ پرين جو پاڇو! ڪوھستان سنڌ جو حسين خطو اھڙي ريت قائم ۽ دائم آھي.

ڪاري جبل جا وڻ:

ھتي ڪابه وڻڪاري ھٿرادو ناھي، پر سڄي قدرتي سونھن واري وڻڪاري آھي. ان ڪري رستي تي فطري سونھن جا نرالا رنگ نظر آيا، جن ۾ ساوا ڪانڊيرا، ڪرڙ، ٻٻر، ساوا اڪ، ٻير، نم، لوھيڙا، ديوي ۽ ڄار جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ آيا. تازين برساتن جي ڪري سڀ وڻ ڌوتل پوتل نظر اچي رھيا ھئا، جڏھن ته ڪک ايڏا وڏا جو سڄو ماڻھو ئي منجھن اندر بيھي، تڏھن به نظر نه اچي! وڻن جي ڪثرت سبب ئي پري پري ڌراڙ مال پڻ چاري رھيا ھئا، جن جا مخصوص آواز ۽ مال جي ڪنڌن ۾ ٻڌل ڊگھرا به مڌر آواز سان جبلن کي سريلي ترنم سان جونگھارڻ تي مجبور ڪري رھيا ھئا.

گرانڊا پاڻيءَ سان ٽمٽار:

قدرت پاران خودڪار نظامن اندر جھنگلي جيوتن جي داڻي پاڻي لاءِ جيڪي مختلف بندوبست ٿيل نظر آيا، انھن ۾ پکين ۽ جھنگلي جيوتن جي پاڻي پيئڻ لاءِ سوين سالن کان ٺھيل قدرتي پٿرن جا حوض به آھن آھن، جن کي گرانڊا چون جيڪي قدرتي طور وسڪاري جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ طور ڪتب ايندا آھن ۽ چوپايو مال، پکي پکڻ کان علاوہ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو به انھن مان ڪارو جبل گھمڻ وقت پاڻي پي ڪري اُڃ اجھائيدا آھن. انھن گرانڊن مان جن ۾ تازو ميھاڻو پاڻي ھو، اھي پلر جي پالوٽ مان ٽمٽار ھئا، جڏھن ته جن ۾ پاڻي گھٽ ھو اھي سائي الجي سان ساوا نظر آيا. الجي کي ھتي ”سنھري“ چون ٿا.

پکين جا لامارا:

اڏامندڙ پکي ۽ انھن جا ترنم جھڙا نغمه، ڪاري جبل کي سنگيت جي سھڻي مئخاني وانگر سھڻو ڪري رھيا ھئا. جھرڪين جا ڪافي قسم ڏٺم. جڏھن ته ٻيا ڳانا ڳائيندڙ پکيPasseriformes  جا به آواز ڪنن تي اچي رھيا ھئا، جن کي ڳولهڻ تي ڏسي وڃان ھا، پر موٽرسائيڪل ۾ ٻنھي ھٿن سان جھلي ويٺل ھئس، جنھن ڪري موبائيل ڪڍي فوٽو ڪڍڻ جان جوکي ۾ وجھڻ برابر ھو. ڪٿي ڪٿي رنگيلا دريائي پٽن وارا پکي به نظر آيا. جڏھن ته تترن، ٻاٽيرن جون تنوارون من کي محبوبه جي آواز جھڙو سريلو سڪون ڏيئي رھيون ھيون ۽ دل ٿي چيو ته کين پري کان سلام ڪجي ته جيو شل سھڻي سنڌ جا تنوارڻ وارا پکيئڙو! حسڻ کان پڇيم ته ھتي رنگ برنگي پکي ڪھڙي مند ۾ اچن ٿا؟ ته جواب ڏنائين مون پنھنجي 59 سال عمر ۾ رنگ برنگي پکي ھتي اڳ ڪڏھن نه ڏٺا، جيڪي ھي نظر اچن پيا. ٻڌايائين ته ڪونج پاڻي جي ترائن تي ڪڏھن ڪڏھن لھي ٿي. اصل ۾ ڪراچي ۾ ’ڀيڙيا ٽائون‘ ۽ ٻي شھري آبادڪاري جي ڪري، پکين جا قدرتي ”جُؤن“habitats  ختم ٿيڻ ڪري، پرديسي ۽ مقامي پکي سڀ اوڀر پاسي لڏي اچن پيا، جن ۾ ڪانڀو ۽ پٻ سان گڏ، ڪاري جبل جي مٿان، انھن پکين سوڙھ ٿيڻ جي ڪري جيو گذر ڳولھي ھتي ديرا ڄمايا آھن. ھونئن به ڪورونا جي ڪري عالمي بند ڪڙيGlobal Lock-down سبب فطرت واپس پنھنجي جڳھ تي اچي رھي آھي. جنھن جي ڪري ھتان ناياب ٿي ويل پکي واپس نظر اچن پيا.

جيتن جا جيون:

اسان رستي ھلندي ٻه کان ٽي جڳھين تي ساھي پٽڻ لاءِ ويٺاسين. جتي پاڻي پيئڻ کانپوءِ، ٿوري دير ويٺاسين. مون ھڪ نظر وڻن جي پاڙن تي وڌي ته جيتن جا انيڪ قسم مون کي نظر آيا. جن ۾ ماڪوڙي جي خاندان سان تعلق رکندڙ جيتن جا مختلف قسم، ڀنڀوري، ٽڪالين، ننڍي قد جي مڪڙن، تڏن ۽ ننڍي قد جي ٻين مختلف جيتامڙن جي مختلف شڪلين مون کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته واھ قدرت وارا تنھنجا ڪمال! انھن سڀني جيتن کي ڪھڙي نه سونھن ڏيئي، انھن جبلن اندر پنھنجي جيون جي جنگ وڙھڻ جو حق ڏنو اٿئي…!!

مال چاريندڙ ڌراڙ:

رستي تي جڏھن ٺُل واري چڙھائي ٽپي رھيا ھئاسين ته اتر پاسي ڪجھ جوکيا موڙ ۽ لٽ مڪان جا جوکيا ڀائر نظر اچي رھيا ھئا، جيڪي ٻڪريون چارين پيا. باغ حسين ٻڌايو ته چئني طرف جيڪي به ميدان نظر اچن ٿا، اھا جوکيا قبيلي جي مختلف ڳوٺاڻن جي مجموعي جاگير آھي. جنھن ۾ ڳوٺ الھرکيو جوکيو، مالماڙي، لٽ، ڪاپڙي جوکيو کان علاوہ جوکيا موڙ، ڪنڊ مڪان، جلالجي ۽ ٻين ڳوٺن جي جوکيا برادر جا پَٽَ آھن. جتي حسڻ اسان کي پري کان اوڀر اتر پاسي پالاري ۽ جاکرا ڀائرن جي ڳوٺن جا ڏور کان ڏسجندڙ پٽ به ڏيکاريا. جڏھن اوڀر طرف گھڻو اڳتي نڪتاسين، ته ھڪ پالاري ڌراڙ به پنھنجون ائيون (ٻڪريون) چاريندي مليو، جنھن سائقاڻي پالاري پنھنجو پاڙو ٻڌايو، جنھن سان وڌيڪ حسڻ ۽ اسان واري سفر جي ساٿي ھڪ ڌنار برڪت اللہ جڏھن ھڪ الڳ اصطلاحن اندر ٻڪرين بابت حال احوال پڇيا. اتي مون کين وري ھي چيو ته ”گُر کي گڏيا ڪاپڙي!!.“

ڪاري جبل جا ڪنارا:

شروع ۾ ڪاري جبل جي ڪنارن کي ”ڇَپر“ چوندا ھئا، جيڪو بعد ۾ عام نالو ٿي مشھور ٿي ويو. ڪاري جا ڪنارا تمام خطرناڪ آھن. اسان جو پروگرام پھرين ڳوٺ الھرکيو جوکيو کان سڌو مٿي ڪاري ڏانھن وڃڻ جو ھو، پر جيڪڏھن ان رستي وڃون ھا ته ھيٺ موٽرسائيڪل بيھاري، پنڌ ئي پنڌ مٿي وڃون ھا. جيڪو دوستن ٻڌايو ته گھٽ ۾ گھٽ ساڍا چار ڪلو ميٽر مٿي ڏکين اڌوڪن، ڀرن تان پنڌ ڪري پوءِ ڪاري جبل جي مٿاڇري تائين وڃي پھچنداسين، جنھن تي چڙھڻ ۾ ٽي کان چار ڪلاڪ به لڳي سگھن ٿا. اھو ٻڌي اسين ان پاسي وڃڻ کان ڀاڙيا ٿي وياسين ۽ موٽرسائيڪل تي مٿئين رستي تان وڃڻ بھتر سمجھيوسين. ڪاري جا مختلف ڪنارا ۽ مختلف جڳھين جا مقامي نالا جيڪي والد محترم حاجي محمد الياس جوکيو پنھنجي قديم مقالي ۾ لکيا، انھن مان اڪثر حسڻ ۽ باغ حسين مون کي ڏيکاريا. انھن مقامي جڳھين ۾ ڳڙڪ کنڊ، سرندا، لھوارو کنڊ، ننڍو ڪڇو، وڏو ڪڇو، کيڙو، نڪوڙ، سرنگھ ڀٽ، بائين وارو اڌوڪ، پاڏي وارو ڪن، لکمير ڪنارا، ڦوڙ، ڦوڙ وارو لڪ، وڃوءَ وارو لڪ، ٺل، ڌومڪ ۽ ڊانبوڪن مشھور آھن.

ڪاري جبل جون ماھيون، نشان، پنڊ پھڻ ۽ انھن جي عمر:

ھزارين سال قديم ڪاري جبل ۾ انساني ارتقا جي اوائلي دور جا چٽا نشان نظر آيا، جن کي پرکي ڏندين آڱريون اچي ويون. باغ حسين کي سائنسي ارتقا جي نظرين بابت جڏھن ٻڌائڻ شروع ڪيم ته حيرت سان مون ۾ نھاري، وري جبل جي اڌوڪن ۾ نھارڻ لڳو. ھونئن ته عوٿمان (عثمان) ماھيون ۽ حُسين ماھيون ڪاري جبل جي ماروئڙن ۾ مالماڙي مڪان جي حدن اندر مشھور آھن، پر ھتي مون کي ننڍڙيون ننڍڙيون اھڙيون ٻيون ماھيون پڻ نظر آيون جيڪي ڦوڙ واري لڪ کان به اوڀر ۽ اترين طرف آھن. ڪاري جبل ان جي اوسي پاسي کان جيڪي پنڊ پھڻ مليا، انھن جي عمر جا اندازا ئي لڳائي سگھجن ٿا. جڏھن ته ماھر ارضيات ۽ انسانيات ئي انھن جا صحيح عمر جا سال لکي سگھن ٿا. محبوب بروھي کي چند اھڙا نشان ڏيکاريم، جيڪي جبلن منجھ اڪريل ھئا. جن جي شڪل جانورن جھڙي ھئي يا وري منھن مٿو جانورن جي کوپڙي نما ٿي نظر آيو. اھي نشان جبلن ۾ مختلف جڳھين تي اڪريل آھن. جبل جي پٿرن، ڇپن ۽ چُرن سان گڏ اتي جي پنڊ پھڻن جي عمر جاچڻ لاءِ ايبسوليوٽ ڊيٽنگ Absolute Dating جو طريقو ڏسڻو پوندو. جڏھن ته ڪاربان جي طريقي کي پنڊ پھڻن جي عمر پرکڻ لاءِ ورلي ئي استعمال ڪبو آھي. ڪاربان جي تابڪار ٻھروپ ڪاربان 14 کي ان ڏس ۾ صرف 75000 سالن کان ننڍي عمر جي مادن تي ڪتب آندو وڃي ٿو. ان کان علاوہ ماھر پوٽاشيم 40 کي صرف 1.25 بلين سال جاچڻ لاءِ استعمال ڪندا آھن. بيٺل دوستن کي مون پنھنجي ھڪ مفروضي واري انداز ۾ چيو ته ھي پنڊ پھڻ پيليئوسين Paleocene جي پڇاڙي يا اوليگوسينOligocene  ڪاربان جي ڍير ٿيڻ واري زماني جا لڳن ٿا. ڪاري جبل جي اوڀر طرف ويندڙ ٽڪرين جي سلسلن ۾ ٺٽي جي آخري حدن يعني ٻولھاڙي پاسي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ماھر سائنسدانن پڻ 2002ع ۾ پنھنجي ھڪ تحقيق کي مختلف تحقيقي جرنلن ۽ ڊان اخبار ۾ ڇپايو. جنھن ۾ ھنن ڪاري جبل بابت به اھڙن پنڊ پھڻن بابت شڪ ڏيکاريا، جيڪا اسان پنھنجي ھن سفر نامي ۾ پڪ ڪئي ته بلڪل اھڙا پنڊ پھڻ اڄ به موجود آھن. ياد رھي ته اھڙيون ٻيون ماھيون مالماڙي جلالجي لڳ به مشھور آھن، جن کي ماھين واري بٺي چوندا آھن. ڪاري جبل جي مالماڙي مڪان کان مٿئين پاسي واقع جوکيو موڙ سان تعلق رکندڙ منھنجو ھڪ پيارو دوست اشتياق علي جوکيو جيڪو پڻ سنڌ يونيورسٽي مان پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽر ڊگري ھولڊر آھي، جنھن پڻ ڪاري جبل بابت تحقيق ۾ مون سان سٺو نڀايو، ان سان بحث ۾ پڻ اھڙن ڪافي عنوانن تي ڪم واريون ڳالھيون ٿينديون رھنديون آھن.

ڪاري جبل تي تباهھ ٿيل جھاز:

12 ڊسمبر 1949ع جي ڏينھن رات جو اندازي مطابق 9:45 وڳي ڪاري جبل سان ٽڪرائجي، ھڪ جھاز تباھ ٿيو ھو. جيڪو ان دور تائين ٿيل پاڪستان جو ٻيو ۽ نقصان جي حوالي سان وڏي ۾ وڏو خطرناڪ حادثو ھو، جنھن دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، جو ان منجھ سفر ڪندڙ دنيا جا اھم ماڻھو به ھئا. 26 ماڻھن جي ان جھاز ۾ سڀ اجل جو شڪار ٿيا. جھاز بابت منھنجي تفصيلي تحقيقي مقالي کي ڪاوش دنيا مئگزين 27 سيپٽمبر 2020ع واري شماري ۾ تفصيل سان پڙھي سگھجي ٿو.

ڪاري جبل ۾ موجود قبرون:

اسان کي حسڻ جوکيو، ٺل واري پاسي وٺي پئي ويو ته رستي ۾ وري ڪجھ اھڙيون چڙھايون آيون جو ساھ سڪي پيو، پر بيٺو ڪونه! چيائين بس ھي چڙھو ته سامھون جھاز ڪرڻ وارو ڦوڙ وارو لڪ آھي. خير سندس ڏنل ھمت تي وري به ھلياسين اڳتي ته ھڪ لڪ ۾ ھيٺ لٿاسين جتي     ھڪ بزرگ ڪارو اصحابو نالي جي وڏي ۽ ڊگھي، پر ويڪري مزار ھئي. جنھن بابت ماما عبدالحنان جوکيو ٻڌايو ته ھي تمام قديم ترين اوائلي دور جو ڪو بزرگ آھي، جنھن بابت اصحابو ھتي جا ماڻھو ھر قديم توڙي وڏي ۽ ويڪري قبر کي چون، سو ان بزرگ کي به ڪارو اصحابو چون. اھو به چيو ٿو وڃي ته ڪارو اصحابو جي نالي جي ڪري ئي ھن جبل کي به ڪارو جبل سڏيو ويو. ھتي لوھ جون شيخون ۽ چلھو وغيرہ رکيل ھو ۽ محمد حسن ٻڌايو ته ھتي ڪافي ماڻھو اچي خير خيراتون ڪندا آھن. حسڻ اهو به ٻڌايو ته مون گذريل پنجاھ سالن کان مختلف ماڻھن کي ھتي ايندي ويندي ڏٺو آھي. ان جي ڀر ۾ ھڪ ٻئي لڪ ۾ سونھارو اصحابو نالي بزرگ جي مزار پڻ آھي، جيڪا ٺل جي ”بغل“ ۾ واقع آھي.

ڪاري جبل تي ٻيون قبرون جھاز حادثي جي شھيدن جون به آھن. جن جون قبرون اجتماعي طور ڦوڙ واري لڪ ۾ ھيٺ واقع ھڪ غار ۾ دفن ڪري ان غار جو منھن بند ڪيو ويو ۽ ان جي مٿان صرف چار ڄڻن جي يادگار ٺاھي ويئي، جنھن ۾ 25 سالا نوجوان پائليٽ منصور نياز فاروقي، ڪي. بي، مسز ڪي. بي، حبيب ٿامر تيونس ۽ جَون يادگارون موجود آھن. ھڪ وڏي يادگار حبيب ٿامر تيونس واري جي آھي، جڏھن ته گڏ جڙيل ٻه ننڍيون يادگارون منصور نياز فاروقي ڪئپٽن جھاز (ڏکڻ ۾) ۽ ڪي. بي سان گڏ ان جي زال جون يادگارون (اترئين پاسي) جڙيل آھن. ڪجھ ويبسائيٽن بقول تيونس واري ويڙھاڪ حبيب جي جسم جا ھڏا، تيونس حڪومت جا ماڻھو 1967ع ۾ ڪاري جبل تي اچي ھتان ڪڍائي کڻي ويا، جنھن جي شاھدي ڳوٺاڻن پڻ ڏني.

ڪاري جبل جي چوٽي ”ٺُل“:

”ڦوڙ واري لڪ“ کان نڪري وري مٿي ٽڪرين تي ٺل نظر آئي. جڏھن ان تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ھوا جا تيز جھونڪا لڳا، آھستي آھستي چڙھڻ ۾ ڪاميابي ملي. محبوب بروھي حسڻ سان گڏ سڀ کان اڳ چڙھي ويو. جڏھن ته اسين به پنج منٽن بعد چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. مٿان کان ڏسون ته پکي جي اک جو منظر نظر آيو، اولھ ۾ ڌاٻيجي، گھگھر، ملير جي سڪڻ ندي جا ڏورانھان ڏيک ڏسڻ ۾ آيا، اتر ۾ ايم 9 موٽروي ويجھو، جڏھن ته جوکيا موڙ لڳ منھنجي يار اشتياق علي جوکيو جون زمينون صاف ڏٺيوسين. ٿاڻو بولاخان به پري کان نظر آيو، جڏھن ته جھمپير جنگشاھي ڏکڻ- اوڀر ۾ ڏٺاسين. اھڙيءَ طرح ٺل کي واھ جو پرکي، سڄو ٺٽو ضلعو مزي سان ڏسي، واھ جا نظارا ڏٺاسين. خوب فوٽو وڊيو ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ ڪاميابي به ملي. مون دل ئي دل ۾ ڪاري جبل جي مستقبل بابت منظر ۽ خاڪا ذھن ۾ چٽيا ٿي ته مٿان ماما جو آواز آيو، ”ھل ته واپس ھلون.“ ويٺاسين گاڏي تي ته بنا بريڪ گاڏي موٽرسائيڪل ھلندي ويئي! اتي باغ حسين سٺي گاڏي ھلائي. ياد رھي ته ٺل تي ڪابه گاڏي نٿي وڃي سگھي. موٽرسائيڪل اسان ھڪ ڪلو ميٽر پري بيھاري پنڌ ھلياسين. خير ساڳئي رستي تان لھندا وياسين ته رستي ۾ ٻه اھڙيون جڳھيون آيون، جتي ذري گھٽ بنھه ڪرڻ جا پڪا خطرا ھئا، پر باغ حسين فورن ھمت ڪري پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي، گاڏي بيھاري، مون کي لھي، پٺيان کان گاڏي جھلڻ جو چيو، جيڪو ڪرڻ کان بچي وياسين! لھڻ مھل، گاڏي ڪلٽي ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ ھو. جڏھن ته چڙھڻ مھل وري اولار پئي ٿياسين! جيڪا ھڪ دلچسپ ڳالھ لڳي، اهي هئا ڪوھستانين جي گاڏي ھلائڻ جا طريقا! ايڏي ريت ۾ به پٽ تي پير رکڻ بنا موٽرسائيڪل ھلائڻ ڪو انھن کان سکي.

ڪاري جبل سان ڳنڍيل داستان:

سنڌ جو لوڪ ادب جبلن ۾ به زندہ نظر آيو. ماما عبدالحنان جوکيو گاڏي ھلائيندي، لوڪ ادب جا گيت اسان کي ٻڌائيندو ويو. انھن گيتن ۾ ڪوھستان جي حسناڪين جا منظر جھڙيءَ ريت، بيان ٿيل ھئا، سي ساڳيا سامھون نظر پئي آيا. ماما عبدالحنان اھڙي ته پياري ۽ نرالي انداز ۾ بيت، وايون، غزل ۽ گيت ٻڌائيندو ويو جو لڳو ته اسان ڪوھستان جي ڪاري جبل سڄي کي پنھنجي محبت جو مرڪز بڻائي چڪا آھيون! انھن داستانن کي ٻڌي، جتي خوشي ٿي، اتي ڪاري جبل جي مستقبل بابت فڪر به اچي ورايو. لوڪ ادب جا بيت ٻڌندي، مون مٿان سحر انگيز ڪيفيت جو غلبو ان ڪري ٿي رھيو ھو جو سوين سالن کان وٺي اڄ تائين اسان جا ابا ڏاڏا انھن پٽن تان سفر ڪندڙ ھئا. جن تان اسان، ھن وقت ھلي رھيا ھئاسين. جنھن جي ڪري اھڙي حالت ۾ ماضيءَ جي تاريخ جا عڪس اکين آڏو تري آيا…!

حوالا ۽ مددي ذريعا:

  1. جوکيو، جسارت الياس، سنڌي (2020ع). ڪاوش دنيا مئگزين، روزاني ڪاوش حيدرآباد. تاريخ: 13 سيپٽمبر 2020ع ۾ ڇپيل مقالو.
  2. دنيا جي پھرين ۽ وڏي سنڌي چئنل، ڪي ٽي اين تي عالمي سياحت جي ڏينھن، 27 سيپٽمبر 2020ع تي شام 8:45 وڳي ھليل ”ڪاري جبل“ تي ٺھيل تاريخي ڊاڪيومينٽري.
  3. جوکيو، جسارت الياس، سنڌي، (2020ع). سيپٽمبر 2020ع جي ھمسري آن لائين مئگزين ۾ ڇپيل مقالو.
  4. جوکيو، محمد الياس، ھمغم، (1956ع). ”ڪارو جبل“، ولڙين واس.
  5. جوکيو جسارت الياس، سنڌي (2020ع). ڪاوش دنيا مئگزين، روزاني ڪاوش حيدرآباد. تاريخ: 27 سيپٽمبر 2020ع ۾ ڇپيل مقالو.