سمجهوتو ڪهاڻي پريا وڇاڻي
تون
سنڀرين ٿي، سر سان ملڻ لاءِ؟
مون وٽ ٻيو ڪو رستو آهي؟
پر هي به ته سهي ناهي نه.
سهي ته ڪو نه آهي، پر ڇا ڪريان؟ تون ئي ٻڌائي.
گهر وارن کي ٻڌائي سگھين ٿي، پوليس ۾ پڻ ڪمپلينٽ ڪرائي.
گهر وارن کي ٻڌايان، هو سمجهندا؟ ياد ڪونه اٿئي ڪجھ وقت پهرين جڏهن مون امان کي ٻڌايو ته منهنجو پريون چاچو مون کي غلط طريقي سان هٿ لائي پيو ته ڇا ٿيو هو؟
ها، ها ياد آهي، ان مهل امان توکي ئي دڙڪا ڏنا هئا ته تون ان جي سامهون سنوت سان نه ھلين هوندينءَ ۽ چپ رهڻ جو تاڪيد ڪيو هو.
پوءِ هاڻي سر لاءِ ٻڌائينديس ته مڃيندا؟ مون کي ته لڳي ٿو پڙهائي ئي بند ڪرائي، گهر ويهاري ڇڏيندا.
ها اهو به ٿي سگهي ٿو، پر ڇا پڙهائي ڪرڻ لاءِ اهو ڪرڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن گهر وارن کي بعد ۾ خبر پئي ته ڇا توکي معاف ڪندا؟
نه، معاف ته نه هيئن ڪندا نه هونئن ڪندا.
جڏهن سمجهين به ٿي ته پوءِ ڇو اهو قدم ٿي کڻين؟
ان ڪري جو جيڪڏهن نه کڻنديس ته به گهر وارن کي ريزن ٻڌائڻو پوندو، تڏهن به دڙڪا مان ئي کائينديس ۽ نه ٻڌائينديس ته حالي پڙهائي ته ڪري سگهنديس. جڏهن ٻنهي رستن تان هلي ٻنهي جهانن کان وڃڻو ئي آهي ته پوءِ ڪجھ نه ڪري وڃڻ کان ڪجھ ڪري وڃڻ ڀلو، گهٽ ۾ گهٽ افسوس ته نه ٿيندو.
پر ڇا ان ڪني مڇڙ سان دوستي رکي سگهندينءَ؟ جيڪو سڄو ڏينهن ويهي پان کائي، ڳالهائي ته سندس وات مان سامهون واري تي ٿڪن جي برسات ٿي وڃي ۽ ڏند ڏٺا اٿسي، صفا ڳاڙها.
ها ڏٺا آهن، جنهن مهل ڇوڪرين کي ڏسي کلندو آهي ته دل چوندي آهي مڪ هڻي سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيانس.
پوءِ تون هن سان رڳو پاس ٿيڻ لاءِ دوستي ڪري سگهندينءَ؟
ٻيو ڪو رستو ناهي مون وٽ. ياد اٿئي نه پهرين پيپرن ۾ زوريءَ فيل ڪيو هئائين ۽ رڳو مون کي نه پر ٻين ڇوڪرين سان پڻ ايئن ئي ڪيائين ۽ جڏهن اسان جا ماءُ پيءُ آيا ته چيائين ٽيوشن تي موڪليونِ. ڪيمڻي کي پئسا به کپن ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڇوڪريون به کپن.
هڪ ڳالھ سمجھ ۾ نه ايندي آهي، هي مرد ايئن ڇو هوندا آهن! بس ڪا سٺي ڇوڪري ڏٺي ناهي ۽ گگ ڳڙي ايندي اٿن. پوءِ پوريءَ طرح سان انهن ڪوششن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ته ان ڇوڪريءَ سان ڪيئن ڳالهائڻ ٿئي.
ها سهي ٿي چئين، اهڙن مردن جي ڪري ئي گهڻيون ڇوڪريون گهر ويهڻ پسند ڪنديون آهن ۽ جيڪي ٻاهر نڪرن انهن کي انهن سڀني ڳالهين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. هي مرد ذات ڀڳوان ٺاهي ئي ڪني آهي.
مون کي ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهڙي سوچ وارا ماڻهو پاڻ کي مرد چوندا ڪيئن آهن!
ها من! پر هاڻي هل، ٽائيم ٿيو آهي سر وٽ هلڻ جو، اڃان در به بند ڪرڻو اٿئي. ياد اٿئي نه اڄ گهر ۾ ڪوبه نه آهي. هاڻي ڇڏ پاڻ سان ڳالهائڻ ۽ هل.
ها هلان ٿي، پر اڄ منهنجو پنڌ هلڻ جو موڊ ناهي، سو رڪشا ۾ ٿي وڃان.
هاڻ هن ڪميڻي رڪشا واري کي ڏس، شيشو ايئن ٿو ٺاهي جيئن ڪا ڇوڪري ڏٺي ئي ڪا نه اٿائين. دل ته چئي ٿي شيشي مان ئي نڪري سندس نڪ تي مڪ هڻي ڪڍانس. ڇا ڪندو شيشي ۾ ڏسي؟
ها ها ها… توکي لڳي ٿو هن رڳو تنهنجي شڪل ڏسڻ لاءِ شيشو ٺاهيو اٿائين؟ ترس، اچڻ ڏي ڪو بريڪر، پوءِ ڏسجانءِ ڪيئن آٽو کي جهاڪو کارائيندو ۽ پوءِ ان شيشي ۾ ڇا ڇا لڏندي ڏسندو، خبر پئجي ويندئي.
اف… تڏهن ئي ته چيو ته هي مرد سڀ هڪ جهڙا ئي هوندا آهن.
ڇا منهنجي ڀاءُ ۽ پيءُ جي سوچ پڻ ساڳي ئي هوندي؟
نه نه، هنن جي اهڙي سوچ ته ڪڏهن ظاهر نه ٿي آهي.
ڪهڙي خبر، گهر ۾ سهي هجن ۽ ٻاهر هو به ايئن ئي ڪندا هجن.
نه مون کي ايئن نٿو لڳي.
ڇو توکي ڇو نٿو لڳي ڀلا، ڇاڪاڻ ته اهي تنهنجا ڀاءُ ۽ پيءُ آهن؟
رڳو ان ڪري نه، پر ڏٺو ڪو نه اٿئي، گهر ۾ اسان سڀني عورتن تي ڪيئن ڪاوڙ ڪندا آهن، ”ڍنگ جو لٽو پايو، تهذيب سان اٿو ويهو“ نه انهن جي سوچ ايئن نه هوندي.
ڀڳوان ڪري تنهنجي سوچ سهي هجي، پر هل هاڻي اچي ويو ٽيوشن سينٽر. هلي ڏس ته ڇا ٿو ٿئي.
”مي آءِ ڪم ان سر!؟“
ٿلها ڳاڙها ڏند ڪڍندي مڇڙ مشڪيو ۽ من ئي من چوڻ لڳو. مشڪندي اچي ٿي ۽ ٺهي سنڀري پڻ آئي آهي، لڳي ٿو منهنجي ڳالهه مڃي وئي.
”ييس ييس ڪم ان ڊيئر!“
***

