ڪهاڻيونڪهاڻيون

عزت تو ڇو نه ڳالهايو ڪلاسڪ ڪهاڻي جهان آرا

مان

پنهنجي اسٽڊي روم ۾ ويٺي پنهنجي NGO جي ميٽنگ جا ڪاغذ تيار ڪري رهي هيس ته منهنجو نوڪر بلو مون ڏانهن آيو. چيائين، ”جيجي، توهان ٻه ٽي دفعا ڪم ڪار لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو هو. هڪ ڇوڪري هٿ ڪئي اٿم. ماءُ سان گڏجي آئي آهي. ٻاهر بيٺي آهي. چئو ته اندر سڏ ڪيانس.“

”ڇوڪري.“ مون حيران ٿي بلو ڏانهن ڏٺو. ”ڪيتري عمر اٿس؟“

”ٻارهن تيرهن سال ٿيندس.“ بلوءَ چيو.

هن جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍي چڙ لڳي. ڪاوڙجي چيم. ”بلو توکي خبر آهي مان ننڍن ٻارن جي پورهئي جي سخت خلاف آهيان. مان پاڻ چائيلڊ ليبر جي خلاف ڪم پئي ڪريان. سو اهو غلط ڪم ڪيئن ڪنديس.“

هن التجا واري لهجي ۾ چيو، ”جيجي، هو غريب ضرورتمند ماڻهو آهن. اوهان ڪم تي نه بيهاريندئو ته ڪٿي ٻئي هنڌ وڃي بيهاريندا. اتي خبر ناهي نياڻي ٻار لاءِ ڪهڙو ماحول هجي.“

مان هن جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويس. پوءِ کيس چيم، ”چڱو، تون وٺي اچينس ته مان اول ڏسان ته سهي.“

هو ٻاهر هليو ويو. جلد ئي ڇوڪري ۽ ان جي ماءُ کي اندر وٺي آيو. ان عورت کي ميرو برقعو ۽ پراڻا ڪپڙا پاتل هئا. اها پنهنجي بت ۽ کل مان ٽيهن ٻٽيهن سالن جي ۽ چهري تي ٿڦيل دائمي مونجهاري ۽ پريشانيءَ مان سٺ سالن جي ٿي لڳي. مون ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو. اها سانوري رنگ واري سنهڙي ڊگهي ڇوڪري هئي. جنهن جي رنگ ڦٽل اڻڀن وارن ۽ ڏرا ڏنل اکين مان صاف معلوم ٿي رهيو هو ته هوءَ غذا جي کوٽ ۾ پليل هئي. هن جي اکين ۾ هڪ عجيب ڪيفيت ڇانيل هئي، جنهن کي ڏسڻ سان اندر ۾ عجيب بيقراري ٿي محسوس ٿي. هن جي چپن تي خاموشيءَ جو تالو لڳل هو. ڄڻ دنيا کان ناراض ٿي پنهنجا چپ هن هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيا هجن.

مان هن جي اکين ۾ ڏسي سوچڻ لڳيس ته آخر هن جي اکين ۾ اها ڪهڙي شيءِ هئي، جيڪا مون کي بيچين ڪري رهي هئي. اهو ڪهڙو پيغام هو، جيڪو پڙهڻ ۾ نٿي آيو ۽ اهو ڪوماڻيل چهرو مون کي اڻ ڏٺو ڇو نٿي لڳو. پوءِ اوچتو منهنجي ذهن ۾ وڄ وانگر چمڪاٽ ٿيو ۽ مون کي ياد آيو ته مون ڪجهه مهينا اڳ اهو ساڳيو چهرو هڪ اخبار ۾ ڏٺو هو، هڪ خبر سان گڏ.

”ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل نينگري هڪ پراڻي بند پيل جڳهه مان بازياب. نامعلوم ماڻهن نينگريءَ کي اغوا ڪري ان جاءِ ۾ بند رکيو. ٻه هفتا لڄالٽ جو شڪار.“

مان ڪجهه وقت سراپجي ان ڇوڪريءَ کي ڏسندي رهيس. مون ان جي ماءُ ڏانهن ڏٺو. مون ڪجهه چوڻ چاهيو، ڪجهه پڇڻ چاهيو، پر منهنجي زبان مان سواءِ، ”هيءَ ڇوڪري… هيءَ ته اها ڇوڪري…“ کانسواءِ ڪجهه نه نڪتو.

هن جي ماءُ بي تاثر چهري ۽ بي احساس آواز ۾ چيو، ”ها ميڊم، هيءَ منهنجي ساڳي ڌيءَ آهي، جنهن جي خبر اخبار ۾ آئي هئي.“

مون پاڻ سنڀاليو ۽ کيس چيو، ”مائي، تنهنجي ڌيءَ ايڏي وڏي حادثي مان گذري آهي، تڏهن به تون سبق نه سکي آهين. وري هن کي ڪنهن گهر ۾ بيهارڻ نڪتي آهين. توکي خوف نٿو ٿئي.“

”ميڊم“، هن بي خوف آواز ۾ چيو، ”هاڻي ڪهڙو خوف، سج لٿي کانپوءِ اونداهي ناهي. ڦريئي کانپوءِ پتو ئي ناهي.“

هن جي لاپرواهي ۽ خود غرضي ڏسي منهنجي دل چيو ته ان مفاد پرست عورت کي خوب سڌيون ٻڌايان، پر ان کان اڳ ان عورت چيو، ”ميڊم، توهان مون کي نٿا سڃاڻو، پر مان اوهان کي سڃاڻان ٿي. توهان جون نياڻيون جنهن اسڪول ۾ پڙهنديون هيون، مان اتي پٽيوالي آهيان. اوهان جون نياڻيون هميشه منهنجي مدد ڪنديون هيون. هونئن به سڀ اوهان جي نيڪي ڪندا آهن. اوهان جو شريف گهراڻو آهي. هتي منهنجي ڇوڪريءَ کي ڪو ڀئو ڪونهي.“

”پر تون آخر هن کي نوڪري ڇو ٿي ڪرائين. هيءَ ويچاري ايڏي وڏي حادثي مان گذري آهي. هن کي گهر جي حفاظت ۽ ماءُ جي دلداريءَ جي ضرورت آهي. هيءَ گهر ۾ وڌيڪ محفوظ آهي.“

”گهر!“، هن جي چپن تي هڪ ٽوڪ واري مرڪ اڀري. چيائين، ”گهر ۾ محفوظ هجي ها ته ايئن برباد نه ٿئي ها. منهنجو گهروارو نشو ڪندو آهي. سڄو ڏينهن نشو ڪريو کٽ تي پيو هوندو آهي. ڇهه ٻار اٿم. انهن جو پيٽ قوت ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪندي آهيان. صبح کان منجهند تائين اسڪول ۾ نوڪري ڪندي آهيان. پوءِ اتان ئي سينٽر تي ويندي آهيان. جتي سج لٿي تائين ڊيوٽي ڪندي آهيان. گهر جو سودو به هيءَ هٽ تان وٺڻ ويندي آهي، اتان ئي ڪو جهٽي ويس.“

”ڇا اهي ڏوهاري پڪڙيا؟“ مون پڇيو.

”ڏوهارين کي ڪير پڪڙائي؟“ هن چيو، ”مان ننڌڻڪي زائفان، مڙس نشئي، پٽ صغير، مائٽ رڳو ٿڪ لعنت ڪري هليا ويندا آهن. ڇوري سڄو مهينو اسپتال ۾ پئي هئي. مان ٿاڻي جا پنڌ ڪريان، اسپتال ۾ ڄنڊو ڳاريان يا روزگار جو بلو ڪريان. ڇوري وات ۾ مڱ پايو ويٺي آهي. ڪڇي ته خبر پوي چور ڪير آهن. جڏهن کان غنيم لتاڙي ويا اٿس، حواسن ۾ ئي ناهي.“

مون ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، جيڪا ايئن ئي بُت بڻي بيٺي هئي. مون ماڻس کي چيو، ”ڇوڪريءَ کي ڏسڻ سان ئي خبر پوي ٿي ته هن جي دماغي حالت ٺيڪ ناهي. هن کي ڪٿي به اڪيلو نه ڇڏ، گهر ۾ ئي رکينس پاڻ سان گڏ.“

”ان ڪري ته هتي وٺي آئي آهيانس.“ هن چيو، ”مان سڄو ڏينهن گهر ۾ نه هوندي آهيان. گهر ۾ ويٺي هوندي آهي ته ماڻهن اچي رونشو لاتو آهي. صبح کان وٺي مٽ مائٽ اوڙو پاڙو ڄڻ تماشو ڏسڻ ايندا آهن. هن سان ٿيل ويڌن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا آهن. صلاحون ڏيندا آهن. ايئن لڳندو آهي، ڄڻ منهنجي ٻار سان ٻه ٽي مهينا اول لڄالٽ ٿي، اها اڃان تائين پئي ٿي هلي. سئوٽ ماسات ايندا اٿس ته هن کي قهري نظرن سان ڏسندا آهن. ڪو چوندو، ڇوريءَ کي سنکيو ڏيئي قصو ختم ڪيوس. بيغيرتيءَ جو انعام بڻائي سڄي عمر گهر ۾ رکندئو ڇا؟ ڪو چوندو، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه تي ٽڪن تي کپائي اچوس. سڄي عمر ڪارو ٽڪو ڪري رکندئو ڇا؟“

مان هن جون ڳالهيون ٻڌي ماٺ ۾ اچي ويس.

”ميڊم“، مائي اٿي هڪدم ٻئي هٿ منهنجن پيرن تي رکيا. چيائين، ”منهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ رک. گهٽ ۾ گهٽ هن کي هتي ڪو لعنت ملامت ڪرڻ وارو ته نه هوندو نه. مان صبح جو ڊيوٽي تي ويندي هن کي هتي ڇڏي وينديس. سج لٿي جو پاڻ اچي وٺي ويندي مانس.“

مون کن پل سوچيو پوءِ کيس چيم، ”چڱو، ٺيڪ آ، ڇڏي وڃينس.“

مون ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، هوءَ ايئن ئي خاموش بيٺي رهي. مون کانئس پڇيو، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

هن جي چپن وارو تالو نه کليو.

”عزت“ ماڻس چيو، ”هن تي ڏاڏيءَ جو نالو رکيل آهي عزت خاتون.“

”هيءَ صفا نه ڳالهائيندي آهي؟“ مون پڇيو.

”اڳي ته ڏاڍو ڳالهائيندي هئي، ننڍن ڀائرن ڀينرن سان کلندي ڪڏندي هئي. جڏهن کان ماڻهن ويڌن ڪئي اٿس، هڪ اکر نه ڳالهايو اٿائين.“

پوءِ هوءَ مائي عزت کي اتي ڇڏي موڪلائي هلي وئي.

”عزت، هيڏانهن اچ.“ مون عزت کي سڏ ڪيو. هوءَ ڪنهن روبوٽ جيان هلندي اچي منهنجي سامهون بيٺي.

”هتي ويهه“ مون کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو.

هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ۽ مون کي ڏسڻ لڳي. هن جي اکين ۾ رچيل عجيب ڪيفيت مون کي بيچين ڪرڻ لڳي.

”ڏس عزت، تون ڪنهن به قسم جو خوف نه ڪر، هتي مزي سان رهه. جيڪا به شيءَ گهرجئي. اچي مون کي ٻڌائي.“

هن ڪجهه نه ڪڇيو، بس خاموش نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي.

اها عورت جيڪا آدم جي پاسريءَ جي پيداوار آهي، ان جو انگ ۽ ننگ آهي، جنهن کي ان جي وت ۽ نزاڪت سبب مرد جي اڌ برابر قرار ڏنو ويو. هن ڏيهه جي معاشري ۾ ان جي نازڪ ڪلهن تي خاندان جي عزت ۽ ناموس جو ٻوجهه رکيو ويو. هن بنا مرضيءَ جي اهو ٻوجهه به کنيو ته آدم جا ٻيا ٻوجهه به پنهنجي مرضيءَ سان کنيا. هوءَ آدم جي ڪم ۽ دم ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ سندس پيرن مٿان پيرو کڻندي، پنهنجي وت ۽ وزن کان وڌيڪ مشقت ڪري پنهنجي اڌ بها کي چئلينج ڪري ٿي، پر هن جي چئلينج کي نه ڪو ڏسي ٿو، نه ساراهي ٿو. نه ئي هن جي مشقت جو ڪو صلو آهي. پوءِ به هوءَ بنا ڪنهن صلي شاباش جي اميد جي پنهنجو مشقت وارو سفر جاري رکي ٿي ۽ موٽ ۾ کيس ملي ٿي بيقدري، تذليل ۽ موت.

عزت کي مون وٽ آئي هفتو ٿي ويو هو. هوءَ پهرين کان ڪجهه بهتر ٿي وئي هئي. مانيءَ واري مائيءَ سان ٿورو گهڻو ڪم به ڪرائڻ لڳي هئي، پر زبان مان ڪوبه اکر نه ڳالهايو هئائين. مون کي اڻتڻ هئي ته هوءَ ڳالهائي ۽ پاڻ سان ظلم ڪرڻ وارن ماڻهن جي نشاندهي ڪري ته جيئن ڏوهارين کي ڏوهه جي سزا ڏياري سگهجي. ان ڪري مان هن سان پيار ۽ دلداريءَ سان ڳالهائي هن کي ڳالهائڻ تي آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئس، پر هن پنهنجي زبان کي جيڪي تالا هڻي ڇڏيا هئا، انهن کي کولڻ لاءِ صفا تيار نه هئي. مان هن سان زور زور سان ڳالهائيندي هيس، پر هوءَ هڪ اکر نه ڳالهائيندي هئي. بس يڪ ٽڪ مون ڏانهن ڏسندي رهندي هئي ۽ هن جي اکين جي ڪيفيت مون کي بيچين ڪري ڇڏيندي هئي.

منجهند جو ٽائيم هو، مان صبح کان پنهنجي ٽيبل تي ويٺي فائيل سيٽ ڪري رهي هيس. اڃان ٿورو ڪم رهيل هو ته لوڊ شيڊنگ سبب بجلي هلي وئي. هڪدم گرمي ٿي وئي. مان ٿڪجي به پئي هيس، پر سوچيم ته بس ڪم پورو ڪري پوءِ ئي اٿندم. مون عزت کي سڏ ڪري چيو، ”عزت، منهنجي ڪمري ۾ چارج وارو پکو پيو آهي، اهو کڻي اچ.“

هوءَ چپ چاپ وڃي پکو کڻي آئي ۽ منهنجي سامهون ٽيبل تي رکيائين. مان کن پل لاءِ ڪرسيءَ جي پٺ تي ٽيڪ ڏيئي هوا کائڻ لڳيس. عزت سامهون بيٺي منهنجي ٻئي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳي. هوا لڳڻ سبب منهنجون اکيون ننڊاکيون ٿيڻ لڳيون. مون اڌ کليل اکين سان عزت ڏانهن ڏٺو. هن جي ٻنهي ٻانهن ۾ زنجير ٻڌل هئا. مان حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳيس. پوءِ هڪدم سڌي ٿي ويٺيس. پڇيومانس، ”عزت، اهي زنجير ڪنهن ٻڌا اٿئي؟“

هن زنجيرن ڏانهن ڏٺو، پوءِ مون ڏانهن ڏٺو. هن جي چپن ۾ چرپر پيدا ٿي. مئل لهجي ۾ چيائين، ”اهي منهنجي ابن ٻڌا آهن.“

مون پهريون دفعو سندس آواز ٻڌو. خوش ٿي پڇيم، ”عزت، تون ڳالهائين ٿي؟“

”ها، جيجي مان ڳالهائيندي آهيان، پر ڪو ٻڌندو ئي ناهي!“

مون اٿي عزت کي ڀاڪر پاتو. سندس مٿي تي هٿ گهمائيندي چيم، ”تون ڳالهائي عزت، مان تنهنجي ڳالهه ٻڌان ٿي. تون مون کي ٻڌائي تنهنجا ڏوهي ڪير آهن؟ مان انهن کي سزا ڏياريندم.“

مون عزت کي ڪلهن کان وٺي ڪرسيءَ تي ويهاريو. پاڻ سندس سامهون ٿي ويٺيس. پڇيومانس، ”تون مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي، تو سان ڇا ٿيو؟“

هن ساڳين حسرت ڀريل نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”جيجي، مان هن ڌرتيءَ جي عزت هيس، پر مون کي هن ئي ڌرتيءَ تي بي عزت ڪيو ويو.“

هوءَ کن پل ماٺ رهي، پوءِ پنهنجي ناتوان وجود سان اٿي بيٺي. چيائين، ”مان هن ڌرتيءَ جي نياڻي آهيان. مون هتي سوين جنم ورتا آهن. هڪ جنم ۾ مون کي ٻالڪپڻ ۾ ئي خون بها عيوض دشمن ڌر کي ڏنو ويو. جن کي ڏنو ويو، انهن مون کان منهنجو ٻالڪپڻ کسي ورتو. منهنجا وار ڪتري مون کي تذليل جو نشانو بڻايو ويو. مون کان غلامن جيان ڪم ورتو ويو. رات جو زنجير ٻڌي رکيو ويو. ان وقت مان سوچيندي هيس ته منهنجي تقدير جا اهي مالڪ ڪٿي آهن، جن جي ڏوهه جي سزا ڀوڳڻ لاءِ مان هتي موڪلي وئي آهيان. پوءِ مان ان سزا ۾ ئي مري کپي ويس. پوءِ مون ٻيو جنم ورتو. ان جنم ۾ جيئن تيئن ننڍپڻ ته گذري ويو، پر جوانيءَ ۾ ڪاريءَ جو ٺپو هڻي ايذاءُ واري موت جي سزا ملي. اول منهنجا عضوا ڪپيا ويا. پوءِ مون کي سروٽن ۽ هٿيارن سان ماريو ويو. ان وقت مون کي خبر پئي ته منهنجي اها ڄاڻ غلط هئي ته مان ماري به الله، جيئاري به الله. هتي جيارڻ وارا به ماڻهو ته مارڻ وارا به ماڻهو آهن. مون ڪيئي جنم ورتا، پر هر جنم هڪ سزا هيو. ڪڏهن مون کي جوا ۾ کٽيو ۽ هارايو ويو ته ڪڏهن چوپائي مال جي عيوض مٽا سٽا ۾ وڪيو ويو. ڪڏهن وحشي درندرن حوس جو نشانو بڻائي ماري جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو.“

هوءَ خاموش ٿي مون کي ڏسڻ لڳي.

”عزت“، مون پڇيو، ”تو اهو سڀ ڪجهه ڇو برداشت ڪيو؟ دانهن ڇو نه ڪئي؟ پاڻ کي بچايو ڇو نه؟“

”مان پاڻ کي ڪيئن بچايان ها جيجي، هي ڏس، ”هن پنهنجا زنجير سان ٻڌل هٿ مٿي ڪندي چيو، ”منهنجن ابن منهنجن هٿن ۾ زنجير جو ٻڌي ڇڏيا هئا. ابن جي پٽن مون کي وڪيو. منهنجي لڄالٽ ڪئي. مون کي سروٽن سان ماريو. هنن وٽ هڪڙي هڪڙي دل آهي، پر مون وٽ ٽي دليون آهن. ماءُ جي دل، ڀيڻ جي دل، ڌيءَ جي دل. ان ڪري اهي جڏهن هڪٻئي سان وڙهندا آهن، هڪٻئي کي قتل ڪندا آهن ته پوءِ اهي ٽئي دليون جيئريون ٿي پونديون آهن. پوءِ مان چيلهه سان سندرو ٻڌي انهن مٿان روئيندي پٽيندي آهيان ۽ انهن مارڻ وارن کي پٽون پاراتا ڏيندي آهيان.“

”پر عزت تو هاڻي ڳالهايو آهي. مان تنهنجو آواز ٻين کي به ٻڌرائينديس. سڀني کي ٻڌائينديس ته عزت ڳالهايو، نيٺ عزت ڳالهايو.“

مان ڇرڪ ڀري اٿي ويٺيس. پنهنجي چوڌاري ڏٺم، چارج وارو پکو چارج ختم ٿيڻ ڪري بند ٿي ويو هو ۽ عزت سامهون منهنجي حڪم جي انتظار ۾ بيٺي هئي. ساڳي گونگي خاموشي ۽ تالا لڳل چپن سان. مون حسرت سان عزت ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيم، ”عزت، تو نه ڳالهايو؟ عزت تون ڇو نٿي ڳالهائين.“