ناول

سمرقند ناول- قسط ڏهين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو  

سمر قند سمر قند پهچندي پهچندي سيءُ ۽ سوارين جي لوڏن، لامن ۽ ان بيقراري سبب جيڪا انهن جي وچ ۾ اچي وئي هئي تنهن سبب ساڻا ٿي پيا هئا- عمر کائڻ ۾ وقت وڃائڻ بنا سڌو پنهنجي پويلين طرف موٽيو- سفر دوران هن ٽي رباعيون چئي ورتيون هيون جن کي هو وڏي سڏ پڙهڻ لڳو ڏهه دفعا، ويهه دفعا ۽ پوءِ پنهنجي بياض جي اڪيلائي جي حوالي ڪرڻ کان پهرين جتي جتي ڪنهن لفظ ۾ مٽا سٽا جي گهرج هئي ڪنهن جملي جي نوڪ پلڪ سڌارڻي هئي اهو ڪم ڪيائين-

جهان، جا غير متوقع طور اچي وئي هئي اڌ کليل دروازي مان چپ چاپ اندر داخل ٿي ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي اوني شال لاٿائين- هوءَ ٻليءَ وانگر عمر جي پٺيان پٺيان هلي رهي هئي- هو اڃان پنهنجي سوچن ۾ ٻڏل ئي هو ته جهان پنهنجون اگهاڙيون ٻانهون سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ويڙهي ڇڏيون، سندس چهري کي پنهنجي ڳلن سان لڳائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي معطر زلفن سان سندس اکين کي ڍڪي ڇڏيائين-

عمر کي خوشيءَ منجهان بي قابو ٿي وڃڻ گهرجي ها- ڇا ڪو عاشق ان کان وڌيڪ نرم جارحيت جي تمنا ڪري سگهي ٿو؟ حيرانيءَ جا لمحا گذرندي ئي ڇا هن کي به پنهنجون ٻانهون پنهنجي معشوق جي چوڌاري ويڙهي نه ڇڏڻ گهرجن ها، کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ۽ سندس جسم کي سندس غيرحاضري جي تمام ڏکن ۽ ٻيهر ملڻ تي سڄي گرمي مٿس نڇارو نه ڪرڻ کپي ها؟ پر ان جي برخلاف، عمر ان مداخلت تي برهم ٿي ويو سندس بياض سندس سامهون کليل هئي ۽ هن اهو چاهيو ٿي ته هو ان کي اتان هٽائي ڇڏي-

منجهس پهرين ته پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي لهر جاڳي ۽ پوءِ کيس جلد ئي ان تي پڇتاءُ محسوس ٿيو ۽ اها هٻڪ هڪ لمحي تائين برقرار رهي، جهان سندس شش و پنج کي هڪدم محسوس ڪري ورتو، هڪدم ان جو سبب سمجهي وئي- هن سندس بياض ڏانهن شڪ جي نگاهه سان ڏٺو، ڄڻ ته اها سندس رقيب هجي-

”معاف ڪجانءِ! مان توکي ٻيهر ڏسڻ لاءِ ايتري ته بيچين هئس جو خيال ئي نه رهيو منهنجي آمد توکي ايترو حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيندي-“

ٻنهي جي وچ ۾ هڪ هلڪي خاموشي تري آئي- خيام ان جي اثر کي وڃائڻ ۾ ڦڙتي ڏيکاري-

”هيءَ بياض ئي آهي، آهي نه؟ اهو سچ آهي ته مان توکي اها ڏيکارڻ نه پئي چاهيو- جڏهن به تون هتي هوندي آهين ته انهيءَ کي مان هميشه تو کان لڪائي رکندو آهيان، پر جنهن شخص مون کي هيءَ ڏني هئي، ان مون کان واعدو ورتو هو ته ان کي پوشيده رکندس-“

هن بياض جهان آڏو رکي ڇڏي- چند لمحن تائين هوءَ ان جا ورق اٿلائيندي رهي ۽ ڪيترن ئي ڪورن صفحن جي وچ ۾ ڪجهه صفحن تي ڪجهه لکيل هو جنهن کان هوءَ پنهنجو پاڻ کي لاتعلق ڏيکاريندي رهي، ۽ پوءِ ڏاڍي مايوسيءَ مان کيس موٽائي ڏني-

”مون کي ڇو ٿو ڏيکارين؟ مون ته توکي ڪنهن شيءِ لاءِ ڪجهه نه چيو بهرحال مون ته پڙهڻ سکيو ئي ڪونه هو جيڪو ڪجهه مون حاصل ڪيو آهي اهو صرف ٻين کي ٻڌي حاصل ڪيو آهي-“

عمر کي ان تي حيرانگي نه ٿي ان دور ۾ بهترين شاعرن جو اڻ پڙهيل هجڻ ڪا انوکي ڳالهه نه هئي جيئن ظاهر آهي ته تقريبن گهڻين عورتن سان هو-

”ان ڪتاب ۾ اهڙو ڪهڙو قيمتي راز آهي- ڇا ڪيميا جا نسخه درج آهن؟“

”نظم آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن چئي وٺندو آهيان-“

”جهل جهڙا ملحدانه نظم، باغياڻا مضمون؟“

جهان ڏانهس شڪ جي نگاهه سان ڏٺو پر هن کل کل ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيو:

”نه تون ڇا ٿي سمجهين ڇا مون ۾ ڪو سازش ڪرڻ وارو روح ويٺل آهي؟ اهي محض شراب، حُسن، زندگي ۽ ان جي انانيت تي چيل رباعيون آهن“

”تون! رباعيون چوندو آهين؟“

هوءَ بي يقيني سان کلڻ لڳي جيڪو لڳ ڀڳ سندس مٿان ٺٺول هئي-

رباعي هڪ واجبي جهڙي ادبي صنف هئي اهي معمولي به هونديون هيون، هتاڪه فحش ۽ عوامي علائقن جي شاعرن جي مان جهڙي- عمر خيام جهڙي علم جي درياءُ جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ رباعي چئي ڇڏڻ کي  هڪ قسم جي دل وندرائڻ جو مشغلو چئي سگهجي ٿو- هڪ اهڙي ڀل جنهن کي درگذر ڪري سگهجي ٿو يا دل لڳي چئجي، پر جنهن ڳالهه هڪ شاعره کي جيڪا بلاغت جي اصول جي پاسدار هئي ان کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو اها اِها هئي ته خيام انهن رباعين کي ايتري ذميداري، احتياط ۽ پوشيدگيءَ ۾ پنهنجي بياض ۾ نقل ڪري جيڪا ايتري راضداريءَ ۾ گهيريل هجي- عمر شرمسار نظر اچي رهيو هو پر جهان جو تجسس باهه وانگر ڀڙڪي اٿيو هو:

”مون کي ڪجهه شعر پڙهي ڪونه ٻڌائيندين؟“

عمر ان کان وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آماده نه هو-

”هڪ ئي ڏينهن توکي سڀئي شعر ٻڌائي ڇڏيندس، جڏهن مان ان جي نوڪ پلڪ درست ڪري اطمينان حاصل ڪري وٺندس-“

”هن وڌيڪ زور نه ڀريو ۽ وڌيڪ اصرار کان پاسو ڪيو، پر اهو فقرو ضرور چيائين، جنهن جي لڪل طنز تي زور به نه ڏنائين: جڏهن هي ڪتاب ختم ڪري وٺين ته نصر خان کي متان پيش ڪرين هو رباعي چوڻ وارن شاعرن کي ڪنهن خاطر ۾ ناهي آڻيندو، توکي پوءِ تخت تي پنهنجي ڀر ۾ به ڪونه ويهاريندو-“

”منهنجي نيت ڪنهن کي به ڪتاب پيش ڪرڻ جي ناهي- مون کي ان مان ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش ناهي منهنجا ارادا ڪنهن درٻاري شاعر وارا ناهن-“

جهان کيس تڪليف پهچائي هئي ۽ هن جهان کي زخم. سندن وچ ۾ لهي ايندڙ خاموشيءَ دوران ٻئي سوچ ۾ ٻڏل هئا ته انهن حد ته نه اورانگهي ورتي آهي ۽ ڇا اڃان به وقت هو جو ڪجهه بچي سگهيو ٿي ان کي بچائي وٺجي- ان وقت هيءَ اها جهان ڪونه هئي جنهن تي خيام کي ڪاوڙ اچي رهي هئي، پر قاضي-

هن قاضيءَ کي ڳالهائڻ ڏنو ان تي کيس پڇتاءُ هو ۽ سوچڻ لڳو ته سندس لفظن سندس محبوب کي چوٽ ته نه رسائي آهي ۽ هو پنهنجي محبوب کي ڏسندو رهيو- هيستائين هو ٻئي ڄڻا بنا ڪنهن فڪر جي آزاد زندگي گذاري رهيا هئا ۽ ٻنهي مان ڪنهن هڪ به اهڙو موضوع نه ڇيڙيو هو جنهن ۾ ڪنهن جهيڙي جو انديشو هجي- عمر فيصلو نه پئي ڪري سگهيو ته قاضيءَ حقيقت جي نقاب ڪشائي ڪئي هئي يا سندس خوشيءَ کي غبار آلود ڪيو هئائين؟

”عمر تون مَٽجي ويو آهين- ڪيئن اهو مان نٿي چئي سگهان، پر جنهن انداز ۾ تون مون کي ڏسي رهيو آهين يا ڳالهائي رهيو آهين ان ۾ ڪا ته ڳالهه آهي جنهن جو مان تعين نه پئي ڪري سگهان- ڄڻ توکي شڪ هجي ته مان ڪا بري حرڪت ڪندس، ڄڻ تون مون کان ناراض هجين- مان توکي سمجهڻ کان قاصر آهيان، پر اچانڪ مان پنهنجو پاڻ کي بيحد رنجيده محسوس ڪري رهي آهيان-“

عمر کيس پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ ڏاڍي رکائيءَ سان هڪ طرف ويڙهجي سيڙهجي ويهي رهي:

”اهڙيءَ ريت تون منهنجي تسلي نٿو ڪري سگهين! پنهنجا جسم صرف پاڻ کان لفظ ڪڍرائي سگهن ٿا لفظن جي جڳهه نٿا وٺي سگهن، انهن کان انڪار به نٿا ڪري سگهن مون کي ٻڌائي ته اصل ڳالهه ڇا آهي!“

”جهان! ڇو نه ان ڳالهه کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيون“

سڀاڻي مان هتي ڪٿي هوندس- خان صبح جو سوير ڀنڀرڪي ۾ سمر قند ڪوچ ڪري رهيو آهي-“

”ڪيڏانهن جو ارادو آهي؟“

”ڪش، بخاره، ترمز، خدا ڄاڻي- سڄي درٻار ساڻس گڏ ويندي مان به“

”هتي سمر قند ۾ پنهنجي سئوٽ سان گڏ نٿي رهي سگهين؟“

ڪاش معاملو رڳو بهانا تلاش ڪرڻ جو هجي ها! درٻار ۾ منهنجو پنهنجو مَقام آهي مون کي ڏهن مردن وانگر ان جي حصول لاءِ محنت ڪرڻي پئي آهي ۽ اڄ مان ان کي ابو طاهر جي باغ جي منظري ۾ راند روند جي عيوض وڃائي نٿي سگهان“

”خيام چڱيءَ طرح سوچڻ ۽ سمجهڻ کان بغير چيو، راند روند جي ڳالهه ناهي- تون منهنجي زندگيءَ ۾ شامل نه ٿيندينءَ؟“

”تنهنجي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيان؟ شرڪت لاءِ رکيو ئي ڇا آهي!“

اهو سڀ هن بغير ڪنهن بدخواهيءَ جي چيو هو بس هڪڙو بيان هو ان ۾ نرميءَ جي ڪمي نه هئي ان هوندي به هن ڏٺو ته عمر ڪيترو رنجيده ٿيو هو پوءِ هن کانئس معافي گهرڻ جي درخواست ڪئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي-

”مون کي خبر هئي ته اڄ جي شام رهڻو پوندو، پر اها خبر نه هئي ته اهي ڳوڙها ايڏا ڪڙا هوندا، مون کي خبر هئي ته اسان هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جدا ٿيڻ وارا آهيون، شايد هميشه لاءِ، اها خبر نه هئي ته اهڙن لفظن ۽ اهڙين نگاهن سان گڏ- اهڙي دلڪش ترين معاشقي مان اهڙين نظرن جي ياد پاڻ سان گڏ نٿي کڻي وڃڻ چاهيان جيڪي ڪنهن اجنبيءَ جون محسوس ٿي رهيون هجن- مون ڏانهن ڏس، عمر آخري ڀيرو مون ڏانهن ڏس! تو مون سان محبت ڪئي ۽ مون تو سان- ڇا تون اڃان به مون کي  سڃاڻي سگهين ٿو؟“

خيام کيس پنهنجين ٻانهن جي گهيري ۾ ڀري ورتو- هن آهه ڀري-

”جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي وضاحت جو وقت هجي ها، ته مون کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته ان بيوقوفاڻه جهڳڙي جي صفائي ٿي سگهي ٿي، پر وقت پاڻ کي عجلت جو شڪار ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڻ پنهنجي مستقبل کي صرف چند غبار آلود لمحن ۾ بسر ڪريون-“

هو هڪ لڙڪ کي پنهنجي رخسار تي ڪرندي محسوس ڪري رهيو هو- هو ان کي لڪائڻ چاهي پيو، پر جهان کيس ڏاڍي ديوانگيءَ سان پنهنجو پاڻ سان لڳائي ورتو سندس چهرو پنهنجي چهري سان ملائي ڇڏيائين-

”تون پنهنجي تخليق لڪائي سگهين ٿو، پنهنجا ڳوڙها نه- مان انهن کي ڏسڻ ٿي چاهيان هنن کي ڇهڻ ٿي چاهيان ۽ پنهنجن ڳوڙهن ۾ انهن کي ضم ڪرڻ ٿي چاهيان، مان انهن جا نشان پنهنجي رخسارن تي باقي رکڻ ٿي چاهيان ۽ انهن جو نمڪين ذائقو پنهنجي زبان تي-“

ايئن لڳي رهيو هو جيئن ٻئي هڪٻئي جون ليرون ليرون ڪرڻ، هڪٻئي جو ساهه گهٽڻ ۽ هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ جي چڪر ۾ هئا سندن هٿ بي قابو ٿي ويا، سندن ڪپڙا هيڏانهن هوڏانهن وکري ويا محبت جي ڪنهن  رات جو ان رات سان مقابلو نه ڪري سگهجي پيو جڏهن ٻه جسم لڙڪن جي لڳايل آڳ ۾ دهڪي رهيا هئا اها آتش ڀڙڪندي رهي ۽ کين ڍڪي ڇڏيو، کين هڪٻئي سان ويڙهي ڇڏيو، مخمور ڪري ڇڏيو، مشتعل ڪري ڇڏيو ۽ هڪٻئي ۾ گم ڪري ڇڏيو، جِلد سان جِلد مليل هئي ۽ کين لذت جي انتها تائين پهچائي ڇڏيو- ميز تي پيل ريت گهڙي ذرو ذرو خالي ٿي رهي هئي، باهه وسامڻ لڳي وري ڪجهه دير اندر ٻرڻ لڳي ۽ آخرڪار ٿڌي ٿي وئي سندن چهرن تي ٿڪل ٿڪل مسڪراهٽ هئي ۽ سندن ساهن جي رفتار به ڍلي هئي عمر ڀڻڪندي چيو پنهنجو پاڻ سان يا ان قسمت سان جنهن جو هينئر ٻنهي کي منهن ڏسڻو پيو-

”اسان جي جنگ ته بس هاڻي شروع ئي ٿي آهي“

جهان کيس شدت سان ڀڪوڙي ورتو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين-

”مون کي فجر تائين سمهڻ نه ڏجانءِ“

ٻئي ڏينهن بياض ۾ صرف ٻن مصرائن جو اضافو هو- تحرير ڄڻ زوري زبردستي لکيل هئي گومگو ۽ اذيت زده-

خيام، تون پنهنجي محبوب جي پهلو ۾ ڪيترو تنها آهين!

هاڻي هو رخصت ٿي چڪو آهي تون ان ۾ پناهه وٺي سگهين ٿو-

…(هلندڙ)…