سمر قند قسط ڇهين ترجمو: زاهده ابڙو امين مالوف
هڪ مرد ۽ هڪ عورت- گمنام مصور، کين اڌ رخ ۾ تصور ڪيو هو، سندن جسم هڪٻئي ۾ الجهيل- هن پويلين جون ڀتون هٽائي ڇڏيون هيون، کين سائي ڇٻر جو هنڌ مهيا ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪناري تي گلابن جا ٻوٽا لڳل هئا ۽ سندن پيرانديءَ کان هڪ اڇو کير جهڙو پاڻيءَ جو چشمو ڦٽي نڪري رهيو هو. مصور جهان جون ڇاتيون ڪنهن حسين هندو ديويءَ جهڙيون ٺاهيون هيون- عمر هڪ هٿ سان سندس زلفن کي ڇُهي رهيو هو ۽ سندس ٻئي هٿ ۾ جام سنڀاليل هو-
هر روز محل ۾ هو آمهون سامهون ٿيندا هئا، پر هو هڪٻئي طرف ڏسڻ کان پرهيز ڪندا هئا ته خدانخواسته هو پاڻ ئي پنهنجي غيبت نه ڪري ويهي رهن. خيام هر روز شام جو تڪڙ ۾ پويلين موٽي ٿي آيو ۽ پنهنجي محبوب جو انتظار ٿي ڪيائين- قسمت کين ڪيتريون راتيون فراوانيءَ سان مهيا ڪيون؟ هر ڳالهه جو دارومدار، انحصار حڪمران تي هو. جڏهن هو اتان خيمو کڻندو ته جهان به ساڻس گڏ هلي ويندي. هو ڪڏهن به ڪو اطلاع اڳواٽ نه ڏيندو هو. ڪنهن ڏينهن هي ابنِ خانه بدوش به ٽپ ڏيئي پنهنجي تيز رفتار گهوڙي تي وڃي سوار ٿيندو ۽ بخارا جي راهه وٺندو. ڪش يا پنج قند جي ۽ درٻار ۾ افراتفري مچي ويندي ۽ چيو ويندو ته کيس هٿ ڪري اچو. عمر ۽ جهان کي ان گهڙيءَ جو سوچي خوف ايندو هو ۽ سندن هر چميءَ ۾ الوداع جو ذائقو هوندو هو. سندن هر ڀاڪر ۾ حيرانگي ۽ فرار جو رنگ.
گرميءَ جي هڪ انتهائي گهُٽ واري رات ۾، خيام منظري جي چانڊوڪيءَ ۾ جڏهن انتظار جون گهڙيون گذارڻ لاءِ پهتو ته کيس قاضيءَ جي پهريدارن جي کلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هو بيچين ٿي ويو، پر اها بيچيني بنا سبب جي هئي، ڇو ته جهان اتي پهچي چڪي هئي ۽ کيس اطمينان ڏياريان ئي ته مٿس ڪنهن جي به نظر نه پئي آهي. پهريان ته هنن هڪٻئي کي مٿاڇري چمي ڏني، بعد ۾ هڪ شديد تر- هو ڏينهن جو خاتمو اهڙي ريت ڪندا هئا جنهن ۾ اهي ڏينهن جو ٻين جي ملڪيت هوندا هئا ۽ ان رات جي شروعات ڪندا هئا جيڪا سندن ملڪيت هئي. ”ڇا خيال آهي، هن شهر ۾ ڪيترا اهڙا عاشق هوندا جيڪي اسان وانگر لڪي ملندا هوندا؟“ جهان شرارتي انداز ۾ عمر جي ڪن ۾ چيو. عمر هڪ ماهر وانگر پنهنجو رات جو مشروب تيار ڪيو، ڳل ڦونڊاري، غور ۽ فڪر سان جواب ڏنو:
”ٺيڪ آهي ان تي غور ٿا ڪريون: جيڪڏهن اسين انهن بيزار زالن کي ڪٽ ڪري ڇڏيون، اطاعت گذار غلام عورتن، بازاري ڪسبين کي به جيڪي پنهنجو پاڻ وڪڻن ٿيون يا ڪرائي تي ڏين ٿيون ۽ انهن آهُون ڀريندڙ دوشيزائن کي به جن کي اڃان تائين ڪنهن به هٿ ناهي لاٿو، پوءِ باقي ڪيتريون عورتون وڃي ٿيون بچن؟ اهي ڪيتريون هونديون جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان جن کي انهن خود پسند ڪيو آهي وڃي سمهنديون هجن؟ ساڳيءَ ريت اهڙا ڪيترا مرد هوندا جيڪي انهن عورتن سان وڃي سمهندا هوندا جن سان هو عشق ڪن ٿا. اهڙي عورت جيڪا خود کي پيش ڪري ٿي، ان لاءِ نه ته ان وٽ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. ڪهڙي خبر، اڄ رات شايد سڄي سمر قند ۾ صرف هڪ ئي اهڙو مرد هجي ۽ هڪ ئي اهڙي عورت، صرف تون ۽ مان. ڇو؟ ان لاءِ ته خدا اسان کي محبت ۾ گرفتار ڪيو آهي، بلڪل ايئن جيئن هن ڪجهه گلن کي زهر ڀري جوڙيو آهي.“
هو کليو ۽ هوءَ روئي پئي.
”هلو ته اندر هلون ۽ دروازو بند ڪريون نه ته انهن جي ڪنن تائين اسان جي خوشين جو آواز پهچي ويندو.“
ڪيترن ئي ڀاڪرن کانپوءِ جهان چيلهه سڌي ڪري ويهي رهي، پنهنجي مٿان ڪجهه ڍڪيائين، ڏاڍي نرميءَ سان هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي عاشق جي ڀاڪر کان آزاد ڪيو.
”مون کي هڪ راز توکي ٻڌائڻ گهرجي، جيڪو مون خان جي وڏي بيگم کان ٻڌو آهي. توکي خبر آهي ته هو سمر قند ڇو آيو آهي؟“
عمر کيس روڪيو، ان خيال کان ته حرم جي ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
”اميرن جي رازن سان مون کي ڪابه دلچسپي ناهي. اهي ٻڌڻ وارن جا ڪن ئي ساڙيو ڇڏين.“
”ڳالهه ته ٻڌ نه، ان راز جو اثر اسان تي به پوي ٿو، ڇو ته اسان جي زندگيءَ ۾ خلل وجهي سگهي ٿو. نصر خان مورچن جي معائني لاءِ آيل آهي. گرميءَ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ جڏهن گرميءَ جو زور ٽٽي چڪو هوندو، هو سلجوق فوج جي حملي جي توقع ٿو رکي.“
سلجوقين کان خيام چڱيءَ ريت واقف هو. اهي سندس ننڍپڻ جي يادگيرن ۾ ويٺل هئا. مسلمان ايشيا جا مالڪ ٿيڻ کان گهڻو اڳ سندس ڄم واري شهر تي حملا آور ٿيا هئا، پنهنجي پويان دهشتناڪ يادگيريون ڇڏي ويا هئا.
اهو واقعو سندس ڄمڻ کان ڏهه سال پهرين واقع ٿيو هو. نيشاپور جا شهري جڏهن هڪ صبح جاڳيا ته سندن شهر جي چوڌاري ترڪ ويڙهاڪن مڪمل طور تي گهيراءُ ڪري ورتو هو. ۽ سندن سربراهي ٻه ڀائر ڪري رهيا هئا. طغرل بيگ باز ۽ چغري بيگ شڪره، ميخائل ابن سلجوق جا پٽ. جيڪو ان وقت غير معروف خانه بدوش سردار هو ۽ اڃان تازو ئي اسلام قبول ڪيو هئائين.
شهر جي سربراهن کي نياپو مليو: ”چيو وڃي ٿو ته اوهان جي نوجوانن کي پنهنجي فخر تي ناز آهي ۽ توهان جي قناتن ۾ مٺو پاڻي ٿو وهي. جيڪڏهن ڪنهن به مزاحمت ڪئي آهي ته توهان جي قناتن جون ڇتيون کلي وينديون ۽ توهان جا نوجوان زمين اندر هوندا.“ ان قسم جا ڊينگ ڏيڻ محاصري جي وقت عام ڳالهه هئي. ان هوندي به نيشاپور جي اڪابرن ان واعدي جي عيوض هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۾ جلدي ڪئي ته شهرين جي جانين کي ڪو نقصان نه رسايو ويندو، سندن مال، انهن جي گهرن جون قناتون محفوظ رهنديون، پر هڪ فاتح جي واعدي جي ڪهڙي پڪ؟ جڏهن شڪره شهر ۾ داخل ٿيو ته هن پنهنجن سپاهين کي گهٽين، بازارن ۽ رستن تي کلي عام تباهي مچائڻ لاءِ آزاد ڇڏڻ پئي چاهيو. طغرل جي صلاح مختلف هئي هو رمضان جي مهيني جو احترام پيو ڪرڻ چاهي، ڇو ته ان مهيني ۾ هڪ اسلامي شهر ۾ قتل و غارت گري حرام هئي- بهرحال ان دليل جي فتح ٿي، پر چغري قائل نه ٿيو ۽ مجبورن ان وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو جڏهن آبادي ان مذهبي ڪيفيت کان ٻاهر نڪري ايندي-
جڏهن شهر وارن کي ڀائرن جي ان نا اتفاقي جي هوا لڳي تڏهن کين احساس ٿيو ته ايندڙ مهيني جي شروعات ۾ انهن سان ڪهڙو ويڌن ٿيڻ وارو آهي سندن عورتن سان زنا بالجبر ۽ سندن قتل عام ٿيڻ وارو آهي، بس اتان کان هڪ عظيم خوف جي شروعات ٿي. زنا بالجبر کان وڌيڪ بيعزتي ان ڳالهه جو اعلان ڪرڻ هو جنهن سان ٿيڻ واري هئي ۽ ان ذلت جو انتظار محسوس ٿيو پئي ۽ ان ذلت جي احساس ان کي اڃان وڌيڪ وڌايو ٿي- دڪان خالي ٿي ويا، مرد وڃي لڪا انهن جون ڌيئون، زالون کين ان ويچارگي واري حالت ۾ ڏسي ماتم ڪرڻ لڳيون ته ڇا ڪجي؟ ڪيئن فرار ٿجي؟ ڪهڙي راهه اختيار ڪجي؟ قبضاگير هر طرف بي ڌڙڪ گهمي رهيا هئا چوٽيدار سپاهي ”صدر چوڪ“ جي بازارن ۾ مختلف علائقن مضافات ۽ باب سخته جي چئني پاسن کان گهات لڳائي ويٺل هئا. اهي مسلسل پيئندا هئا ۽ ماڻهن کان سندن مال متاع ڦري سندن تلاشيون وٺندا هئا سندن بي قابو جٿا علائقن ۾ جراثيمن وانگر پکڙيل هئا-
ڇا ماڻهو روزن جي ختم ٿيڻ جو ۽ عيد جي آمد جو خواهشمند ناهي هوندو؟ هن سال هو چاهين پيا ته رمضان ڪڏهن ختم نه ٿئي ۽ اها اميد ڪري رهيا هئا ته عيد ڪڏهن نه اچي- جڏهن نئين مهيني جو چنڊ نظر آيو، ته ڪنهن کي به خوشي ملهائڻ يا رڍ ذبح ڪرڻ جو خيال ئي نه آيو سڄو شهر ڪنهن هڪڙي وڏي رڍ جي شڪل ۾ نظر اچي رهيو هو جنهن کي چڱيءَ طرح کارائي پياري قربانيءَ لاءِ ٿلهو ڪيو ويو هو-
عيد کان پوئين رات، جڏهن هر اميد پوري ٿيندي آهي شب عذاب هئي، هزارين خاندانن مسجدن ۽ اوليائن جي درگاهن جي ڀرسان وڃي امان لاءِ دعائون گهريون-
ان وقت قلعي ۾ ٻنهي سلجوق ڀائرن جي وچ ۾ قيامت جهڙو بحث جاري هو چغري رڙيون ڪري رهيو هو ته سپاهين کي پگهار ناهي ملي اهي هن جنگ ۾ صرف ان واعدي تي وڙهڻ لاءِ آماده ٿيا هئا ته کين هن شهر جي امير ماڻهن کي آزاديءَ سان ڦرڻ جي اجازت ڏني ويندي اهي لڳ ڀڳ بغاوت جي ڪناري تي بيٺا هئا ۽ چغري انهن کي وڌيڪ روڪڻ کان قاصر هو-
پر طغرل ڪا ٻي ٻولي ئي ڳالهائي رهيو هو:
”اسان اڃان پنهنجي فتوحات جي شروعاتي مرحلي ۾ آهيون، اڃان ڪيترائي شهر اهڙا آهن جن کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻڻو آهي- اصفهان، شيراز، ري، تبريز ۽ ان کان اڳيان الائي ڪيترا- ۽ جيڪڏهن اسان نيشاپور تي قبضي کانپوءِ اتي لٽ مچائينداسين ته اسان جي واعدن جي باوجود اسان جي لاءِ ڪوبه دروازو نه کلندو ۽ ڪوبه قلعه بند شهر پنهنجي محافظ فوج سان گڏ ذري به ڪمزوري نه ڏيکاريندو-“
”هي جيڪي تون ٻين شهرن کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏيکارين پيو، اهي ڪيئن فتح ٿيندا جيڪڏهن اسان پنهنجي طاقت کي وڃائي ويٺاسين اسان جا سپاهي اسان کي ڇڏي ڀڄي ويا ته پوءِ؟ وفادار ترين ماڻهو به هن وقت شڪايت ڪري رهيا آهن ۽ ڌمڪين تي لهي آيا آهن-“
ٻئي ڀائر پنهنجي سپهه سالارن ۽ پنهنجي قبيلي جي بزرگن ۾ گهيريل هئا جن مان لڳ ڀڳ سڀني چغري جي ڳالهه جي حمايت ڪئي جنهن جي ڪري هو وڌيڪ همت ڪري اٿي بيهي رهيو ۽ معاملي کي هڪ طرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري وڌو:
”گهڻيون ڳالهيون ٿيون- آئون پنهنجي ماڻهن کي وڃي چوان ٿو ته شهر سان جيڪو ڪرڻو اٿن سو ڪن- جيڪڏهن تون پنهنجن ماڻهن کي باز رکڻ چاهين ٿو ته تنهنجي مرضي تون ۽ تنهنجا سپاهي الڳ آئون ۽ منهنجا سپاهي الڳ-“
ان مونجهاري ۾ ڦاسندي طغرل ڪا حرڪت نه ڪئي ۽ جهٽڪي سان انهن جي وچ مان هڪدم ٽپ ڏئي هٿ ۾ خنجر کڻي وڃي بيٺو-
چغري به پنهنجي تلوار مياڻ مان ٻاهر ڪڍي ورتي ڪو ان ڳالهه کي نه پيو سمجهي سگهي ته مداخلت ڪري يا جيڪو حساب هو ان مطابق سلجوق ڀائرن کي خون سان حساب طئي ڪرڻ ڏين، هڪدم طغرل رڙ ڪري چيو:
”برادر مان توکي پنهنجي ڳالهه مڃڻ لاءِ مجبور نه ڪندس مان تنهنجي سپاهه کي نه روڪيندس، پر جيڪڏهن تو پنهنجن سپاهين کي شهر مٿان کلي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي ته هي خنجر مان پنهنجي سيني ۾ لاهي ڇڏيندس-“ اهو چوندي هن خنجر جو قبضو ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو ۽ انيءَ کي هيٺ پنهنجي سيني طرف ڪري ڇڏيو سندس ڀاءُ ٿورو پريشان ٿيو، پر پنهنجون ٻانهون پکيڙي اڳيان آيو ۽ دير تائين پنهنجي ڀاءُ سان بغل گير ٿي ويو، ان واعدي تي ته سندس مرضيءَ جي خلاف هو نه ويندو نيشاپور جي جان بخشي ٿي وئي، پر اهو رمضان جي مهيني وارو عظيم خوف ڪڏهن به وسري نه سگهيو.
…(هلندڙ)…