ناول

سمر قند ناول قسط پنجين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو | مارچ 2022

تخليق دربان جي ڳالهائڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ويهه کان وڌيڪ شاعرن جا دٻيل دٻيل آواز، ڪڙڪا ۽ پوءِ عام شور ۽ هُل پيدا ٿيو. ڪيترا ته ٻه قدم پوئتي کڻي پنهنجي جڳهه تان کسڪي ويا. قطار مان صرف هڪ عورت ٻاهر نڪتي ۽ ڏاڍي مضبوط چال سان اڳتي وڌي. عمر جي اکين ۾ تجسس کي ترندي ڏسي قاضي سرگوشي ڪئي، ”بخاره جي هڪ شاعره آهي- پاڻ کي ”جهان“ سڏرائيندي آهي، مطلب ته سڄو عالم آهي- هيءَ هڪ نوجوان بيواهه آهي جنهن جي مزاج جي ڪا خبر ئي نٿي پوي پل ۾ تولو ته پل ۾ ماسو-“ هن جي لهجي ۾ ملامت جو رنگ هو، جنهن عمر جي دلچسپي کي اڃان به وڌائي ڇڏيو ۽ هو عورت تان پنهنجون نگاهون هٽائي نه سگهيو. جهان پنهنجي نقاب جو هيٺيون حصو مٿي کڻي ڇڏيو هو ۽ سندس زيبائش کان وانجهيل چپ نظر اچڻ لڳا هئا- هن پُرلطف نظم پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ عجيب ڳالهه هئي، جنهن ۾ خان جو نالو هڪ دفعو به استعمال نه ٿيو هو تعريف ته سوگده درياهه جي ڪئي وئي هئي جيڪو پنهنجي فياضي سمر قند تي قربان ڪري ٿو، پوءِ بخاره تي، ان کان اڳ جو هو پنهنجو پاڻ کي واريءَ جي ميدانن ۾ گم ڪري ڇڏي ڇو ته ڪو سمنڊ به ان جي پاڻيءَ جي تعريف جي قابل ڪونهي.

”ڇا ڳالهه چئي اٿس! حقدار آهي ته سندس وات سون سان ڀريو وڃي،“ نصر پنهنجو رواجي جملو دهرائيندي چيو.

شاعره سونن دينارن سان ڀريل هڪ وڏي ٿالهه جي مٿان جُهڪي وئي ۽ هڪ هڪ ڪري سڪا وات ۾ ڀرڻ لڳي جڏهن ته اتي ويٺل ماڻهو بلند آواز سان ڳڻپ ڪندا رهيا، جڏهن جهان هڏڪي ورتي ۽ سندس گلو گهٽجڻ لڳو ته شاهه سميت سڄي درٻار ۾ ٽهڪڙو مچي ويو- دربان شاعره کي پنهنجي جاءِ تي واپس وڃي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو انهن 46 دينار ڳڻيا هئا صرف خيام ئي نه کليو هو- هو جهان کي ٽڪ ٻڌي ڏسي رهيو هو ۽ سندس لاءِ پنهنجن جذبن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، سندس شعر ايتري قدر خالص هو، سندس قادر ڪلامي ايتري قدر با وقار هئي، سندس چال ايتري ته دليرانه هئي، پر هوءَ پنهنجي وات ۾ ان پيلي ڌاتوءَ جا سڪا زوريءَ ڀري رهي هئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ان بيعزتي واري انعام جو نشانو بڻائي رهي هئي. نقاب ٻيهر واپس چهري تي ڍڪڻ کان پهرين هن ان کي ٿورو مٿي کنيو ۽ هڪ اهڙي نگاهه وڌي جيڪا عمر جي توجهه ۾ اچڻ کان رهي نه سگهي. هن ان نگاهه کي پنهنجي ساهه سان گڏ هيٺ لهڻ ڏنو ۽ ان کي اتي جهلي بيهي رهڻ جي ڪوشش ڪئي اهو لمحو ايترو ته ننڍڙو هو جو هجوم جي نظر ۾ اچي نٿي سگهيو، پر عاشق جي لاءِ ابديت کان گهٽ نه هو- وقت جا ٻه روپ ٿين ٿا، خيام پنهنجو پاڻ کي چيو ان جا ٻه فاصلا يا دوريون ٿين ٿيون ان جي طوالت کي سج جي حرڪت سان ماپي سگهجي ٿو، پر ان جي گهرائي کي صرف جذباتي هيجان سان ئي ماپي سگهجي ٿو.

سندن وچ ۾ معراج جو اهو لمحو قاضيءَ جي مداخلت سان منقطع ٿي ويو جيڪو خيام جي پٺي ٺپري کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو- پر هاڻي ڇا ٿي سگهيو ٿي. عورت وڃي چڪي هئي صرف حجاب ئي باقي رهجي ويا هئا.

ابو طاهر پنهنجي دوست کي خان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهيو ٿي- هن مخصوص لفظن سان چيو، ”توهان جي عظمت جو سايو خراسان جي عظيم ترين سمجهه ۽ دانائي تي صدا ڇانو ڪري بيٺل رهي، عمر خيام، جنهن کان نباتات جو ڪو ڳجهه لڪل ناهي، نه ئي نجوم جو ڪو اسرار کانئس لڪل آهي-“ اهو ڪو خوشگوار اتفاق نه هو ته قاضي انهن سڀني علمن مان جن ۾ عمر کي فضيلت حاصل هئي صرف طب ۽ نجوم جو ذڪر ڪيو، ڇو ته اهي ٻه علم اهڙا آهن امير جن جا عاشق ۽ دلداده آهن. پهرين ڳالهه ته سندن زندگيءَ جي بقا لاءِ ضروري آهي ۽ ٻي ڳالهه سندن ڌن ۽ دولت جي بقا لاءِ-

امير جي مزاج ۾ شگفتگي اچي وئي ۽ چيو ته اها ڳالهه ته سندس لاءِ باعث عزت آهي ان جي باوجود هو في الحال ڪنهن ذهني بحث ۽ مباحثي ۾ وڃڻ طرف مائل نظر نه اچي رهيو هو يا ملاقاتي جي مقصد کي غلط ڄاڻندي انهيءَ ساڳئي جملي کي دهرائڻ پسند ڪيائين، ”سندس وات کي سونن سڪن سان ڀريو وڃي!“

عمر حيران پريشان ٿي ويو ۽ ڏاڍي مشڪل سان اندران اٿندڙ اٻڙڪي کي روڪيائين. اها ڳالهه ابو طاهر جي توجهه ۾ اچي وئي ۽ هو پريشان ٿي ويو.

ان خوف کان ته ڪٿي انڪار حڪمران کي نا گوار خاطر نه محسوس ٿئي هن پنهنجي ساٿيءَ تي ڏاڍي تاڪيدي ۽ ڳنڀير نظر وڌي ۽ سندس ڪلهي تي پنهنجي هٿ جو وزن رکيو، خيام اڳ ۾ ئي پنهنجو فيصلو ڪري چڪو هو.

”براءِ مهرباني منهنجو آقا مون کي ان شيءِ کان معافي ڏيئي سگهي ٿو مان روزي جي حالت ۾ آهيان ۽ ڪابه شيءِ وات ۾ وجهڻ کان عاجز آهيان.“

”پر روزن جو مهينو اگر مان غلطي نه پيو ڪريان ته ٽي هفتا پهرين ختم ٿي چڪو آهي!“

”رمضان جي ڏينهن ۾ مان نيشاپور کان سمر قند سفر ڪري رهيو هئس مون ان وقت ان عهد سان روزا نه رکيا هئا ته پوءِ تعداد پوري ڪري ڇڏيندس-“

قاضي دهشت زده ٿي پيو ۽ مجموعي ۾ سڀئي ماڻهو غير يقيني واري صورتحال ۾ نظر اچڻ لڳا حڪمران جو چهرو بلڪل جذبات کان عاري هو هن ابو طاهر کان سوال ڪرڻ پسند ڪيو-

”تون ٻڌائي جنهن کي مذهب جي سڀني تفصيلن جي ڄاڻ آهي ته ڇا سونا سڪا وات ۾ وجهي يڪدم ڪڍي ڇڏجن ته ان سان خواجه عمر جو روزو ٽٽي پوندو؟“ قاضي مقصد جي درجي تائين غير جانبدارانه لهجي ۾ چيو، صحيح معنيٰ ۾ هر شيءِ جيڪا وات ۾ وڌي ويندي روزو ٽوڙي سگهي ٿي- ايئن ٿيو آهي جو سڪو اتفاق سان نڙيءَ ۾ هليو ويو آهي“

نصر دليل قبول ڪري ورتو، پر هن سان سندس تشفي هرگز نه ٿي هن عمر کان هڪ دفعو ٻيهر پڇيو:

”ڇا تو مون کي پنهنجي انڪار جو اصل سبب ٻڌايو آهي؟“

خيام هڪ لمحي لاءِ پڏتر ۾ پئجي ويو ۽ چيائين:

”صرف اهو ئي سبب ناهي-“

”صاف صاف چئو“، خان چيو ”مون کان خوفزده ٿيڻ جي ضرورت ناهي“ پوءِ عمر هي شعر ٻڌايو:

هي ناداري سبب ناهي جا مون کي توهان تائين ڇڪي آئي آهي

مان نادار ناهيان جو منهنجون خواهشون صفا ساديون آهن

مان اوهان کان صرف احترام جو گهرجائو آهيان

هڪ آزاد ۽ مستقل مزاج ماڻهوءَ جو احترام

”خيام خدا تنهنجو نصيب ڦٽائي!“ ابو طاهر بڙ بڙ ڪندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو، کيس سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڇا سوچي، هن جو خوف بلڪل واضح هو. هڪ تازي ڪاوڙ واري گونج سندس ڪنن ۾ وڄي رهي هئي ۽ کيس يقين نه هو ته هو ان وحشيءَ کي ٻيهر قابو ڪري سگهندو- خان خاموش ۽ بي حرڪت ويٺو رهيو ڄڻ ڪنهن لا محدود سوچ ۾ گم ٿي ويو هجي خان جا ساٿي سندس پهرين لفظ لاءِ منتظر هئا ڄڻ ڪو حتمي فيصلو ٿيڻ وارو هو ۽ ڪيترن ته طوفان جي آمد کان اڳ ۾ ئي اتان رخصت ٿيڻ ۾ ڀلائي سمجهي. عمر ان عام افراتفري مان فائدو وٺندي جهان جي اکين کي ڳولڻ شروع ڪيو هوءَ شاهي محل جي هڪ ٿنڀ کي ٽيڪ لڳايو بيٺي هئي ان حال ۾ بيٺي هئي جو سندس چهرو سندس هٿن ۾ دفن ٿيل هو. ڇا اهو ٿي سگهيو ٿي ته سندس جسم تي هن جي لاءِ ڏڪڻي طاري ٿي وڃي؟

آخرڪار خان اٿي بيٺو ثابت قدميءَ سان عمر ڏانهن وڌيو ساڻس بغل گير ٿي ويو سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليائين ۽ کيس وٺي اتان هليو ويو.

ماوراءُ نهر جي مالڪ. واقعي کي قلمبند ڪرڻ وارن پنهنجي روداد ۾ لکيو: ”عمر خيام جي ايتري عزت ڪئي جو کيس تخت تي پاڻ سان گڏ ويهڻ جي دعوت ڏني-“

”هاڻي تون خان جو دوست آهين،“ جڏهن هو محل مان نڪتا ته ابو طاهر خيام کي چيو سندس خوش مزاجي به اوتري ئي شديد هئي جيترو سندس ذهني دٻاءُ ۽ عذاب هو جنهن کيس نڙيءَ کان ڄڻ پڪڙي ورتو هو، پر خيام سرد لهجي ۾ جواب ڏنو. ”ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته توهان اهو مثال وساري رهيا آهيو جنهن مطابق، سمنڊ ڪنهن پاڙيسري کي ناهي سڃاڻندو ۽ امير ڪنهن دوست کي؟“

”کليل دروازي جي تحقير نه ڪر مون کي ته تنهنجا درٻار ۾ ملازمت وارا آثار نظر اچي رهيا آهن!“

”درٻاري زندگي منهنجي لاءِ ناهي ٺهي، منهنجي خواهش صرف ايتري آهي ته مون وٽ هڪڙي رسدگاهه هجي هڪ گلاب جو باغيچو هجي ۽ مان آسمان جي مشاهدي ۾ خود کي غرق ڪري سگهان جو هٿ ۾ شراب جو جام هجي ۽ منهنجي پاسي ۾ ڪا حسين عورت“

”ايتري حسين جيتري هوءَ شاعره هئي؟“ ابو طاهر آهستي آهستي کلندي چيو عمر سواءِ ان عورت جي ٻي ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ سوچڻ کان قاصر هو، پوءِ به هو جواب نه ڏيئي سگهيو- کيس ڊپ هو ته لا پرواهيءَ مان سندس وات مان نڪتل ننڍڙو لفظ به سندس ڳلي پئجي سگهي ٿو. قاضي فرحت محسوس ڪندي نه رڳو پنهنجي لهجي بلڪه موضوع کي به تبديل ڪيو:

”توکي هڪ عنايت جي درخواست ڪرڻ چاهيندس!“

”اهي ته توهان جون عنايتون آهن جن سان مان مالا مال آهيان“

”ابو طاهر بغير ڪنهن بحث ۽ تڪرار جي اهو مڃي ورتو- ٺيڪ آهي ته پوءِ ايئن سمجهه ته مان ان جي بدلي ۾ توکان ڪجهه گهران ٿو-“

هاڻي اهي سندس رهائشگاهه جي ڦاٽڪ تائين پهچي چڪا هئا- هن طرح طرح طعامن سان ڀريل ميز جي گرد خيام کي پنهنجي گفتگو جاري رکڻ جي دعوت ڏني-

”مون تو لاءِ هڪڙو منصوبو جوڙيو آهي ڇو نه في الوقت تنهنجي رباعين کي نظر انداز ڪجي- جيستائين منهنجو تعلق آهي اها نفيس ۽ عجيب و غريب گرم جوشي آهي، جنهن کان علاوه ٻيو ڪو چارو ڪونهي، پر اهو ميدان جنهن ۾ واقعي توکي فضيلت حاصل آهي. طب، علم نجوم، رياضي ۽ انگ، طبعيات ۽ مابعدالطبعيات آهن، مان ان ڳالهه ۾ بلڪل بجا آهيان ته ابن سينا جي وفات کانپوءِ انهن سڀني شين کي توکان بهتر ڪو نٿو ڄاڻي؟“

خيام خاموش رهيو- ابو طاهر پنهنجي ڳالهه جاري رکي:

”مان چاهيان ٿو ته تون انهن علمن متعلق هڪ فيصلا ڪُن ڪتاب لک ۽ مان چاهيان ٿو ته تون ان ڪتاب جو انتساب منهنجي نالي ڪر-“

”منهنجي خيال ۾ ته انهن علمن تي ڪوبه حتمي ڪتاب نٿو لکجي سگهجي اهو ئي سبب آهي جو مان پاڻ ڪجهه به نٿو لکان صرف پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي اڪتفا ڪريان ٿو-“

”وضاحت ڪر!“

”اچو ته قدما (قديم جو جمع) جو تصور ڪريون- يوناني، اهلِ هند ۽ مسلمان جيڪي مون کان پهرين گذري چڪا آهن انهن سڀني انهن علمن تي تمام گهڻو لکيو آهي- جيڪڏهن مان اهي ئي ساڳيون ڳالهيون ورجايان ٿو جيڪي مون کان پهرين لکجي چڪيون آهن ته منهنجو ڪم فالتو هوندو، جيڪڏهن مان انهن جي ترديد ٿو ڪريان جنهن جي مون کي رکي رکي ترغيب محسوس ٿئي ٿي ته مون کانپوءِ ايندڙ اچي خود منهنجي ترديد ڪندا، دانشورن جي ادبي تحريرن ۾ باقي ڇا رهجي ويندو رڳو اهي عيب جيڪي انهن پنهنجي اچڻ وارن کان پهرين ڪڍي لڌا- ماڻهن کي صرف اهو ئي ياد رهندو ته انهن پاڻ کان پهرين وارن جا ڪهڙا نظريا ڊاهي ڇڏيا، پر اهي نظريا جيڪي انهن وضع ڪيا اچڻ وارا انهن کي به ڊاهي ڇڏيندا، انهن جي اهڙي عمل تي کل به ٿيندي- علم (سائنس) جو اهوئي اصول آهي- پر شاعري جو اهڙو ڪوبه قانون ڪونهي جيڪو پهرين ڪنهن چيو آهي ان کي هرگز مسترد نٿو ڪيو وڃي ۽ جيڪو بعد ۾ اچي ان کي به ڪير ڪوڙو نٿو چوي. صدين تائين شاعري مڪمل سڪون واري حالت ۾ رهي ٿي- انهيءَ ڪري مون رباعيون لکيون آهن توهان کي خبر آهي ته مون کي علم بابت سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شيءِ سٺي لڳندي آهي؟ اها ئي ته مون کي ان ۾ عظيم ترين شاعري ملي آهي رياضي جي عددن جي سرشار ڪرڻ واري مستي، ۽ فلڪيات ۾ ڪائنات جي پراسرار سرسراهٽ- پر توهان جي اجازت هجي ته براهه ڪرم مون سان سچ ڇاهي جي ڳالهه نه ڪريو-“ ڪجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ عمر چيو:

”اهو اتفاق ٿيو ته مان سمر قند جي ارد گرد چهل قدمي ڪري رهيو هئس ته مون کي ڪجهه پراڻا کنڊر ۽ انهن جا ڪتبا نظر آيا جن کي اڄ ڪو پڙهي نٿو سگهي ۽ مون تعجب مان سوچيو، اهو شهر جيڪو ڪڏهن هتي آباد هو ان جو باقي ڇا بچيو آهي؟ هلو ٺيڪ آهي ماڻهن جون ڳالهيون نٿا ڪريون ڇو ته اهي تخليق ۾ ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي، پر ان تهذيب جو ڇا بچيو؟ هتي ڪهڙي سلطنت، علم، قانون ۽ سچائي جو وجود هو؟ ڪجهه به ته نه، مان انهن قديم آثارن ۾ هِتي هُتي ايئن ئي ڀٽڪندو رهيس ۽ اندازا لڳائيندو رهيس ۽ مون کي جيڪڏهن هٿ آيو ته صرف هڪ اهڙي عالي مرتبت انسان جو هڪ ٽٽل اهڙو قطعو نظر آيو جنهن تي هڪ چهرو نقش ٿيل هو ۽ ڪنهن ٿنڀ جي سينگار جي حصي جو ڪو ٽڪرو هزار سالن کانپوءِ منهنجي نظمن جي به ساڳي حالت هوندي- ٽڪرا، ريزه، حاشيه، جيڪي ملبي جي اندر ابد تائين دفن ٿي چڪا هوندا شهر جو جيڪڏهن ڪجهه حصو باقي رهجي ٿو وڃي ته اها بي تعلق نگاهه آهي جنهن سان ڪنهن نيم مدهوش شاعر ان کي ڏٺو هوندو آهي“

”مان تنهنجي ڳالهه سمجهان ٿو،“ ابو طاهر ڀنواٽجي هٻڪندي چيو- ”ان هوندي تون هڪ شافعي مذهب جي قاضي جي نالي پنهنجون اهي مقرر اصولن تي چيل نظمَ ته منسوب نٿو ڪري سگهين جن مان شراب جي بوءِ اچي رهي هجي!“

حقيقت اها آهي ته عمر جو رويو مصالحتي ۽ شڪر ڀريو ثابت ٿيڻ وارو هو ٻين لفظن ۾ هو پنهنجي شراب جي مستيءَ کي ۽ تيزيءَ کي گهٽ ڪندو ايندڙ مهيني ۾ هن پنهنجو پاڻ کي هڪ Cubic Equations متعلق هڪ بيحد ڳنڀير رسالي جي لکڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي غرق ڪري ڇڏيو الجبرا جي ان رسالي ۾ نامعلوم جي نمائندگي لاءِ، خيام عربي لفظ ”شي“ مقرر ڪيو جنهن جو مطلب وجود، هستي، ذات آهي اهو لفظ جيڪو اسپيني جي علمي تصنيفن ۾ xay طور صورتخطي ٿيو آهستي آهستي پنهنجي پهرين حرف x کان مٽجي ويو جيڪو سڄي دنيا ۾ نامعلوم قدر جي علامت طور استعمال ٿيندو آهي-

خيام جو اهو علمي ليک سمر قند ۾ تڪميل کي پهتو ۽ پنهنجي محافظ جي نالي منسوب ٿيو! ”اسان اهڙي دور جا ستايل آهيون جنهن ۾ علم رکڻ وارا بي اعتبار آهن ۽ انهن مان بس ڪجهه ماڻهو ئي خالص تحقيق لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻ جي امڪان مان فائدو وٺڻ وارا آهن اهو ٿورو علم جيڪو دور حاضر جي دانشورن کي حاصل آهي اهو مادي غرض جي ڊڪ ڊوڙ ۾ کپيو وڃي جيئن ته مان هن عالم ۾ ڪنهن اهڙي حصول کان مايوس ٿي چڪو هئس جنهن جي دلچسپي علمي شين ۾ به ايتري ئي هئي جيتري دنياوي شين ۾ هڪ فرد جيڪو انساني قسمت جي فڪر ۾ غرق هجي، ۽ خدا مون کي قاضي امام ابو طاهر سان ملڻ جو موقعو عطا ڪيو- هي سندس نوازشون آهن جو مان پنهنجو پاڻ کي انهن علمي ڪمن سان جوڙي سگهيو آهيان-“

ان رات جڏهن خيام پنهنجي مقام طرف واپس اچي رهيو هو جيڪو انهن ڏينهن ۾ سندس رهائش گاهه هو، هن اهو سوچيو ته پڙهڻ لکڻ لاءِ وٽس ڪجهه آهي ئي ڪونه ته هن پاڻ سان گڏ شمعدان نه رکيو- ان هوندي به سندس رستي تي هلڪي هلڪي چنڊ جي چانڊوڪي پکڙيل هئي، شوال جي مهيني جي ختم ٿيڻ وارو ڪمزور هلال- جيئن جيئن هو قاضيءَ جي مسڪن کان اڳتي وڌيو هن کي باقاعده هٿوراڙيون هڻي رستو تلاش ڪرڻو پئجي ويو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا کيس ٿڏو آيو ۽ اتي ڪانڊيرن کي پڪڙي پنهنجو پاڻ کي ڪرڻ کان بچايائين ۽ پنهنجي منهن تي بيد جي وڻ جي جهڪيل شاخن جا سخت ٿڦڙ برداشت ڪيائين-

هو اڃان مشڪل سان پنهنجي ڪمري ۾ پهتو هو ته کيس مٺي مٺي لعنت ملامت جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو-

”مون ان کان پهرين تنهنجي اچڻ جي توقع ٿي رکي-“

ته ڇا هن پاڻ عورت جي باري ۾ ايتري شدت سان سوچيو هو جو هاڻي اهو وهم ٿيڻ لڳو هئس ته هو ان جو آواز به ٻڌي رهيو آهي؟ دروازي جي سامهون بيٺل جنهن کي هن آهستي بند ڪيو هجي، هن ڪنهن اڌ چهري کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي- بيڪار ڇو ته ٻيهر صرف آواز ئي آيو جيڪو ٻڌڻ لائق هو، پر هو لڪل-

”تون خاموش آهين توکي يقين ئي نه پيو اچي ته ڪا عورت ان بهادريءَ سان تنهنجي ڪمري ۾ اندر گهڙي اچڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿي- محل ۾ اسان جون اکيون چار ٿيون هيون ۽ چمڪي پيون هيون، پر اتي خان موجود هو، قاضي ۽ درٻاري به هئا ۽ تو پنهنجي نظر ڦيري ڇڏي هئي ڪيترن ئي مردن وانگر تون به نه بيٺين- پر تقدير جي روڪ ٽوڪ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو- هڪ بيواهه جي ڪري جيڪا ڏاج ۾ صرف هڪ تيز ترار زبان ۽ جنهن جي ناموس به مشڪوڪ هجي ان جي خاطر امير جي غيض ۽ غضب کي دعوت ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو؟“

ڪنهن پر اسرار طاقت عمر کي ڄڻ جهلي رکيو- هو نه چپن کي جنبش ڏيئي سگهيو ۽ نه ئي ڪا چُر پُر ڪري سگهيو-

”تون ته ڪجهه به نه پيو ڳالهائين،“ جهان نرمي سان طنز ڪندي تبصرو ڪيو- ”چڱو ڪا ڳالهه ڪونهي مان ئي ڳالهائيندي رهندس ۽ هونئن به هيستائين صرف مون ئي قدم کنيو آهي- جڏهن تون درٻار مان وڃي رهيو هئين، مون تنهنجي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ تنهنجي قيام گاهه جو پتو لڳايو- مون اهو عذر پيش ڪيو ته آئون پنهنجي سئوٽ وٽ رهڻ لاءِ وڃي رهي آهيان جنهن جي شادي سمر قند جي هڪ مالدار سوداگر سان ٿيل آهي عام طور تي جڏهن به مان درٻار ۾ ايندي ويندي آهيان ته وڃي حرم ۾ سمهي پوندي آهيان جتي منهنجون ڪجهه سهيليون آهن جن کي مون سان گڏ وقت گذارڻ پسند آهي اهي ڏاڍي شوق سان اهي ڪهاڻيون ٻڌنديون آهن جيڪي مان انهن لاءِ کڻي ايندي آهيان هنن کي مون مان ڪوبه ڊپ ڪونهي. ڇو ته انهن کي اها ڳالهه چڱيءَ ريت معلوم آهي ته مان خان جي زال بڻجڻ جي ڪا تمنا نٿي رکان- جيڪڏهن مان چاهيان ها ته کيس ريجهائي پرچائي اهو حاصل ڪري سگهيس ٿي، پر مان شاهه جي بيگمات سان گڏ ايترو وقت گذاري چڪي آهيان جو ان طرح جي قسمت مون لاءِ ڪا ڪشش نٿي رکي- زندگي مون لاءِ مردن کان وڌيڪ اهم آهي! جيستائين مان ڪنهن ٻئي جي زال آهيان، يا ڪنهن جي به ناهيان، حڪمران پنهنجي ديوان ۾ منهنجي، منهنجي شاعري جي ۽ منهنجي کلڻ، مسڪرائڻ جي نمائش جو مشتاق رهندو- پر جنهن ڏينهن هن مون سان شادي ڪرڻ جو خواب ڏٺو، هو تالي چاٻي لڳائڻ سان منهنجي شروعات ڪندو-“

پنهنجي نامعلوم ڪيفيت مان ڏاڍي مشڪل سان ٻاهر ايندي عورت جو هڪ لفظ به عمر کي سمجهه ۾ نه آيو، جڏهن هن ڪجهه ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو ته هو ساڻس گهٽ بلڪه پنهنجو پاڻ سان يا ڪنهن پاڇي سان وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو:

”ڪيترائي ڀيرا جڏهن مان نوجوان هئس، يا پوءِ ڪا نگاهه منهنجي مٿان کڄي يا ڪو مون کي ڏسي مسڪرايو ته رات جو مان خواب ۾ ڏسندو هئس ته ساڳي نگاهه مجسم ٿي وئي آهي گوشت پوست ۾ بدلجي وئي آهي ڪا عورت، اونداهي ۾ چمڪندڙ شڪل- اچانڪ هن رات جي اونداهي ۾ هن غير حقيقي جڳهه تي، هن غير حقيقي شهر ۾، تون هتي آهين- هڪ حسين عورت سون تي سهاڳو ته هڪ شاعره موجود ۽ آماده-“

هن کلي ڏنو-

”آماده اهو تون ڪيئن ٿو چوين؟ تو ته مون کي هٿ به ناهي لڳايو، مون کي ڏٺو ئي ناهي ۽ يقينن ڏسندي به نه ڇو ته مان سج جي رخصت ٿيڻ کان پهرين هتان هلي وينديس، هتان رخصت ٿي وينديس-“

ان گهري اونداهيءَ ۾ ريشم جهڙي بي ترتيب سرسراهٽ هئي ۽ خوشبو پکڙجي وئي- عمر گُنگ رهجي ويو هن جو جسم جاڳي پيو هو، هو ڪنهن اسڪول جي ڪنهن ننڍڙي ٻار وانگر سادگيءَ سان پڇڻ بنا رهي نه سگهيو:

”ڇا هينئر به توکي نقاب پاتل آهي؟“

”اڪيلو نقاب جيڪو پاتل اٿم اها رات آهي-“

…(هلندڙ)…